پاڪستانسنڌ

ڏيئي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، ٽنڊو جان محمد واسي سميت 2 ڄڻا فوت

ٽنڊو جان محمد: ڏيئي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽنڊو جان محمد واسي سميت 2 ماڻهو فوت ٿي ويا. خبر موجب ڏيئي ٿاڻي جي حد ڏيئي روڊ تي ڏاڏا ميمڻ ويجھو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب حاجي کوسو، جعفر خاصخيلي ۽ ذوالفقار خاصخيلي زخمي ٿي پيا، ٻن زخمين کي ٽنڊو جان محمد ۽ ھڪ زخمي کي ٽنڊوباگو اسپتال آندو ويو، ٽنڊو جان محمد اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جعفر خاصخيلي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ٻين زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، فوتي جعفر ۽ زخمي ذوالفقار خاصخيلي ٽنڊو جان محمد ڀرسان ڳوٺ الله رکيو خاصخيلي ديهھ 185 جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي ٽنڊوباگو اسپتال ۾ زخمي حاجي کوسو به فوت ٿي ويو، فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏھن ته ٽنڊو جان محمد پوليس جو چوڻ ھو ته زخمي کي علاج لا ليٽر ڏنو آهي. واقعي واري حد ضلعي بدين جي ڏيئي ٿاڻي جي آھي، وڌيڪ ڪاروائي ان حد جي پوليس ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button