“رينڪيوليو هتي مون کي پنهنجي ڀيڻ بابت ٻڌايو ۽ مون هن کي چيو ته: جتي پادري ۽ ڊاڪٽر ناڪام ٿي ويندا آهن، اتي فوج سوڀاري ٿيندي آهي.”
چليءَ جي مشهور ناول نگارا ايسابيل ايلنڊي جو هي جملو آمريت واري سوچ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿو ۽ جڏهن ناول ۾ هي جملو ليوٽيننٽ رميريز واتان ٻڌجي ٿو ته اهو پڻ احساس ٿئي ٿو ته آمريت دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڇو نه هجي پر جتي ڪٿي ان جي سوچ ساڳي ئي رهي ٿي. اهڙي نموني ناول ۾ هڪ ٻئي هنڌ آمريت جو دفاع ڪندي هڪ فوجي ڪردار چئي ٿو:
“فوج جي حڪومت تي قبضو ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن کي ٻڌايو ويو ته دشمن جي خواهش هئي ته فوج کي تباهه ڪري ۽ هتي سويت واري بربريت قائم ڪري. سچ به دشمن ڏاڍو خطرناڪ ۽ چالاڪ هوندو، ڇو ته ان ڏينهن تائين سوا فوجي ڪمانڊرن جي ٻيو ڪنهن کي به اهڙي رتوڇاڻ واري رٿ جي خبر نه پئجي سگهي هئي. اهي فوجي ئي هئا جيڪي قومي مفاد لا سدائين اکيون کولي ويٺل هوندا هئا. جيڪڏهن فوج وک نه وڌائي ها ته سمورو ملڪ روسين جي قبضي ۾ اچي وڃي ها.” جڏهن ناول جو هي ڊائلاگ پڙهجي ٿو ته هڪ ڀيرو وري احساس ٿئي ٿو ته فوج جتي به حڪومتن تي قبضو ڪندي آهي، ان جو سڀ کان وڏو جواز قومي سلامتي هوندو آهي. جيئن 1999ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف نواز شريف جي حڪومت تي قبضو ڪيو ته هن به اهو ئي قومي سلامتي ۽ ملڪ کي دشمن کان خطري جو جواز ڄاڻايو.
شايد اهو ئي افساني ادب جو ڪمال آهي ته جڏهن ان کي پڙهجي ٿو ته ماڻهن ان ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي حالتن کي ڳولڻ لڳي ٿو، پو ڀلي اهو دنيا جي ڪهڙي به حصي جو ۽ ڪهڙي به ٻولي جو ادب ڇو نه هجي. جيئن جڳ مشهور ناول نگار اورحان پاموڪ پنهنجي ناول “دي نائيٽس آف پليگ” ۾ ڄاڻائي ٿو ته “ناول جو فن ان ڪرافٽ تي آڌاريل آهي ته اوهان ٻين جي ڳالهه اهڙي نموني ڪيو جو اها اوهان جي پنهنجي لڳي ۽ پنهنجي ڳالهه وري اهڙي نموني ڪيو جو اها ٻين جي لڳي.”
چلي جي مشهور ليکڪه ايسابيل ايلنڊي جي هن ناول جنهن جو عنوان “آف لو اينڊ شيڊوز” آهي ۽ جيڪو سال 1984ع ۾ ڇپيو، هن ناول ۾ به ان فن جي ڀرپور عڪاسي ڪيل ملي ٿي.
ايلنڊي جو جنم پيرو ۾ ٿيو، پر اتان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري هن کي ملڪ ڇڏي وينزولا ۾ رهڻو پيو. اتان وري هو چليءَ ۾ رهڻ لڳي، پر اتان جي ابتر حالتن جي ڪري به هن کي جلاوطن ٿيڻو پيو ۽ هو آمريڪا ۾ رهڻ لڳي. ايلنڊي جو پهريون ناول “هائوس آف اسپرٽس” جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو، ان کي وڏي مڃتا ملي ۽ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي انداز جي ڪري نقادن ان ناول لا لکيو ته “اهڙن ناولن جهڙو هڪ ناول، جيڪي هاڻي وڌيڪ نه لکجي رهيا آهن، مضبوط پلاٽ ۽ نازڪ نفيس ڪردارن سان ڀريل هڪ ڪهاڻي جيڪا ٽن نسلن جي ويڇن ۽ ٺاهن جي ڳالهه ڪري ٿي. هڪ اهڙو ناول جيڪو فني گهرجن کي پورو ڪري ٿو ۽ جنهن کي وري وري پڙهڻ تي دل چئي ٿي.”
هن ناول ۾ ايلنڊي جادوئي حقيقت نگاريءَ کي استعمال ڪيو آهي، جنهن جي ڪري نقادن اهو به خيال ظاهر ڪيو ته اهو ناول گارشيا جي ناول 100 ايئرز آف ساليٽيوڊ کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي، پر ايلنڊي دنيا کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي انداز سان متاثر ڪيو. هن جي لکڻين جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي ٽن ناولن “دي هائوس آف اسپرٽس، آف لو اينڊ شيڊوز ۽ ايوا لونا” تي آفريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ 1995ع ۾ “Magic Realism and Isabel Allende” جي عنوان سان تحقيق ڇپي. هن جي ناولن جي حوالي سان اهو پڻ چيو ويندو آهي ته اهي گهڻي ڀاڱي هن جي ئي ذاتي تجربن جي عڪاسي ڪندڙ آهن، جن ۾ هو تاريخي واقعن، لوڪ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن کي خوبصورت نموني سان استعمال ڪري ٿي. اهڙو ئي لقا اسان کي هن جي ناول “آف لو اينڊ شيڊوز” ۾ به پڙهڻ لا ملي ٿو. هي ناول لڳ ڀڳ 300 صفحن جو آهي ۽ هن جي اڪثر ناولن جيان هن ناول جو مک ڪردار ارين بيلٽارن نالي هڪ نوجوان مائي آهي، جيڪا هڪ فيشن ميگزين لا ڪم ڪري ٿي، ارين جو مڱڻو پنهنجي سئوٽ گستاوو مورنٽي سان ٿيل آهي جيڪو فوج ۾ ڪپتان آهي. ارين جو پيءُ هن جي ماءُ کي ڇڏي وڃي ٿو، جنهن کانپو پئسن جي تنگي جي ڪري اهي پنهنجي گهر جو هيٺيون حصو پوڙهن ماڻهن کي ڀاڙي تي ڏين ٿيون ۽ ان جو نالو ‘The will of God Manor’ آهي. ارين پنهنجي ما بيلٽرڪس الڪينٽرا سان رهي ٿي، جيڪا آمريت جي حامي آهي ۽ هن جي زندگي جو مقصد عياشي ڪرڻ آهي. هو ارين کي زور ڀري ٿي ته هو جلد کان جلد فوجي ڪپتان سان شادي ڪري جيئن کين ڪنهن ڏکائي کي منهن نه ڏيڻو پئي. پر ايتري تائين ارين جي زندگي ۾ فرانسسڪو ليل نالي فوٽو جرنلسٽ اچي وڃي ٿو، جيڪو هن سان ئي گڏ ڪم ڪري ٿو. بنيادي طور فرانسسڪو نفسياتي ماهر آهي، پر هن کي عملي نفسيات جي اجازت نٿي ملي ۽ هو ميگزين جو فوٽوگرافر ٿي وڃي ٿو. هن جو پيءُ پروفيسر ليل هڪ مارڪس وادي آهي ۽ پنهنجي خيالن جي ڪري اسپين مان جلاوطن ٿي اتي (چلي) ۾ پهچي ٿو. هتي به هن کي معاشي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هن جي خيالن جي ڪري نوڪري به هلي وڃنس ٿي ۽ گهر جي رڌڻي ۾ پرنٽنگ پريس هلائڻ لڳي ٿو ۽ ڪميونزم جي پرچار لا پمفليٽ ڇپي ماڻهن ۾ ورهائي ٿو، پر جڏهن اتي به فوجي آمريت اچي ٿي وڃي ۽ گهر گهر تي ڇاپا لڳڻ شروع ٿين ٿا ته هن جا پٽ هن جي پرنٽنگ مشين وڪرو ڪري ڇڏين ٿا. معاشي تنگي جي ڪري هن جو وڏو پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو، جنهن کانپو پروفيسر ليل زال کي چئي ٿو ته هاڻي اهي ڪڏهن به اسپين موٽي ڪونه سگهندا، هاڻي هي ئي هنن جو وطن آهي.
هن ناول جو ٽيون اهم ڪردار 15 سالن جي ڇوڪري ايونجلينا آهي، جنهن کي دورا پوندا رهن ٿا ۽ انهن دورن جي ڪري ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ولي سمجهڻ لڳن ٿا. ارين پنهنجي ميگزين لا ايونجلينا تي اسٽوري ڪرڻ گهري ٿي ۽ انهي ڪري فرانسسڪو سان گڏ هن جي ڳوٺ وڃي ٿي. هو مختلف ماڻهن کان ان ڇوڪري جي ڪهاڻي پهچندي رهي ٿي، ڪو ان کي نفسياتي مريض سڏي ٿو، ته ڪو وري چئي ٿو هن سان جنسي مسئلا آهن، جيڪڏهن هن جي شادي ڪرائي وڃي ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. جڏهن ته ڳوٺاڻا وري هن کي پهتل هستي طور ڏسن ٿا ۽ جڏهن به هن کي دورو پئي ٿو ته گڏ ٿي هن کان پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪرڻ لا دعائون گهرائين ٿا. ڏينهن جي مخصوص حصي ۾ ان ڇوڪري کي دورو پوندو آهي ۽ سڀ اڱڻ ۾ گڏ ٿي ويندا آهن. ارين اڃا اها اسٽوري ڪري ٿي ته اتي اوچتو ئي اوچتو فوجي ڇاپو لڳي ٿو، جنهن جي اڳواڻي ليوٽيننٽ رميريز ڪري ٿو، هن جي ٽولي ۾ ايونجلينا جو ڀا پراڊيليو به آهي. هن پنهنجي آفيسر سان پنهنجي ڀيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کانپو اهو ڇاپو لڳو. پر جڏهن اهو آفيسر ان 15 سالن جي ڇوڪري ۾ هٿ وجهي ٿو ته ان ۾ ايتري طاقت اچي وڃي ٿي جو ان آفيسر کي ڳٿڙ کان پڪڙي چيڪي مٽيءَ ۾ اڇلائي ٿي، ان عمل تي هر ڪو ڊڄي وڃي ٿو، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي ها اهو ٿي ٿو وڃي. فوجي آفيسر پنهنجي ساٿين سان وٺي ڀڄي ٿو ۽ وڃڻ کان اڳ فرانسسڪو کان ڪميرا ڦري ان جو ريل وڃائي ڇڏي ٿو. پر هن جي من ۾ باهه لڳل آهي ڪجهه ڏينهن ۾ هو ايونجلينا کي کڻائي وٺي ٿو ۽ ان سان جنسي ڏاڍائي ڪري کيس قتل ڪري ڇڏي ٿو.
جڏهن ارين ۽ فرانسسڪو کي ان ڳالهه جي خبر پئي ٿي ته اهي ايونجلينا جي ڳولا ۾ نڪري پون ٿا. هنن سان گڏ ٻين کنڀي گم ڪيلن جا وارث به احتجاج ڪرڻ لڳن ٿا ۽ هڪ تحريڪ شروع ٿي وڃي ٿي. گهر گهر ته ڇاپا لڳن ٿا. ارين ۽ فرانسسڪو کي ڌمڪيون ملڻ لڳن ٿيون ۽ نيٺ ارين کي ايونجلينا جي ڀا جي خبر پئي ٿي ته اهو فوج ڇڏي چڪو آهي. اهي هن جي ڳولا ۾ نڪري پون ٿا. هو کين جبلن ۾ لڪل ملي ٿو ۽ انهن کي هڪ کاڻ جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. جڏهن ارين وارا ان کاڻ تي پهچن ٿا ته ان ۾ کين 15 لاش ملن ٿا، انهن ۾ ايونجلينا جو لاش به آهي. باقي 14 لاش هارين جا آهن جن کي به ليوٽيننٽ دشمن جو ايجنٽ ڄاڻائي ماري پوري ڇڏيو هو. ان تي انڪوائري ٿيڻ لڳي ٿي، ميڊيا ۾ ڳالهيون اچن ٿيون. پر ان انڪوائري کانپو ليوٽيننٽ کي باعزت بري ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس ٻلو ڏئي ان جو عهدو به وڌايو وڃي ٿو.
هاڻي ارين ۽ فرانسسڪو لا خطرو وڌي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن ڳجهن هٿن پاران ارين کي مٿي ۾ گولي هڻائي وڃي ٿي، پر هو بچي وڃي ٿي. هن ناول جي پڄاڻي ارين ۽ فرانسسڪو جي جلاوطني سان ٿئي ٿي.
هي ناول فني اعتبار کان هڪ لاجواب ناول آهي، انهي سان گڏ آمريت خلاف عورتن جي جدوجهد ۽ سندن ڀوڳنائن جي به سهڻي نموني نشاندهي ڪري ٿو. هن ناول جي ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ان جي ڪهاڻي پڙهندي ايئن لڳي ٿو ڄڻ هي ناول پاڪستان ۾ آيل آمريتن جي پسمنظر ۾ لکيل هجي. مان سمجهان ٿو ته هن شاندار ناول جو سنڌي ۾ لازمي ترجمو ٿيڻ گهرجي.