سنڌ

سنڌ ۾ مستحق خاندانن کي اٽي جي خريداري لا اڄ کان رقم ڏني ويندي

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انشا الله سنڌ حڪومت اڄ اربع کان صوبي جي مستحق ماڻهن کي 15 ڏهائي 6 ارب روپين جي سبسڊي جي ورڇ شروع ڪري ڇڏيندي. اها رقم اٽي جي خريداري جي مد ۾ ڏني پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سنڌ جا 78 لک خاندان هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندا. اڱاري منجهند کان مستحق خاندانن کي ايس ايم ايس اچڻ شروع ٿي ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ميسيج نه مليا آهن ته 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر اماڻي تصديق ڪري سگھي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button