رانديون

شپلي جا 5 شڪار، نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 198 رنسن تان هارائي ڇڏيو

نيوزيلينڊ سريلنڪا کي پهرين ون ڊي ۾ 198 رنسن تان شڪست ڏئي تمام وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جنهن ۾ هينري شپلي 5 وڪيٽون وٺي سريلنڪن بيٽنگ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ 274 رنسون ٺاهيون، فن ايلن 51، راچن رويندر 49، ڊيرل مچل 47 رنسن جي اننگز کيڏي، گلين فلپس 39، ول ينگ 26 رنسون ڪيون. سريلنڪا جي بالرن چميڪا ڪرونارتني 4 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، لهرو ڪمار ۽ ڪوسن رجيٿا بھ 2، 2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا 275 رنسن جي هدف جي موٽ ۾ رڳو ڪيوي بالرن جا وار ڪامياب رهيا، جنهن سبب سريلنڪا جي سڄي ٽيم 76 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ 8 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ داخل نھ ٿي سگهيا، اينجلو ميٿيوز 18 رنسن سان نمايان رهيو، چميڪا ڪرونارتني 11 ۽ لهرو ڪمار 10 رنسون ڪيون. نيوزيلينڊ جي بالر هينري شپلي 5 وڪيٽون وٺي سريلنڪا کي شڪست ڏياري ڇڏي، اهڙي ريت بليئر ٽڪنر ۽ ڊيرل مچل 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button