ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هٿرادو مهانگائي

Editorial

رمضان جي اچڻ سان ئي مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو آهي هڪ هفتي ۾ شرح هڪ ڏهائي 80 سيڪڙو واڌ سان مجموعي طور تي رڪارڊ 46 ڏهائي 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هڪ هفتي ۾ 26 شين جون قيمتون وڌيون. ڳڻپ واري اداري هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب رمضان جو مهينو ايندي ئي 26 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اٽي جو ٿيلهو، ٽماٽا، پٽاٽا، دال کنڊ ۽ گيهه جي اگهن ۾ اضافو ٿيو. تازو ئي هفتي دوران ٽماٽر جي في ڪلو قيمت 58 رپين مان وڌي 100 رپيا ٿي وئي. 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1817 رپين مان وڌي 2587 رپيا ٿي ويو. پٽاٽي جي هڪ ڪلو قيمت ۾ 6 رپيا، کنڊ جي قيمت ۾ 81 پئسا اضافو ٿيو. دال ماش جي في ڪلو قيمت 415 رپين مان وڌي 421 رپين کان وڌي وئي. اڍائي ڪلو گيهه ڪارٽن، تازو کير، ڏهي، مٽن، چانور جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هڪ هفتي ۾ ڪيلا 21 رپيا 57 پئسا في درجن، چانهه جي پتي جو پيڪٽ 34 رپيا 37 پئسا، ٻاڪرو گوشت 13 رپيا 78 پئسا في ڪلو مهانگو. وڏو گوشت 6 رپيا 31 پئسا اڍائي ڪلو، گيهه ڪاٽن 8 رپيا 84 پئسا مهانگو ٿيو.
هوڏانهن حيدرآباد ۾ اٽي، ڀاڄين، ميون ۽ گوشت سميت کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن. دڪاندارن شين جي سرڪاري لسٽ تي عمل نه ڪيو آهي. اٽو 140 کان 150 روپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي. مرغي جو گوشت 6 سئو کان ساڍا 600 ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. بيسڻ بي قسم جي سرڪاري قيمت 185 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جيڪو پوڻا 3 سئو روپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته دالين ۽ سبزين جا اگهه پڻ چوٽ چڙهي ويا ويا آهن. ٽماٽا 80 روپيا ڪلو ۽ پٽاٽا 60 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهي. ڪيلا 2 سئو 60 رپيا درجن وڪرو ڪيا پيا وڃن. کير جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. 160 في ڪلو بدران 170 کان 180 روپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته آئل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ پڻ 80 کان 90 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي. دڪاندارن طرفان مهانگو سامان وڪرو ڪرڻ تي شهرين دانهيو ته رمضان جي مهيني ۾ دڪاندارن ۽ مارٽ مالڪن کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان تي پهچائي ڇڏيون آهن. جنهن سان پورهيت طبقو ۽ ڏهاڙيدار ماڻهو مشڪل ۾ اچي ويا آهن. دادو ۾ رمضان شروع ٿيندي ئي منافعي خور سرگرم ٿي ويا آهن. کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. مرغي جو گوشت 600 روپيا ڪلو، 25 روپيه ڪلو وارو ٽماٽو رمضان شريف ٿيندي ئي 150 تي پهچي ويو. 30 رپيا ڪلو پٽاٽو 50 روپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. بصر 150 روپيا ڪلو ٿي ويو. ڀينڊي 200 روپيا ڪلو، پالڪ 80، توري 120 روپيه ڪلو ٿي وئي. جڏهن ته کجور 600 روپيه ڪلو، صوف 500 روپيه ڪلو، نارنگي 400 روپيه، ڇانهي 80، گدرو 80، چڪو 400 روپيه ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. دادو جي سول سوسائيٽي مطالبو ڪيو آهي ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
بدين ضلعي جي سمورن تعلقي ھيڊڪوارٽرن ۾ قائم ڪيل بچت بازارون ناڪام ٿي ويون آهن. بازارن ۾ اٽو کنڊ فروٽ سبزيون موجود نه ھجڻ تي عوام بازار جو رخ ڪرڻ ڇڏي ڏنو بچت بازار ۾ ويٺل واپاري سڄو ڏينھن گراھڪن جو انتظار ڪندا رھيا پر اٽو کنڊ ۽ سستي اگهھ تي فروٽ سبزي نه ھجڻ سبب ماڻھن سستي بازارن جو رخ ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ ايڊمنسٽريٽر پاران تاريخي قلعي جي مک گيٽ تي لڳايل رمضان بچت بازار ۾ هڪ به اسٽال لڳي نه سگهيو، رمضان بچت بازار ۾ سستي شين جا اسٽال نه لڳڻ سبب شهري اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ ڀاڄي ۽ فروٽ جي ريڙها لڳائيندڙ پورهيتن چيو ته اسان کي منڊي مان مهانگيون شيون ملن ٿيون، تنهن ڪري اسان هتي سرڪاري اگهه تي سامان نٿا وڪرو ڪري سگهون.
سوال اهو آهي ته هن هيڏي وڏي مهانگائي تي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ خاص ڪري رمضان ۾ جيڪا ٻيڻ ٽيڻ تي هٿرادو مهانگائي ڪئي وئي آهي، نيٺ ان جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ اسان جو حڪومت کام مطالبو آهي ته هٿرادو مهانگائي جو جلد خاتمو آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button