رانديون

ايڪواڊور دوستاڻي فٽبال ميچ ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ايڪواڊور جي فٽبال ٽيم هڪ دوستاڻي ميچ ۾ آسٽريليا کي هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سڊني جي ميدان تي کيڏيل ميچ دوران آسٽريليا جي رانديگر برينڊن بوريلو پهرين هاف ۾ هڪ گول ڪري برتري ماڻي ورتي، جيڪا پهرين هاف جي ختم ٿيڻ تائين جاري رهي. هوڏانهن راند جي ٻئي هاف ۾ ايڪواڊور واپسي ڪري ورتي، جنهن جي رانديگرن پرويس اسٽوپينن ۽ وليم پيڪو هڪ، هڪ گول ڪري ٽيم کي فتح ڏياري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button