شوبز

نفرت ڪندڙ منهنجي زندگي جي ڪل ڪمائي آهن: مٿيرا

پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مٿيرا خان تنقيد ڪندڙن کي کرو جواب ڏيندي چيو آهي تھ نفرت ڪندڙ ماڻهو ئي منهنجي زندگي جي ڪل ڪمائي آهن. ميڊيا مطابق مٿيرا جي سماجي رابطن واري پيج تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن مٿس چٿرون يا نفرت جو اظهار ڪندڙن کي پيغام ڏنو آهي. مٿيرا خان جو چوڻ هو تھ ماڻهن جي نفرت جي وچ مان ئي منهنجي تخليقي صلاحيتن ۾ بهتري اچي ٿي، ڇوتھ اوهان جي نفرت اهو ٻڌائي رهي آهي تھ مون تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو تھ منهنجي ڪم تي نظر ۽ تنقيد بعد مان پنهنجو پاڻ ۾ سڌارا آڻيندي رهان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button