پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ مزدوري لا ويندڙ پيرسن ڍوري ۾ ڪري فوت

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ مزدوري لا ويندڙ پيرسن ڍوري پراڻ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. خبر موجب ڪلوئي لڳ ڳوٺ ستون ميل جو رهواسي پيرسن سمون مياڻو ايل بي او ڊي سم نالي ڀرسان وهندڙ ڍوري پراڻ ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش 24 ڪلاڪ تائين پاڻي ۾ پيل رهيو، لاش کي مال چاريندڙ ڌنارن ڏٺو، جن وارثن کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ مقامي ٽوٻن لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيو، اطلاع تي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال مان ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو. واضح رهي ته پيرسن سمون مياڻو مزدوري خاطر ڍورو پار ڪري رهيو هو ته اوچتو ڍوري ڪري ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button