پاڪستان جي سموري تاريخ مان پتو پوي ٿو ته جڏهن جڏهن به رياست يا رياست جي حصيدار سرمائيدار، جاگيردار اقتداري طبقي پاران آئين جي حڪمراني جو ورد وڌڻ لڳندو آهي تڏهن عوام جا لڱ ڏڪڻ لڳندا!! آخر ڇو؟ حالانڪ اصولي طور ته عوام ۾ اهو ٻڌي سرهائي عام ٿيڻ گهرجي ته اسان جي رياست آئين جي ڳالهه ڪري رهي آهي!! پر نه، عوام سرهو ٿيڻ بدران ڊپ ۾ وڪوڙجي ويندو آهي. اهو ان ڪري جو مُني صدي جو تجربو عوام کي اهو سيکاري ويو آهي ته جڏهن به هن ملڪ ۾ آئين جو ورد عام ٿيڻ لڳي ته پڪ سمجهي وڃو ته دال ۾ ڪوئي ڪارو آهي. ۽ دال ۾ اهڙي ڪارٺ جا نتيجا جيئن ته اول ڏينهن کان عوام جي خلاف ئي نڪتا آهن، تنهن ڪري عوام جو ڊڄڻ به فطري آهي.
اڄڪلهه به ملڪ ۾ ڪجهه اهڙي ئي ورد جا هر پاسي واڪا آهن. اسٽبلشمينٽ هجي يا اسان جي مانواري عدليه، حڪمران ڌر هجي يا عمراني ٽولي جا ڪارندا، سڀ جا سڀ اهو چئي رهيا آهن ته آئين جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون. هاڻ سوال اهو آهي ته هو سڀ آخر ڪهڙي آئين جو تحفظ ڪرڻ ٿا چاهين؟ اهو آئين جنهن ۾ عوام جا بنيادي انساني جمهوري حق درج ٿيل آهن، سو آئين ته هن ملڪ اندر ڪڏهن لاڳو ٿيو ئي ناهي. ايتري حد تائين جو پاڪستان جا “مردِ مجاهد” انهي آئين کي ڪاغذ جو هڪ معمولي ٽڪرو قرار ڏيندا رهيا آهن. اڌ صدي کان مٿي آمريتن جي قبضي ۾ رهندڙ هن ملڪ جون سڳوريون عدالتون به انهن آمرن جي مرضي سان آئين جون تشريحون ڪندي، ضرورت جي بنيادن تي پنهنجا نظريا گهڙينديون رهيون آهن. ان جو مطلب ته آئين جون ڌڄيون اڏائڻ پاڪستان جي اقتداري طبقن جو معمول رهيو آهي ته پوءِ اڄ وري هي سڀ ڪهڙي آئين جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سينا سپر ٿيو بيٺا آهن ۽ وڃن ٿا اڳتي وڌندا؟
ها ته پوءِ ان سوال جو سڌو جواب اهو آهي ته اهو آئين آهي پنهنجا پنهنجا گروهي مفاد بچائڻ وارو اٽڪلي دستور. ان اٽڪلي دستور جا جيڪي به نقطا آهن، تن کي گهڙين به اقتداري طبقا پاڻ ٿا ۽ وري وقت جي گهرج پٽاندڙ ان ۾ ترميمون به هو پاڻ ٿا ڪن. سو اهو آئين جيئن ته هر ڌر وٽ پنهنجي پنهنجي الڳ مخصوص شڪل صورت ۾ موجود آهي ۽ ان ۾ عوام جي عزت وقار جو ڪو نقطو پري پري تائين شامل ناهي، تنهن ڪري اهڙي آئين سان عوام جون همدرديون به ناهن. اهو آئين پائمال ٿئي ٿو يا لاڳو، عوام کي ان سان هاڻ ڪوبه سروڪار ناهي رهيو.
ان تناظر ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته پاڻ کي اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو به آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن امن مان ۽ ڪجهه ٻين فني مشڪلاتن جو ٻڌائيندي 30 اپريل تي اعلانيل وچين مدي واري صوبائي اليڪشن کي ملتوي ڪري، آڪٽوبر ۾ عام اليڪشن سان گڏ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي کي حڪمران اتحاد نج آئيني فيصلو قرار ڏيئي، اليڪشن ڪميشن کي انهي ملڪ دوستي تي مبارڪون ڏيئي رهيو آهي، جڏهن ته عمراني ٽولي جو اهو موقف آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين جي خلاف فيصلو ڏنو آهي ۽ اهڙي فيصلي خلاف هو سپريم ڪورٽ کي دانهن ڏيندا. وڪيلن ۽ قانوني ماهرن جي راءِ جو جيتريقدر تعلق آهي ته حڪمران اتحاد جا اتحادي ۽ حمايتي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي کي مڪمل طور جائز قرار ڏيندي، ڪامل قانوني نقطن سان ان جو دفاع ڪري رهيا آهن جڏهن ته حڪومت مخالف وڪيلن وٽ وري اهو دليل آهي ته اليڪشن ڪميشن مٿان سڌو سنئون عدالت جي توهين جو ڪيس بيهي ٿو.
هاڻ پاڻ جيڪي اڻپڙهيا ماڻهو آهيون، سي وڃون ته ڪيڏانهن وڃون؟ ڪنهن کان وڃي نئين سر اهو آئين سمجهون، جنهن جون هر ڏينهن نيون تشريحون اينديون رهن ٿيون. دنيا جا جيڪي به ملڪ آهن، تن مان ڇا توهان کي ڪوبه اهڙو ملڪ سجهي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جهڙا آئيني مونجهارا ڏٺا ويا هجن!؟ توهان ڀلي ڪيتري به تحقيق ڪري ڏسو، اهڙو سڀاڳو ملڪ توهان کي ڌرتي جي گولي مٿان ٻيو ڪٿي به ڪونه ملندو. تنهن ڪري اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته آئين ٻائين جو جيڪو به ذڪر ٿئي پيو، ان ۾ جيڪي فيصلا حڪمران ڌر جي واري ۾ هوندا سي حڪمران ڌر جي نظر ۾ آئين موجب هوندا ۽ جيڪي فيصلا عمران خان جي حق ۾ هوندا سي عمراني ٽولي جي نظر ۾ آئين موجب هوندا. سو اهي ٻئي ٽولا وڃي ڀلي پنهنجو پنهنجو طئي ڪيل آئين بچائين پر هڪڙي ڳالهه عمراني ٽولي توڙي حڪمران اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين کي ذهن ۾ ويهاري ڇڏڻ گهرجي ته ڪروڙن ۾ موجود عظيم عوام جو پورهيت طبقو به هن ملڪ جو ئي شهري آهي ۽ ان جي جان، مال توڙي عزت، صحت ۽ روزگار جي تحفظ جا به ڪي نقطا ملڪي آئين ۾ درج آهن، جن تي ڪڏهن عمل ناهي ٿيو ۽ اهو پورهيت طبقو اقتداري طبقن جي آئين کان ڪالهه به لاتعلق هو ۽ اڄ به لاتعلق آهي. انهي پورهيت طبقي جي نيڻن ۾ جنهن آئين جي حڪمراني جو خواب آهي، تنهن جا ڏينهن هاڻي انتهائي ويجها اچي پهتا آهن. هن ملڪ جي اقتداري طبقن جون بدعنوانيون ۽ بي ايمانيون ملڪي نظام کي جنهن موڙ تي وٺي آيون آهن، اتي هن نظام جي حالت تري ٽٽل ٿانوَ جهڙي آهي ۽ ترو به اهڙو ٽٽو آهي جو ان کي هاڻ ڪا چتي به نٿي لڳي سگهي. سو اهڙي ٿانوَ ۾ نه اتحادي ڌر ۾ شامل حڪمران ڌريون ڪجهه ڀري کڻي ٿيون سگهن ۽ نه ئي عمراني ٽولي جي اها وس جي ڳالهه آهي. هي سڀ ڀل ڪيتريون به ڪوششون ڪن، ٿيڻو ان ڪري ڪجهه ناهي جو سڀني جي نيتن ۾ رولو آهي ۽ عوام کي انهي رولي جو ڀلي ڀت اندازو آهي.
تنهن ڪري پاڻ ان راءِ جا آهيون ته هن ملڪ جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ جمهوريت دوست ڌرين لاءِ ماحول جُڙي آيو آهي ته اهي سڀ گڏجي هن ملڪ جي اقتداري طبقن کان اهو سوال ڪن ته اسان کي به آئين سمجهايو وڃي. آخر اهو ڪهڙو آئين آهي، جنهن جي اوهين ڳالهه ڪري رهيا آهيو!؟ مثال طور جيڪڏهن هو ڳالهه ڪن ٿا 1973ع واري آئين جي ته ان آئين ۾ جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن لاءِ واضح سزا ٻڌايل آهي ته پوءِ ڇا اڄ ڏينهن تائين هن ملڪ اندر ڪنهن به آمر لاءِ اسان جي مانواري سڳوري عدالت اها سزا ٻڌائي آهي؟ جواب نه ۾ آهي. ته پوءِ اهي عدالتون اڄ وري ڪهڙو آئين بچائڻ لاءِ نڪتيون آهن!؟ سو سائين منهنجا!! توهين سڀ هاڻ اسان کي وڌيڪ سرمو ان ڪري نٿا پارائي سگهو جو اسان جي اکين ۾ هاڻ ڪا جاءِ بچي ئي ڪانهي. اسين جيڪي عوام آهيون، سي هاڻ ڪنهن جو به ڪوئي نئون سرمو ڪونه پائينداسين. بلڪ اسين سڀ هاڻ انهي تڙ جي تلاش ۾ آهيون جنهن تي پهچي اسين مُني صدي کان پاتل اهو ڪوڙو سُرمو ڌوئي، پنهنجون اکيون صاف ڪري سگهون ته جيئن اسان کي اڳيان جو هموار ۽ سڌو رستو چِٽو ڏسڻ ۾ اچي سگهي.
اهو رستو ڪهڙو آهي؟ ها هي اهو ئي رستو آهي جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ هر مظلوم قوم ۽ طبقي پنهنجي نجات لاءِ ورتو آهي. اهو رستو جيڪو پورهيت عوام جي حقيقي نجات جو رستو آهي. جنهن راهه جو پنهنجو الڳ قانون ۽ آئين آهي. جتي اهو طئي ٿيل آهي ته جيستائين دنيا مان سرمائيداري ختم نه ٿيندي تيستائين سڀ ڍونگ آهي. ها اهو ڍونگ، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ به جاري آهي. اسان جو اهو ملڪ جتي نيم سرمائيدار ۽ جاگيردار نمائيندا چون ٿا ته هو هارين ۽ مزدورن جي حقن جا محافظ آهن!! ڪيڏي نه شرم جهڙي ڳالهه آهي!! ڇا گدڙ به ڪڏهن آنڊن جا واهي ٿيا آهن!؟ جي نه ته پوءِ هي سرمائيدار ۽ جاگيردار وري اسان جا محافظ ڪيئن ٿيا؟ ته پوءِ اچو ته اهڙي آئيني آجپي لاءِ جدوجهد ڪريون، جنهن جي لاڳو ٿيڻ سان صدين جا ڪوڙا برج وڃي پٽ پون ۽ پاڻ پسي سگهون اهو سڀڪجهه جيڪو آزاد ۽ خودمختيار قومن جو مرڪ رهيو آهي.