ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جو هٺ،عمران خان کي فائدو پهچائي پيو

Editorial-Article- Allahbux Rathore

چيو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ، عام چونڊن سان گڏ ڏيڻ واري فيصلي، ميان نواز شريف جي ڏيهه واپسي کي التوا ۾ وجهي ڇڏيو آهي. نواز شريف لاءِ هي تاثر آهي ته هو هينئر به هوڏ تي قائم آهي، هو لڳاتار اسٽيبلشمنٽ کي محسوس ڪرائي رهيو آهي ته ان عمران خان کي اقتدار ۾ آندو، ان ڪري هو جيستائين انهن ڪردارن مان جان آجي نٿا ڪرائين، جيڪي ان عمل پٺيان هئا، ايستائين هو ڏيهه نه ورندو. هو عمران خان کي سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ جي به ڳالهه ڪري پيو، ان جو اظهار هن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو هو. پر نواز شريف کي به ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن هو ڏيهه نٿو وري ته موجوده سياسي سيٽ اپ به ائين ئي هلندو رهندو ته ان مان عمران خان کي ئي فائدو پهچندو. هينئر شهباز شريف جي 2018ع ۾ وزيراعظم بنائڻ واري پراڻي بندي به کولي وئي آهي، ان سان گڏ هي به ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيئن ان وقت جي طاقتور شخص، شهباز شريف کي وزير اعظم ان شرط تي بنائڻ گهريو پئي ته هو پنهنجي ڀاءُ ميان نواز شريف کان الڳ ٿئي. هن جي انڪار تي، عمران خان پروجيڪٽ متعارف ڪرائي، مخالف ڌر خاص ڪري اهم اڳواڻن کي لوهه جا چڻا چٻاڙڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. هنن ڪهاڻين جو مقصد هي آهي ته اسٽيبلشمنٽ، ڪيئن نواز شريف مان جان ڇڏائڻ لاءِ هائوس آف شريف کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ان کي ناڪامي نصيب ٿي. نواز شريف چاهي ٿو ته ماضي ۾ هن خلاف جيڪي ڪجهه ٿيو، ان جو حساب ڏنو وڃي. ان سان گڏ کيس نااهل قرار ڏيڻ لاءِ عدليا جو استعمال به اسٽيبلشمنٽ جي خطرناڪ چال هئي، اهم ڳالهه اها ته جيڪي جج، نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اڳيان اڳيان هئا، انهن مان ڪجهه هينئر به عدالتن ۾ موجود آهن.
هي تاثر به سامهون آيو ته اهي جن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو، اهي “هم خيال” هئا. هي اصل نظريي ضرورت تحت هڪ گروپ آهي، جيڪو مختلف شڪلين ۽ صورتن ۾ ظاهر ٿيندو رهي ٿو. نواز شريف جي ڏينهن ۾ ان ٽولي کي جنم ڏنو ويو ۽ سڀني ڏٺو ته نواز شريف کي سسلين مافيا سميت ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيو ويو. ان سموري مهم جو مقصد نواز شريف جي تذليل ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻين کي عمران خان جهڙي اڳواڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻي هئي. انهن جيڪي ڪجهه ڪيو، نواز شريف سمجهي ٿو ته جيستائين سمورن معاملن جو ازالو نٿو ٿئي، هو ڏيهه نه ورندو. نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جي سزا جي خاتمي کانپوءِ نواز شريف جي سزا به ڄڻ متروڪ ٿي چڪي آهي، رڳو فارملي، درخواست تي فيصلو اچڻو آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز جي سزائن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ان وقت جي ججز جون ويڊيوز ۽ آڊيوز موجود آهن، (ن) ليگ جي ته هي به دعويٰ آهي ته انهن وٽ انهن کان وڌيڪ خطرناڪ ويڊيوز ۽ آڊيوز موجود آهن، جيڪي واڳ ڌڻين کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. پر سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته نواز شريف کي ماضي جو بدلو وٺڻ يا واڳ ڌڻين جي ازالي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته پنجاب، نواز شريف جي هٿان ئي نڪري وڃي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته عمران خان کي وزير اعظم ٿيڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو.
عمران خان جي خلاف، جنهن تيزي سان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، انهن جي رفتار ايتري گهڻي آهي، جو هو ڪنهن حادثي طور به ميدان کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو. ان جا وڌيڪ امڪان موجود آهن. ان ڪري هو حڪومت کي گهڻ رخي دٻاءُ ۾ رکڻ گهري ٿو. هينئر پرڏيهي فرنٽ تي انتهائي خطرناڪ راند شروع ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان پرڏيهي سفارتڪارن سان ملاقاتن دوران هي تجويز ڏني وئي ته جيڪي اعليٰ سويلين ۽ فوجي عملدار مقرر آهن، انهن جون ويزائون ڪينسل ڪيون وڃن،بقول پي ٽي آءِ قيادت جي جهڙي ريت لاطيني آمريڪا ۽ آفريقا جي فوجي عملدارن کي ناپسنديده قرار ڏئي، کين بليڪ لسٽ ڪيو ويو، ساڳيو ڪم پاڪستان جي انهن عملدارن سان به ڪيو وڃي،جيڪي اهم پوزيشن تي آهن. هن مهم جو مقصد واڳ ڌڻين کي دٻاءُ ۾ رکڻ آهي، پر ان جو ٻيو پاسو به آهي. اهڙي مهم جي نتيجي ۾ عمران خان جي خلاف واڳ ڌڻين ۾ جيڪا نفرت، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ موجود آهي، اهو وڌيڪ وڌي ويندو. هن جي اقتدار ۾ اچڻ جو رستو گيٽ نمبر فور آهي، جيڪو هيل تائين بند آهي. ممڪن آهي ته مستقبل قريب ۾ نه کلي. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان ڪيئن اقتدار ۾ ايندو. جهڙي قسم جي جمهوريت آهي، ان ۾ ووٽ جي عزت ڪيتري آهي، اها ڳالهه سڀني کان بهتر انداز ۾ عمران خان ئي سمجهندو هوندو. شايد اهو ئي سبب آهي ته (ن) ليگ جي قيادت چئي رهي آهي ته عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سليڪشن ذريعي اقتدار ۾ اچڻ گهري ٿو، ان ۾ سچائي به آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ رٽائرڊ فوجين جي گهر وارن ذريعي هڪ مهم شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ عمران خان جي حمايت ڪئي پئي وڃي. هو سمجهن ٿا ته ان مهم جي نتيجي ۾ اهم اداري جي اندر عمران خان لاءِ سافٽ ڪارنر پيدا ٿيندو ۽ اقتدار جا دروازا به کلي ويندا. پر جيڪڏهن هڪ طرف اهم عملدارن جي ويزا ڪينسل ڪرڻ ۽ بليڪ لسٽ ڪرڻ جي مهم هلائي ويندي ۽ ٻئي پاسي همدرديون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اقتدار ۾ اچڻ جو رستو ڪيئن صاف ٿيندو؟
ايندڙ چونڊن جي حوالي سان هڪ طرف سياسي قوتن کي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻي آهي ته ٻئي پاسي،اهم ادارن خاص ڪري واڳ ڌڻين جو راضي ٿيڻ ضروري آهي. هينئر تائين نه ئي ڪنهن به معاملي تي اتفاق نظر اچي ٿو، نڪي وري اهم ڌريون تيار آهن. اليڪشن ڪميشن جي پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري فيصلي سان معاملا وڌيڪ بگڙي ويا آهن. ڪميشن جي اندران اهي آواز اچي رهيا آهن ته هي فيصلو انهن جي وس کان ٻاهر آهي، جيڪو ڪرايو ويو. هو ڪمزور پوزيشن ۾ آهن،ان ڪري چونڊون ملتوي ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا. جيڪڏهن اهي ادارا جيڪي اليڪشن کي يقيني بڻائيندا، اهي صاف انڪار ڪري ويهي رهن ته پوءِ اليڪشن ڪميشن اڪيلي سر ڇا ٿي ڪري سگهي؟ ان وٽ آئيني اختيار آهن، پر قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول جو هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن هوا ۾ طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته اهڙي ڪنهن به فيصلي تي عمل ٿي نه سگهندو، ممڪن آهي ته ان جو ناڪاري ردعمل سامهون اچي وڃي. جيڪڏهن ڪو انتهائي قدم کڻڻ وارو فيصلو ٿي ويو ته پوءِ سموري سياسي قيادت کي ان جي قيمت به ادا ڪرڻي پوندي. نواز شريف ته سمجهي ٿو ته هو محفوظ جاءِ تي ويٺو آهي. هن کي نااهل ته قرار ڏنو ويو، وڌيڪ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته هنن جي ڪوشش هوندي ته مريم نواز کي ملڪي تاريخ جي ٻي عورت وزير اعظم بڻايو وڃي.
عمران خان جيڪي هٿڪنڊا استعمال ڪري پيو، انهن بابت هي تاثر آهي ته اهي بيڪ فائر ثابت ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن In Command قيادت، کيس قبول نه ڪندي ته پوءِ هو ڪيئن وزير اعظم ٿيندو؟ ان جو تجربو اسين اڳ به ڪري چڪا آهيون. 1988ع ۾ محترما بينظير ڀٽو عوامي طاقت جي بنياد تي وزير اعظم ته ٿي وئي، پر هوءَ اقتدار کي قائم رکي نه سگهي. ان سان گڏ سياسي ميدان کي آکاڙو بڻايو ويو. هينئر ته ماضي جي ڀيٽ ۾ انتهائي مشڪل صورتحال آهي. واڳ ڌڻين جا اهم کيڏاري رڳو عمران خان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته اهي کيس اقتدار ڪيئن سونپيدا. اليڪشن ڪميشن لاءِ به چيو پيو وڃي ته انهن 8 آڪٽوبر جي تاريخ ان ڪري ڏني آهي، ته جيئن “هم خيال” پاسيرا ٿي وڃن. ملڪ جي اعليٰ عدليا ۾ ايندڙ تبديلي، عمران خان لاءِ ته سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيندي، پر ڪجهه ٻيا حساب ڪتاب به پورا ٿيڻا آهن. ممڪن آهي ته ائين نه به ٿئي ۽ اڳ ئي معاملي کي درست ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته اهم عدالتي عملدار کي غيرموثر ڪرڻ جون ڪوششون به ٿي سگهن ٿيون، جيڪا ڳالهه ايتري آسان ناهي. جيتري سمجهي وڃي ٿي. عمران خان ۽ ٻين کي ان ڪري به ڪاوڙ آهي ته هو آڪٽوبر تائين انتظار ڪري نٿا سگهن ۽ ايندڙ چيف جسٽس جو رويو ڪهڙو هوندو، اهو به پي ٽي آءِ لاءِ مناسب نه هوندو. جيڪڏهن افتخار چوڌري جي دور کي ورجايو ويو ته ڪابه سياسي حڪومت مضبوط ٿي نه سگهندي. ان سان گڏ سياسي عدم استحڪام هوندو، جنهن کي ماضي ۾ منهن ڏئي چڪا آهيون. جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻو آهي ته ميڊيا ٽرز (Mediators) گروپ جي تجويزن کي به سامهون رکڻو پوندو، جنهن سياسي سرچاءُ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر هينئر تائين انهن جو ڪو نتيجو سامهون نه آيو. ان گروپ ۾ جتي 100 جي لڳ ڀڳ دانشور، ليکڪ، انساني حقن جا عهديدار ۽ ميڊيا جا ڪنگ ميڪرز شامل آهن، انهن کي ٻيهر سامهون اچڻو پوندو. هن ملڪ جو الميو ئي اهو آهي ته اسان وٽ سياسي سرچاءُ ڪرائڻ يا ميڪينزم جوڙڻ تي ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي. ان ڪري اقتدار جي منتقلي لاءِ اهي ڌريون ئي اننگز کيڏيندون آهن، جن جو عوام سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. ان ڪري اهي پنهنجي پسند جو رٻڙ اسٽيمپ وزير اعظم مڙهي ڇڏيندا آهن، جيئن ماضي قريب ۾ ٿيو،ان جا نتيجا به عمران خان جي صورت ۾ ڀوڳيون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button