پاڪستانسنڌ

چمبڙ مان ڊاڪٽر جي اغوا جو ڪيس ٻن ٿاڻن تي داخل، 5 جوابدار نامزد

چمبڙ: چمبڙ مان اغوا بعد بازياب ٿيل ڊاڪٽر نارائڻ اکياڻي واري واقعي جا ٻن مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل ڊاڪٽر نارائڻ جي فرياد تي 5 نامعلوم ھٿياربندن خلاف چمبڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ ٻيو ڪيس ٽنڊوالھيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پوليس پاران ٽن سڃاتل ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن تي مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ان ڪيس ۾ جوابدارن اميد علي عمراڻي، اسد جمالي، حنيف بروھي ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. اسد جمالي ۽ حنيف بروھي جو تعلق ضلعي نوابشاھه ۽ اميد علي عمراڻي جو تعلق چمبڙ سان آھي. ٻئي پاسي فريادي ڊاڪٽر داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اغوا ڪندڙن وٽان جديد ھٿيارن سان هٿ ڪيل گاڏي مان 3 شناختي ڪارڊ مليا آھن، جن مان جوابدارن جي نشاندھي ٿي آھي. هوڏانهن ايس ايس پي ٽنڊوالھيار سليم شاهھ پاران ڊي ايس پي چمبڙ عثمان لغاري تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آھي، ڪميٽي ۾ سي اي ائي انسپيڪٽر افضل مگسي، ايس ايڇ او اي سيڪشن طفيل احمد جلالاڻي ۽ ايس ايڇ او چمبڙ اختيار شيخ شامل آھن. گذريل ڏينھن نجي ڪلينڪ ھلائيندڙ ڊاڪٽر نارو مل کي چمبڙ ڀرسان نصرت شاھه لنڪ روڊ تان ڪار سوار پنج نامعلوم ماڻهن اغوا ڪيو هو، جنهن کي چمبڙ ۽ ٽنڊوالهيار پوليس مقابلو ڪري بازياب ڪرايو هو، مقابلي دوران سي آئي اي جو اي ايس آئي زخمي ٿي پيو هو. واقعي بعد پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف جاين ٿي ڇاپا ھنيا پيا وڃن، پر گرفتاري عمل ۾ ناھي اچي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button