لڇمڻ ڪومل پنھنجي آتم ڪٿا “وھيءَ کاتي جا پنا” جي ٽيھين پني تي لکي ٿو ته ھنديءَ جي وڏي ساھتيڪار اگيم چيو آھي ته “ڪنھن ناول ۾ ڪوڙ لکڻ ايترو ئي ڏکيو آھي جيترو آتم ڪٿا ۾ سچ لکڻ”. حفيظ ڪنڀر جي “جنب ڪٿا” پڙھندي اھا سٽ منھنجي ذھن ۾ آئي ليڪن ڪتاب ۾ الائي ڪھڙيِ گدڙ سِنگھي ھئي جو پڙھندي اھا ڳالھه نوٽ ئي نه ٿي سگھي. جنب ڪٿا ۾”مُڪتي” واري يادگيري پڙھندي اکيون کن پل لاءِ لفظن ۾ اٽڪي بيھي ويون ۽ صفحي ستاويھين جون آخري سٽون پڙھندي مون ڪتاب بند ڪري ڇڏيو. ڪتاب پڙھندي وٿي گهٽ ڪندو آھيان پر ھن ڪتاب جو اٺاويھون صفحو شُروع ڪرڻ ۾ ڪيئي ڏينھن لڳي ويا. ڪتاب پڙھندي ھڪ ٻيو جهٽڪو صفحي 178 تي “ناني ڪافرياڻي” پڙھندي آيو. مون کي ڪو ڪتاب ٻيو ڀيرو پڙھڻ ۾ مزو گهٽ ايندو آھي پر “جنب ڪٿا” کي نه فقط ٻيو ڀيرو پڙھيم بلڪه ڪجهھ يادگيريون بار بار پڙھيم.
حفيظ ڪنڀر کي پھريون ڀيرو في البديه ڊگها ڊگها نظم پڙھندي مون ڪنھن پروگرام ۾ ڏٺو ھو. کانئس موسي ماڇي، شيخ اياز ۽ فيض جي شاعري ٻُڌڻ جي فرمائش پئي ٿي. پھرين فرصت ۾ شڪل صورت ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ مون کي رسول بخش پليجي جي خاندان جو ئي ڪوئي ڀاتي لڳو. حفيظ ڪنڀر جو تعارف فنڪار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر جو به آھي پر ھن کي ٽيليويزن پروگرام “ٻٽاڪ شو” مشھور ڪيو. جيڪو ھو رحمت اللہ ماڃوٺيءَ سان گڏجي ڪندو ھو، جنھن ۾ سياسي سماجي مامرن تي پروگرام ڪيا ويا. انھي پروگرام جو ماڊريٽر ۽ شايد پس پردہ روح روان حفيظ ڪنڀر ئي ھو. حفيظ ڪنڀر جي دوستي منھنجي ڀاءُ عزيز سان آھي، جيڪو ھن سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو ھو. سندس ننڍو ڀاءُ ابراھيم جنھن جو ڪٿا ۾ بار بار ذڪر اچي ٿو، ھن وقت اسلام آباد ۾ صحافي آھي. سو ڳوٺ ويندي حيدرآباد ايندو آھي ته ٻارين ٻچين عزيز جي گهر ايندو آھي. ان ڪري سندس “جنب ڪٿا” ۾ بيان ٿيل ڪجهه ڪٿا اسان جي گهرن ۾ اڳ ۾ به پھتل آھي. حفيظ جو وڏو پٽ اختر جيڪو پاڻ ڪھاڻيڪار ۽ صحافي آھي. اسان سڀني ڀائرن کي چاچا سڏيندو آھي.
حفيظ ڪنڀر جي “جنب ڪٿا” جو ڇپيل ھي پھريون ڀاڱو سندس ٻاروتڻ کان پرائمري تعليم ۽ سعيدپور ڪاليج مان انٽرميڊيٽ پاس ڪرڻ تي محيط آھي، جنھن ۾ فاسٽ فارورڊ ۾ ھو پنھنجي يادگيرين کي 90ع جي ڏھاڪي تائين بيان ڪندو ھلي ٿو. ڪتاب ۾ ڪنڀارن جو ڇنو ۽ برادريءَ جا رسم رواج، مذھبي لساني مٿڀيد کان مٿانھون ٿي ڳوٺ کي ڪميونٽي جيئن ھلائڻ، مسلمانن جو ڪولھين ڀيلن سان رلجي ملجي عيدون، ڏياريون ۽ ھوليون ملھائڻ، عيد نماز کانپوءِ وسايو ڀيل جو گهنگهرو پائي خوشيءَ ۾ نچڻ، ڪولھين جي عيد جو چنڊ ڏسڻ جي شاھدي، سندس بابا الياس جي گهر ۾ غربت جو جهان ۽ ڳوٺ ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ بک، خطرناڪ بيمارين سميت ھر مرض جو ٽوڻن ڦيڻن، ڄئورن ۽ ڪاري ڪتي جو ڦٽ چٽڻ، نانگ جي ڏنگ ۽ ان جي کل کارائڻ ذريعي علاج، ڀيڻ جو ويم جي پيچيدگي ۽ ماءُ جو ڪينسر جي مرض ۾ چُڙي چُڙي مرڻ جي جنھن نموني اپٽاڙ ٿيل آھي، ان کي پڙھندي لونءُ لونءُ ڪانڊارجي وڃي ٿو. “جنب ڪٿا” ۾ پرائمري تعليم ۾ ماسترن جي مار جو ذڪر آھي ته معصوم محبت ۽ پيار کان محروم غربت ۽ محرومين جي ماريل ان ٻار جو داستان به آھي جيڪو سماجي بيرحمي بيحسي ڪارڻ ڪنھن تي پڄري پڄري ٻئي کي اذيت ڏيڻ ۽ چوري ڪندي مزو ۽ سڪون محسوس ڪري ٿو. سندس جنم ڀوميءَ ۾ اذيتون ذلتون چوٽ چڙھن ٿيون ته ڏاڏاڻي ڏيھه بدرانِ مذھبي منافرتن کان پري ناناڻي وسندي ئي سندن اجهو بڻجي ٿي، جتي ڏاڏاڻن، چاچن، ڦڦين جا ويڻ نه ٿا ھجن.
ڪتاب ۾ ڪولھين سامين ۽ سامياڻِيءَ جي سنھي ٽوپي جو ذڪر آھي ته وڻن سان وڻ ٿي وڃڻ، وڻ تان ميوي جيان ڪرڻ، وڻ جي ٽار جيان ٽار ٿيڻ، وڻ جي پکين جو يار ٿيڻ، وڻ، مينھن ۽ سانوڻ ٿيڻ جو سيسراٽ ڪڍرائيندڙ قصو به آھي. 1965ع کان اڳ واري پينچاتي سنڌ، جنرل ضياءَ جي مارشل لا، ڀٽي جو موت، شيرين سومرو جو ڪيس، ايم آر ڊي جي جدوجھد، اسٽڊيِ سرڪل، موسا سي مارڪس تڪ، انسان بڙا ڪيسي بنا، جيئن ڏٺو آھي مون، روزاني امن اخبار جنھن ۾ جمع خان جو ڪالم “تمھاري بات نھين بات ھي زماني ڪي”، ماھوار الفتح، فيروز ميمڻ جي ادارت ۾ نڪرندڙ پاڪستان فورم فقط فقير جو ڍورو، ڊگهڙي، جيمس آباد، جهڏو، ملڪاڻي شريف نه بلڪه پوري سنڌ جي سياسي فڪري جاڳرتا جو بيان پئي لڳي. سنڌ جا ڳوٺ ۽ تعليمي ادارا ائين ھئا جيئن ڊگهڙي تعلقي جو ڳوٺ فقير جو ڍورو، جيمس آباد جي اتر اولھه ۾ ناني ڪافرياڻي جي وسندي ۽ جهڏي لڳ خيرپور گنبو ۽ ملڪاڻي شريف ۽ تلھار لڳ سعيد پور ڪاليج جون سياسي سماجي ۽ غيرنصابي سرگرميون ھيون. ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ، وطن دوست ۽ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل شاگردن ۽ ھارين جي کليل محاذن تي ڪم ڪندڙ نوجوانن جا سياست تي، روس جي سوشلسٽ، چين جي قومي عوامي جمھوري انقلاب، ويٽنام ۾ برپا جنگاڻ ۽ ان ۾ گوريلا ليڊر جنرل جياپ جي ديومالائي ڪردار تي بحث مباحثا جنھن لاءِ تاريخ سان انٽرويو ۾ اوريانا فلاچي چيو ھو ته مون کي انٽرويو دوران ائين محسوس ٿيو ڄڻ جنرل جياپ جون تيز اکيون باهه جا شعلا بڻجي منھنجي وجود ۾ پيھي ويون آھن.
“جنب ڪٿا” پڙھندي اھا ڪٿا ڄڻ مون کي پنھنجي ٻاروتڻ ۽ اسڪول جي دور جي ڪٿا ٿي لڳي. فقير جو ڍورو، ڊگهڙي، جيمس آباد، ملڪاڻي شريف جوھي ۽ ان لڳ ڳوٺ ابراھيم رند جيئن لڳا جتي تعليم حاصل ڪندڙ غريب جي ٻار، غريب جي نياڻين، ننڍي عمر جي شادي سان سماج ۽ اسڪولن جي ڪجھه ماسترن اھائي جُٺ ڪئي جيڪا جنب ڪٿا جو خاصو آھي. انھن يادن کي ڪٿا ۾ آڻيندي ليکڪ ھڪ تاريخ ساز عھد کي سامھون آندو آھي جيڪو ھر ان آدرشي جو آھي جيڪو پنھنجي عمر کائي نئين دور لاءِ جاءِ ڇڏي رھيو آھي. ڪتاب ۾ سڀ کان اھم ۽ چڀندڙ موضوع غربت آھي جيڪا فقير جي ڍوري جي ماستر الياس جي پٽ جڏھن بيان ڪئي ته لفظ درد بڻجي ھيئن ڦٿڪي پيا. “غربت ۾ حصيداري ھئي ئي ھئي، ان غربت کي مون پنھنجي رڌڻي ۾ ڏٺو، مينھن ۾ ٽمندڙ ڇت ۾ ڏٺو، ڪينسر ۾ مرندڙ ماءُ ۾ ڏٺو، ڊليوريءَ ۾ مري ويل ڀيڻ جي موت جي خبر ۾ ڏٺو.” ڪٿا ۾ اھي اسڪول ۽ انھن ۾ موجود لائيبريون به موضوع بحث آھن، جن ۾ ڪتابن جا خزانا پيا ھوندا ھئا. انھن ڪاٺ جي پيتين ۾قديم يونان متعلق ايسپ جون آکاڻيون، جرمنيءَ جي گِرِم ڀائرن جون آکاڻيون، فارسي سکڻ جي ڪتاب گلستان سميت مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب موجود ھئا، جيڪي جڏھن پڙھيا ويا ته سنڌ عالم، دانشور ۽ ڏاھا به پيدا ڪيا. پر ھاڻي نه اھي ڪاٺ جون پيتيون ۽ ڪتاب آھن نه اڄوڪي سنڌ عالم ۽ ڏاھا پيدا ڪرڻ جهڙِي رھي آھي. جنب ڪٿا ۾ ۾ انگريزن جي ريل جي نظام جي ڳالھه ٻولهھ آھي جنھن ۾ عوام جي سھوليت جو ذڪر ته آھي پر ان ذريعي ڪيئن جيمس آباد، سامارو جهڙُا شھر ٻڌي ڦٽِيون، اناج ميِڙي ڦر لٽ جا نوان بنياد وڌا. هو مٺا خان مريءَ لاءِ لکي ٿو ته ھن کي پروفيسر ھجڻ تي غرور جي حد تائين ناز ھوندو ھو. ھو ملحد يا متشڪي ھو پر ھو گيتا ۾ ڪرشن ۽ ارجن جا ڊائيلاگ پڙھندي شيڪسپيئر جي ھيمليٽ تائين وڃي پھچندو ھو. ڪٿا ۾ ھڪ جيءُ جهوريندڙ خاڪو “مڪتيَ” سندس ماءُ جو آھي جيڪا جڏھن ٽوڻن، ڦيڻن، نانگ کان ڏنگائڻ، نانگ جي کل کائڻ سان به ٺيڪ نه ٿي ته آخر ۾ ڪنھن ڏس تي ڪنڌ تي موجود ڪينسر جي ڦٽ تي ڳڙ جو لولو رکي ڪاري گُلر کي ڇڏيو ويو جنھن مانيءَ جي اندران نظر ايندڙ ڳاڙھي ٻوٽي ۾ وڃي چڪ وڌو. ڪٿا ۾ ھڪ ھستي بار بار لکڻي ۾ اچي ٿي جيڪا جنب ڪٿا جو ھيرو به آھي ته ھيروئن به آھي ته جنب ڪٿا جي ليکڪ جو رول ماڊل به آھي سا ناني ڪافرياڻي لاڏان آهي جنھن وٽ ِمندر مسجد ۾ ڪوئي فرق نه ھو، ھن لاءِ ته قيامت ۽ دوزخ ھتي ھئي. ناني جو جنم ٿر جي اھڙي ڳوٺ ۾ ٿيو جتي مسلمان نڪاح کانپوءِ مندر تي حاضري ڏيندا ھئا. ماستر الياس کي نڪاح کان پوءِ ناني لاڏان مالھڻ جي مندر تي مٿو ٽيڪڻ لاءِ وٺي وئي ھئي. ھوءَ ڍاٽڪي ڳالھائيندي ھئي ۽ چوندي ھئي ته “ٻولي ۽ پيءُ ڪير ڇڏي.” ناني لاڏان ڪولھين ڀيلن جي ٻارن کي دُڪا وجهندي ھئي، انھن جا ڪاڪڙا کڻندي ھئي. ويم وارين ڪولھاڻين جا پِيٽ آڍيندي ھئي. جڏھن مري وئي ته جنب ڪٿا جي ليکڪ جي ناني مري وئي پر ڪولھين لاءِ ڪولھياڻي ۽ ڀيلن لاءِ ڀيلياڻي مري وئي.
جنب ڪٿا ۾ ليکڪ پنھنجي سياسي ليڊر رسول بخش پليجي سان اختلاف لڪائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آھي، جيڪو سندس طرز کي بوھيمين سڏيندي چيڪ ۾ رکي ٿو. جامي چانڊيو ۽ آڪاش انصاريءَ کي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ مليل موٽ تي سوال اٿاريل آھي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي حسين ڪپري پاران لکيل اھو جملو ته “ڪيئن نه پليجي جي نرسري ۾ تيار ٿيل دانشورن جو پتو ڪٽيو ويو آھي.” سوال کڙو ڪري ٿو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ڀٽي جي موت کانپوءِ سنڌي ماڻھو کي ماٺو ڪرڻ لاءِ پي ٽي ويءَ تي ڊراما شروع ڪيا ويا ۽ جنب ڪٿا مطابق ليکڪن کي نوازيو ويو. ان سلسلي ۾ جنگل جي ليکڪا نورالھديٰ شاه کان ته وضاحت جي گهر آھي پر راڻي جي ڪھاڻي ۽ ديوارين ڊرامن جي ليکڪ پنھنجي استاد عبدالقادر جوڻيجو جو نالو ئي غائب آھي. ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙ اديبن شاعرن ۾ ابراھيم منشي تي ته جُلهھ آھي پر خاڪي جويو، علي احمد بروھي سميت اھي سمورا ڪردار غائب آھن، جن ايم ڪيو ايم کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لانچ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. اردودانن، اردو ڳالھائيندڙ ڪميونسٽن لاءِ ويڇو ھن ڪٿا ۾ ڦري گهري جھلڪ ڏيندو ھلي ٿو. ميرپورخاص ۾ ڪم ڪم ڪندڙ اردو ڳالھائيندڙ ٽريڊ يونين ڪارڪن محبوب َقريشي تي آڱر کنيل آھي جيڪو ڪڏھن به ايم ڪيو ۾ نه رھيو آھي، جڏھن ته ھن خوبصورت ڪتاب ۾ ڪنھن نامعلوم جي ڳالهھ ته “ڪميونسٽ پارٽي جي حڪم ۽ حڪمت عملي ھيٺ ايم ڪيو ايم ۾ آيا” جو ذڪر ضروري سمجھيو ويو آھي. ڳالهھ کي ھيئن به جنب ڪٿا ۾ ٽوپيو ويو آھي ته “اڄ ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظھير جيئرو ھجي ھا ته ايم ڪيو ايم ۾ شامل ھجي ھا.” سجاد ظھير سان سياست تي اختلاف رکڻ جو ھر ڪنھن کي حق آھي پر ان لاءِ “آگ ڪا دريا” جي خالق قرت العين حيدر جا اھي لفظ ڪافي آھن ته “ھي شخص محلن ۾ رھي جهُڳين وارن لاءِ خواب ڏسندو ھو.”
ھي آتم ڪٿا ھڪ عھد جي ڪٿا آھي، تنھن وقت جي سنڌ جي ھر غريب گهر جي ڪٿا آھي جتان تعليم، سياست، فڪر، ادب مُنھن ڪڍيو ته سنڌ ۾ سياست جا معيار ۽ ماپا به مٽجي ويا. جنب ڪٿا ۾ ٻولي ڪمال جي آھي، ان ۾ معلومات جو انبار آھي ۽ انھي ٻوليءَ ۾ موقعي جي مناسبت سان لطيف، مولانا رومي، غلام فريد، غالب، حافظ شيرازي، امير خسرو، داغ، فيض، جاويد اختر جي شاعريءَ جي جوڙ سميت “ھر دنبو پنھنجي دنب ڍڪيندو آھي” جھڙن لوڪ ڏاھپ تي مشتمل محاورن جو استعمال به ڪمال جو آھي. ھي ڪتاب ھڪ تاريخ آھي جنھن جا ڪجھه ڀاڱا اڃا پنڌ ۾ آھن. جنب ڪٿا جا لفظ آھن ته “جيون ڪٿا لکڻ لاءِ ضروري آھي ته ماڻھو وٽ زندگي به ھجي. زندگيءَ جي نالي ۾ بک، بيماري به. اڌ موت به ڪا حياتي آھي جو بايوگرافي لکجي؟ اسان جي ڪلاس جي بايوگرافي نه بلڪه موت ڪٿا (ڊيٿوگرافي) لکي سگهجي ٿي. ناني لاڏان جي ڏوھٽي حفيظ ڪنڀر جي “جنب ڪٿا” درد، غربت ۽ بُک ڪٿا، تاريخ ۽ ان جو سبق آھي. جنھن جو ڪٿ ڪرڻ لاءِ ھي اوڻويھه سئو ڏهه لفظ ڪافي ناھن.