ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي بحران جو حل

پاڪستان ۾ سياسي حوالي سان ٻه ڪم اڄڪلهه بنهه گهڻا ٿي رهيا آهن، هڪ آڊيو ليڪس ۽ ٻيو ڪي اهڙا انڪشاف جيڪي لازمي طور سامهون اچڻا هئا پر انهن جو موقعو مهل طئي ڪونه ٿيو هو. اڄڪلهه اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا جي هڪ انٽرويو جو گهڻو ذڪر ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو عمران خان نيازيءَ جي حڪومت بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي پر ان وقت جي اپوزيشن پارٽي نواز ليگ بابت به ڳالهايو آهي. انهيءَ انٽرويو ۾ انهن ملاقاتن جو ذڪر به آهي جيڪي ڳجهي نموني عمران خان نيازي قمر جاويد سان ڪيون هيون.
پر ساڳئي وقت آرمي چيف اهو پڻ چيو آهي ته هن اهڙُو ڪوبه انٽرويو ڪونه ڏنو آهي. پر جيئن ته هاڻ اهي سڀئي ڳالهيون پڌريون ٿي ويون آهن، تنهنڪري هاڻ ڪيترو به انڪار ڪيو وڃي، ماڻهو باجوا تي اعتبار ڪونه ڪندا. ان انٽرويو ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان نيازيءَ سان قمر جاويد جون ٻه ملاقاتون ڪرائيندڙ ماڻهو ڪو ٻيو نه پر اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد هو، جنهن ايوان صدر ۾ ملاقاتن جو بندوبست ڪيو هو پر ٻئي ملاقاتون بنا نتيجي جي ختم ٿي ويون هيون. ان کان سواءِ قمر جاويد باجوا اهو پڻ چيو ته عمران خان نيازي ڪوڙو آهي. جڏهن ته هن پنجاب ۾ حمزا شهباز کي وڏو وزير بڻائڻ تي شهباز شريف جو ڪلاس وٺڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي هئي.
ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪهڙي ريت سياسي پارٽين کي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ ڪهڙي ريت سڄي سياسي عمل ۾ پنهنجي مداخلت جاري رکندي ايندي آهي، ان جو ثبوت اڳوڻي آرمي چيف جي ڏنل انٽرويو مان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو. تنهن هوندي به اسٽيبلشمينٽ جو چوڻ آهي ته اها ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪندي ۽ نه ئي ان جو سياسي عمل سان ڪجهه تعلق آهي پر اهو ممڪن ئي ناهي ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽين کي پنهنجي وس ۾ نه ڪندي هجي. هن وقت به جيڪا صورتحال نظر اچي پئي، ان ۾ به عمران خان نيازي فوج ڏانهن واجهائي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي خبر آهي فوج کي راضي ڪرڻ کان سواءِ هو اقتدار نٿو ماڻي سگهي ۽ نه ئي هن کي اقتدار ويجهڙ ۾ ملڻ جا امڪان آهن.
چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن هو ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ سيٽون ٻهاري به وڃي ٿو ته ان ڳالهه جي ضمانت ڪونهي ته کيس اقتدار ملي سگهندو. شيخ مجيب جڏهن وڏي مينڊيٽ سان کٽي آيو هو ته کيس اقتدار نه ڏنو ويو. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جو مهرو بڻجي سامهون آيو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ پاڻ ئي فوج جي ظلم جو شڪار ٿي ويو. 2018ع وارين چونڊن کان پوءِ به عمران خان نيازيءَ لاءِ وزيراعظم ٿيڻ جي جاءِ ڪونه پئي ٺهي پر پوءِ اهو اسپيس پيدا ڪيو ويو. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ان وقت اهو طئي ڪري وٺي ها ته هر حال ۾ شهباز شريف کي وزير اعظم ڪرڻو آهي ته عمران خان نيازيءَ کي ڪڏهن به اقتدار نصيب نه ٿئي پر جيئن ته اهو طئي ٿي ويو ته هر حال ۾ هڪ نئون سياسي تجربو ڪرڻو آهي، تنهنڪري ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي عمران خان نيازيءَ کي وزير اعظم ڪيو ويو. اهڙي ريت هو وزير اعظم ته ٿي ويو پر سندس حڪومتي ڪارڪردگي اسٽيبلشمينٽ کي مطمئن نه ڪري سگهي.
هونئن ته اها هڪ غير ضروري ڳالهه آهي ته ڪنهن به حڪومت جي ڪارڪردگيءَ سان اسٽيبلشمينٽ مطمئن هجي. اسٽيبلشمينٽ جو ڪم حڪومتي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ٿيڻ نه پر ان سان سهڪار ڪرڻ هوندو آهي. پر هتي اقتدار جون سڀئي واڳون ئي اسٽيبلشمينٽ وٽ هونديون آهن، تنهنڪري پاڪستان ۾ ان جو مطمئن هجڻ لازمي آهي.
سياسي جنگ جو ميدان هن وقت پنجاب لڳو پيو آهي، جنهن سدائين ملڪ جي ٻين صوبن جا حق غصب ڪيا آهن. ان کان سواءِ اهو ملڪ جي وسيلن تي به قابض آهي. پنجاب سدائين ٻين صوبن کي پاڻ ۾ ويڙهائي اقتدار جا مزا ماڻيندو رهيو آهي پر هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پنجاب جو عوام پي ٽي آءِ جي پليٽ فارم تان اسٽيبلشمينٽ جي سامهون آهي. تنهنڪري اها ويڙهه اهم به آهي. پر ٻئي پاسي نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ مخالف نعرو ڇڏي، ان جي ڀرجهلي ٿي بيٺي آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اها ان سان معاملا ڪنهن به ريت خراب ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.
ملڪ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جا مک ڪردار اڳوڻو آرمي چيف، اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار آهن. پر ڇا هاڻوڪي حڪومت ۾ ايتري همت آهي جو انهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪري سگهي. جڏهن ملڪي سياست جا معاملا ئي سياستدانن جي هٿ وس نه آهن ته پوءِ غير سياسي عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ به ممڪن نٿو ٿي سگهي.
اڄ اسٽيبلشمينٽ خلاف جيڪا ٻولي عمران خان نيازي استعمال ڪري رهيو آهي، ڪالهه اها نواز ليگ استعمال ڪري رهي هئي ۽ ان جي مقبوليت عوام ۾ وڌي رهي هئي پر هن وقت مقبول ترين پارٽي پي ٽي آءِ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها پاڻ هڪ غير سياسي پارٽي آهي ۽ ان جو پنهنجو وجود ڪجهه به ناهي، جيڪا ٻين سياسي اڳواڻن جي سهاري هلي رهي آهي. پر وري به سوال اهو آهي ته هاڻوڪي سياسي ڏڦيڙ جو حل ڪهڙو آهي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪهڙو رستو آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button