ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪا ڊائري: پلٽزر سينٽر ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

تحقيقاتي صحافت سڄي دنيا جي صحافت ۾ اهم شعبو آهي. ان قسم جي صحافت وسيلي وڏن وڏن معاملن جا منجهيل سُٽ کُلي پوندا آهن، ڪيتريون ئي نيون حقيقتون ۽ انڪشاف سامهون اچي ويندا آهن. جنهن کان پوءِ لاڳاپيل ادارا تحرڪ ۾ ايندا آهن. اسان جي ملڪ ۾ تحقيقاتي صحافت نه هئڻ برابر آهي. پر دنيا جي ملڪن ۾ اها صحافت وڏي اهميت واري آهي. نه رڳو انفرادي طور صحافي ڪم ڪندا آهن پر ادارا به وڏي پئماني تي تحقيقاتي صحافت کي هٿي ڏيندا آهن ته جيئن عوامي مسئلن کي بهتر نموني اجاگر ڪري سگهجي.
آمريڪا ۾ موجود ٻين ادارن وانگر پلٽزر سينٽر به هڪ اهڙو ادارو آهي، جيڪو صحافتي ذميواريون نڀائيندي گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي. هن اداري جو ڪم رڳو آمريڪا تائين محدود ڪونهي پر سڄي دنيا جي ملڪن لاءِ اهو ادارو پنهنجون خدمتون آڇي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ جتي به ڪو اهڙو مسئلو ٿئي ٿو، جنهن سان وڏي پئماني تي انساني زندگيون متاثر ٿين ٿيون، اتي پلٽزر سينٽر اسٽوريون ڪرڻ ۾ جنبي ويندو آهي. هي ادارو عالمي سطح تي آزاد صحافت کي هٿي ڏئي ٿو. ادارو گهڻو ڪري انهن موضوعن تي ڪم ڪري ٿو، جيڪي گهٽ رپورٽ ٿين ٿا. ان کان سواءِ هي ادارو پنهنجون خدمتون پڻ انهن صحافين کي آڇي ٿو، جيڪي ڪن سببن جي ڪري ڪا تحقيقاتي رپورٽ ڇپائي نٿا سگهن. هن اداري جي آفيس واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي.
پلٽزر سينٽر ۾ اسٽيو اسپائنزا سان ملاقات ٿي. اسپائنزا ايوارڊ کٽيندڙ ڊاڪيومينٽري پروڊيوسر آهي. جيڪو هڪ درجن ملڪن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي ۽ انساني معاملن جي حوالي سان رپورٽنگ ڪندو رهيو آهي. هو هيٽئي ۽ ڊامينڪ رپبلڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي بيمارين، سيراليون ۾ ننڍي ڄمار جي فوجين، بنگلاديش ۾ ماحولياتي پناهگير ۽ ڪمبوڊيڊيا ۾ بارودي سرنگن کان بچي ويل ماڻهن تي ڪم ڪري چڪو آهي. گذريل ويهن سالن کان هو ٽي وي، آن لائين لاءِ اسٽيوريون پروڊيوس ڪندو رهيو آهي. هن جون ڪيل رپورٽون پي بي ايس، نيويارڪ ٽائيمز، دي فنانشلز ٽائيمز، اين پي آر ۽ الجزيرا ۾ اچي چڪيون آهن. هو Easy Like Water جو سينيميٽوگرافر رهيو آهي. جيڪا نگلاديش ۾ ماحُولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪيل هڪ ڊاڪيومينٽري هئي. جنهن 2013ع ۾ سني گولڊن ايوارڊ به ماڻيو هو. سال 2009ع ۾ کيس لائيو هوپ ڊاٽ ڪام تي ڪيل هڪ ملٽي ميڊيا پراجيڪٽ جميڪا ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز تي هو، ان تي به کيس ايوارڊ ڏنو ويو. 2002ع ۾ هن هڪ پروگرام ڊيڊ لاڪ رشيا فارگاٽين وار، سي اين اين لاءِ ڪيو، جنهن ۾ کيس سني گولڊن ايوارڊ مليو. هن وقت هو پلٽزر سينٽر ۾ سينيئر اسٽريٽجسٽ آهي.
هي هڪ اهڙي صحافي جو مختصر تعارف آهي، جيڪو پنهنجي پر ۾ ڪيترائي ڪم ڪري چڪو آهي ۽ ڪيترائي ڪم ڪري پڻ رهيو آهي. هو هڪ اهڙو صحافي آهي، جنهن اڪيلي سر ڪئين موضوعن تي ڪم ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين به هو تحقيقاتي صحافت کي هٿي ڏئي رهيو آهي.
پلٽرز سينٽر گهڻو ڪري انهن موضوعن تي ڪم ڪندو آهي، جيڪي سماج ۾ وڌيڪ بحران پيدا ڪندڙ هوندا آهن. مثال طور ڪووڊ-19، منشيات، ماحُوليات، خوراڪ، صحت يا مقامي ماڻهن جا مسئلا. پر ان کان سواءِ به ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، جن تي ادارو ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ شرط اهو آهي ته ڪوبه صحافي پهرين هن اداري کي پنهنجي چونڊيل موضوع جي حوالي سان خيال پيش ڪري. ان مسئلي تي هو ڪهڙي ريت ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪهڙا ڪهڙا معاملا پنهنجي اسٽوريءَ ۾ ڏيڻ چاهي ٿو، اهي سڀئي شيون مختصر نموني پيش ڪيون وڃن. سنڌي صحافت ۾ آئيڊيا پچ ڪرڻ جو رواج ئي ڪونهي. 99 سيڪڙو صحافين کي اها خبر ئي ڪونهي ته ڪنهن اداري لاءِ جڏهن ڪم ڪبو آهي ته آئيڊيا ڪيئن تيار ڪبو آهي. ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون شامل هونديون آهن ۽ هڪ بهترين پچ تيار ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ضروري جز هوندا آهن. تنهنڪري اسان وٽ ان معيار جو ڪم به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ تي روٽين جون خبرون نه ته تحقيقاتي صحافت آهي ۽ نه ئي اهو ڪو اهڙو محنت طلب ڪم آهي.
پلٽرز سينٽر ان حوالي سان دنيا جي سڀني صحافين لاءِ هڪ اهڙو بهترين پيلٽ فارم آهي، جيڪو صحافين کي بهترين سهولتون پڻ فراهم ڪندو آهي ته جيئن اهي ڪنهن به اسٽوريءَ تي جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪن ته کين ڪنهن تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي.
پلٽزر سينٽر هڪ ساکائتو صحافتي ادارو آهي. هي ادارو صحافين جي رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. هن اداري جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي ڪم ڪرائڻ يا ڪنهن به اسائنمينٽ اسٽوريءَ لاءِ پئسا ڏيندو آهي. هر اسٽوري لاءِ گرانٽ رکيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي انگلش نٿي اچي ته اهو صحافي پنهنجي اسٽوري سنڌي يا ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڇپرائي ۽ ترجمو ڪرائي ته ترجمي نگار لاءِ به پئسا هي ادارو ڏيندو آهي. ان کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن صحافي کي لڳي ٿو ته سندس ڪيل اسٽوري پنهنجي ملڪ ۾ ڇپجي نٿي سگهي ته ادارو ان کي ايڊيٽر ۽ ڪنهن ميديا هائوس جي سهولت ڏيندو ته جيئن اتي اها اسٽوري ڇپجي سگهي ۽ ڪو رسڪ نه رهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ملٽي ميڊيا هر قسم جو مواد هي ادارو کڻندو آهي. ايستائين جو توهين فوٽو گرافر به ڏهاڙي تي وٺي سگهو ٿا جنهن لاءِ پئسا ادارو ڏيندو. انهن سڀني ڳالهين کان اهم اها آهي ته پنهنجي اسٽوري جو آئيڊيا ۽ پروپوزل جاندار هجي ته جيئن ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ ادارو راضي ٿي وڃي.
جيڪڏهن پلٽزر سينٽر جي ويب سائيٽ تي وڃي ته اتي مختلف قسم جون گرانٽون رکيل آهي، جن وسيلي صحافي پنهنجي پسند جي موضوع تي ڪم ڪري سگهن ٿا. جنهن ۾ پهرين 250 لفظن جو هڪ آئيڊيا پيش ڪرڻو هوندو آهي، اهو عمل مڪمل طور هڪ پروپوزل هوندو آهي، جنهن وسيلي اسٽوريءَ جو موضوع، ان جا ڪردار، علائقو ۽ ماهراڻي راءِ شامل هوندي آهي. جنهن کان پوءِ اهو پڻ ڄاڻايو ويندو ته اها اسٽوري پرنٽ ميڊيا لاءِ آهي، وڊيو گرافي ٿيندي يا وري ڪنهن ٽي وي چينل لاءِ پئي ڪئي وڃي. پر اهو ضروري آهي ته جنهن اسٽوريءَ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان ۾ ڪا نواڻ هجي، ڪي اهڙيون حقيقتون سامهون آنديون وڃن، جيڪي ان کان اڳ ۾ پڙهندڙن تائين نه پهچي سگهيون آهن. ڇاڪاڻ ته پلٽزر سينٽر پنهنجن پڙهندڙن کي ڪجهه نئون ڏيڻ چاهي ٿو.
ان حوالي سان پلٽرز سينٽر جي ويب سائيٽ تي سڀئي هدايتون موجود آهن. گرانٽ سڄو سال موجود هوندي آهي، ان لاءِ بس هڪ بهترين اسٽوري پروپوزل جي ضرورت هوندي آهي. آمريڪا ۾ موجود پلٽزر سينٽر ۾ اسٽيو اسپائنزا سان ملي اهو احساس ٿيو ته اهي ادارا هر اسٽوريءَ تي ڪيتري محنت ڪن ٿا ۽ ڪهڙي ريت اهي سماج ۾ موجود مختلف مسئلن کي اهم سمجهن ٿا، جن کي صحافت وسيلي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
سنڌ ۾ ڪئين اهڙا موضوع پيا آهن، جن تي تحقيقاتي صحافت ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته روايتي صحافت کي پاسيرو رکجي ۽ صحافت جون جيڪي جديد گهرجون آهن، انهن کي ڪتب آڻڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button