عمران خان جي سياست ملڪ ۾ وڇوٽيون وجهي ڇڏيون آهن. مريم نواز کليل لفظن ۾ سپريم ڪورٽ مٿان تنقيد ڪري رهي آهي. شهباز شريف صدر مٿان جانبداريءَ جون تهمتون مڙهي رهيو آهي. عمران خان جا حامي سوشل ميڊيا توڙي جلسن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اهڙا لفظ لکي رهيا آهن، جن جو ملڪي ماضيءَ ۾ ڪنهن تصور به نه ڪيو هو. هن وقت اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿيو هو. اها آزادي نه پر انارڪي آهي. ڇو ته آزاديءَ جي حيثيت قانوني هوندي آهي. اها ترتيب ۾ هوندي آهي. ان مخصوص توازن نظر ايندو آهي. جڏهن ته انارڪيءَ جو ڪو به طرف ۽ ان جي منزل جو ڪو به تعين نه هوندو آهي. اها واچوڙي وانگر ڦرندي ۽ پنهنجي گهيري جي گرفت ۾ آيل شين کي ڦريندي رهندي آهي. پاڪستان جي سياسي صورتحال هڪ واچوڙي واري آهي.
ملڪ ۾ سياسي بحران جي وجود کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. حڪومت ۾ شامل پارٽيون به اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور آهن ته هن وقت ملڪ ۾ سخت قسم جو سياسي بحران آهي. پر سوال اهو آهي ته ان بحران جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڇا اهو بحران عوام پيدا ڪيو آهي؟ ان بحران جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو بحران پيدا ڪندڙ اهي ئي سياستدان آهن، جيڪي سازش جي ذريعي اقتدار ۾ اچن ٿا ۽ سازش سبب اقتدار کان الڳ ٿين ٿا. اهو بحران ان ڪري به جنم وٺي ٿو ته ڪٿي ڳجهه ڳوهه ۾ اهڙيون قوتون فيصلا ڪن ٿيون، جن جو ڪم اهو ناهي. جڏهن سياست مان عوام کي آئوٽ ڪيو وڃي ۽ سياست جي اصل سگهه اسٽيبلشمينٽ سمجهي وڃي ته پوءِ ملڪ ۾ يقيني طور تي اهو منظر پيدا ٿيندو، جيڪو افراتفريءَ وارو هوندو. هن مهل عوام مهانگائيءَ سبب حقيقي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي. عوام کي ڪنهن به طرح سان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن جي مجبوريءَ ۽ مفلسيءَ جو انت ڪڏهن ايندو؟ هاڻي ته هر ڏينهن نه پر هر ڪلاڪ ۾ شيون عوام جي پهچ کان مٿي ٿينديون پيون وڃن ۽ صورتحال ان طرف وڌي رهي آهي، جتي ملڪ ۾ بک ۽ بدحاليءَ جو ديو امن ۽ اطمينان جو ساهه نپوڙي ڇڏيندو.
ملڪ ۾ هڪ طرف مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ ٻي طرف لاقانونيت ۾ اضافو اچي رهيو آهي. اسان جي حڪمرانن کي اها حقيقت سمجهڻ گهرجي ته صرف اهي معاشرا پرامن هوندا آهن، جن معاشرن ۾ معاشي انصاف ۽ سماجي سڪون هوندو آهي. جتي عوام کي اها چنتا نه هوندي آهي ته هو صبح جو اٿندا ڇا کائيندا؟ ڇا اوهان ڪنهن به اهڙي معاشري جو تصور به ڪري سگهو ٿا، جتي ماڻهن کي اهو يقين نه هجي ته اهي ايندڙ ويلو کائي به سگهندا يا نه؟ پاڪستان ۾ هن وقت عوام جو وڏو حصو ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جي حالت تمام گهڻي غيريقينيءَ واري آهي. هن کي اها پڪ ناهي ته انهن جو آئيندو ڪهڙو هوندو؟ هو هر ڏينهن نئين سر جدوجهد ڪن ٿا. هو نئين سر زندگيءَ جي گاڏي کي گهلين ٿا. هو پنهنجي پيڙا کي پٽيون ٻڌي وري جيون جي جنگ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. انهن جي ان حال جو حل اهو ناهي ته انهن کي ٻه چار هزار بينظير جي نالي ۾ ڏنا وڃن. اها ته سياسي رشوت آهي. ڇا ان سان عوام جا درد دور ٿي ويندا؟ ماڻهن جا ڳاهٽ صرف ٻن ڏينهن جي گذاري لاءِ قطارون ٺاهي بيهن ٿا ۽ هو اهو ڪجهه ڪن ٿا، جيڪو انساني وقار جي ابتڙ آهي.
غربت پهريون حملو انسان جي عزت نفس تي ڪندي آهي. هن مهل عوام اهو وساري ويٺو آهي ته آتم سمان ڪهڙي پکيءَ جو نالو آهي. جڏهن مجبوريون تمام گهڻيون وڌي وينديون آهن ته ڪنهن کي ياد رهندو آهي ته عزت جي آخري حد ڪٿي آهي؟ اسان جي معاشري ۾ اهو ليڪو مسلسل لتاڙ هيٺ آهي، جيڪو عزت ۽ ذلت جي وچ ۾ تفريق پيدا ڪندو آهي. اسان جو عوام ماضيءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ مصيبت جو شڪار آهي. اردوءَ جي استاد شاعر مير تقي مير لکيو آهي:
“ڦرتي هين مير خوار ڪوئي پوڇتا نهين
اس عشق مين تو عزت سادات بهي گئي”
جمهوريت عوام جي عزت جي پهريدار هوندي آهي. پر پاڪستان ۾ جمهوريت عوام جي عزت جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي آهي. عوام کي لوئڻ ۽ لتاڙڻ سياست جو پيشو بڻجي ويو آهي. عوام کي استعمال ڪرڻ ۽ پوءِ اڇلائي ڇڏڻ واري ريت سياست جي رڳ رڳ ۾رچي وئي آهي. ڇا ان طرح سان عوام کي انهن جو وڃايل وقار حاصل ٿيندو؟ پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان ۾ عوام ته سراسر نقصان جو شڪار آهي. عوام جي مٿان مسلسل آفتون ۽ شامتون ڪڙڪي رهيون آهن. هڪ طرف غربت ۽ اها به تمام گهڻي غربت آهي ۽ ٻي طرف مهانگائيءَ جو طوفان هر پل تيز تر ٿي رهيو آهي. ان سموري منظرنامي ۾ سياست جو ڪردار ڪنهن اهڙي ويڄ وارو آهي، جيڪو سور گهٽائڻ بدران سور وڌائڻ جو سبب بڻجي.
سياست جي سيني ۾ دل نه هوندي آهي پر سياست جي اکين ۾ شرم ته هجڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڪستاني سياست جي اکين ۾ تر جيترو به حيا هجي ها ته اڄ اسان جي صورتحال ايتري بري نه هجي ها. اڄ اسان جنهن به حالت ۾ آهيون، ان جو سبب سياست آهي. اها سياست جيڪا ڪڏهن اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي سازش ڪري ٿي ۽ اها سياست جيڪا ڪڏهن ملڪ جا مسئلا ڏسي ڏري وڃي ٿي ۽ پنهنجي وک پوئتي ڪرڻ کان سواءِ هن وٽ ٻيو ڪو آپشن نه ٿو هجي. سياست جي مٿان اهو الزام مڙهڻ جو سبب اهو ناهي ته ڪو راقم الحروف سياست جي وجود جو مخالف آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سياست کي ڪنهن به طرح سان ننديو ۽ ناڪاره شيءَ قرار ڏنو وڃي؟
سياست هڪ سگهه آهي. هڪ قوت آهي. اها قوت جيڪا عوام جي فاعدي جو سبب بڻجي سگهي ٿي ۽ اها عوام جي مٿان عذابن جا بار به وڌائي سگهي ٿي. جيڪڏهن سياست عوامي آهي. جيڪڏهن سياست ماڻهن جي حق ۾ آهي. جيڪڏهن سياست انسان دوست ۽ اصولي آهي ته پوءِ اها رحمت هوندي آهي. جڏهن سياست عوام جي مخالف هجي. جڏهن اها مڪمل طور تي اقتداري هجي ۽ جڏهن اها پنهنجي اقتداري مفاد جي لاءِ عوام جي بنيادي حقن کي لتاڙي ته پوءِ اها رحمت نه زحمت هوندي آهي. هن وقت ملڪ ۾ جنهن سياست جا دهل وڄي رهيا آهن، اها سياست مڪمل طور تي نه صرف غير عوامي آهي پر غلط ۽ عوام مخالف آهي. ڇو ته ان ۾ عوام جو ڪو ذڪر ئي ڪونهي. ان ۾ عوامي حقن جو ڪو آواز ئي موجود ناهي. اها سياست سراپا سازش ۽ عوام مخالف آهي. اها صرف ۽ صرف عوام کي پنهنجي اقتداري مفاد لاءِ نچائي، ڪڏائي ۽ جهنڊا جهولائي ٿي. ان سياست ۾ عوام لاءِ همدرديءَ جو ذرو پرزو به ناهي.
حڪومت جي ايجنڊا تي ته پنهنجي ختم ٿيندڙ اقتدار کي ڪنهن طرح سان ڇڪي اڳتي وڌائڻ جو حرص آهي. ان کي ته اها پرواهه ئي ناهي ته عوام ڪهڙي عذاب ۾ آهي. اها ته عوام کان پنهنجو رشتو ناتو ڪٽي چڪي آهي. ان کي هاڻي عوام جي ڪا ڪاڻ به ڪونهي. ڇو ته ان جو مڪمل ويساهه ان قوت ۾ آهي، جنهن قوت جي مدد سان هو اقتدار ۾ آيا آهن. انهن کي اهو به معلوم آهي ته انهن جو اهو فيصلو انهن جي سياسي خودڪشي وارو آهي ۽ انهن کي ان جي ڪا پرواهه به ناهي. انهن جو مفاد صرف مال ميڙڻ ۽ لٽيل مال جو تحفظ ڪرڻ آهي. هن جي ايجنڊا تي صرف ۽ صرف هو پاڻ آهن.
عمران خان کي اهو ناز آهي ته عوام هن جي حامي آهي. عوام هن جو ديوانو آهي. هو پاڪستان جي تاريخ جو تمام گهڻو مقبول ليڊر بڻجي ويو آهي. اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي اقتدار کان نڪرڻ تائين عمران خان جي ڪنهن به اظهار ۾ عوامي مسئلن جو اهو اظهار ئي ناهي، جيڪو محسوس ڪرائيندو آهي ته ڪنهن جي دل ۾ عوام جي لاءِ ڪيتري ڳڻتي آهي؟ هن وقت به هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقريرون ڪري ٿو ۽ هر ڏينهن هو ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏئي ٿو پر هن جي ڪنهن به بيان ۾ ان تشويش جي هلڪڙي جهلڪ به ناهي، جيڪا هن عوام دوست سياست ۾ هوندي آهي يا هجڻ گهرجي. عمران خان جي حوالي سان اها ڳالهه بنهه واضح ۽ چٽي آهي ته هو جيڪا به گفتگو ڪندو آهي، ان جو محور هن جي پنهنجي ذات هوندي آهي. هن جي ڳالهه جي ابتدا پاڻ کان ٿيندي آهي ۽ پنهنجي اظهار جي انتها به هو پنهنجي ذات تي ڪندو آهي. هن وٽ “مان مان مان” جي اهڙي ته رٽ آهي، جيڪا عوامي مفاد کي مڪمل طور تي رد ڪندي وڃي ٿي. هن کي اهو به معلوم ناهي ته عوام ڪهڙي مصيبت ۾ آهي؟ هن کي صرف ۽ صرف وڃائجي ويل نه پر کسيل اقتدار گهرجي. هن جي پوري سياست اقتدار جي چوڌاري گردش ڪري رهي آهي. ان حوالي سان عمران خان ۽ اقتدار ۾ موجود حڪمرانن ۾ ڪو به تفاوت ناهي. جيڪڏهن ڪو فرق آهي به ته اهو آهي جو هڪ ڌر اقتدار بچائڻ جي چڪر ۾ آهي. ٻي ڌر اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. پاڪستان ۾ حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف اقتدار جي لاءِ ڪشمڪش ۾ هوندا آهن. انهن ٻنهي جي منزل اقتدار هوندي آهي. هو عوام جي سلسلي ۾ سوچڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن. جيڪڏهن انهن کي ڪڏهن عوام ياد به ايندو آهي ۽ هو عوام جو ذڪر به ڪندا آهن ته صرف ۽ صرف انهن ووٽن جي حوالي سان جيڪي ووٽ انهن جي اقتدار ۾ اچڻ جو رستو صاف ڪري انهن جي لاءِ نوٽن جو بندوبست ڪندا آهن. ملڪ ۾ سياسي منظرنامو ڪجهه هن ريت آهي ته هڪ طرف عوام آهي ۽ ٻي طرف اقتدار آهي. سياست ان طرف آهي، جنهن طرف اقتدار آهي. عوام ان طرف آهي، جنهن طرف غربت آهي. غم آهي. تشويش آهي. تڪليف آهي. سور آهن. پور آهن. هڪ مڪمل طور تي غيريقيني صورتحال جي وڌندڙ تاريڪي آهي. ان اونداهيءَ ۾ صبح جو پتو ڪنهن کان پڇجي؟