پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ويجهو جوان ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان نوجوان ناري گهرو پريشانين کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٻورلي موسيپوٽا ۾ 22 ورهين جي نوجوان ناري شڪيلا ڌيءَ هوٿي ميگھواڙ پنهنجي گهر اندر رسو ٻڌي ڦاهو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لا اسپتال آندو. ان سلسلي ۾ پوليس موجب ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ناري گهرو پريشانين کان تنگ ٿي پنهنجو پاڻ ڦاهو کاڌو آهي، اسان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button