ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ مارا ماري: حڪومت ڪٿي آهي؟

Editorial

سنڌ ۾ قتل، خونريزي، اغوا، ڦرن، ڌاڙن، عورتن ۽ ٻارن سان ريپ ۽ بدامني جي ٻين واقعن کي ڏسجي ٿو ته لڳي ٿو ته سنڌ ۾ پوليس نالي ڪو ادارو ڄڻ ته وجود ئي نٿو رکي. ڇو ته جيڪڏهن پوليس جو ادارو عملي طور تي وجود رکي، ماڻهن جو ڀرجهلو ٿئي، بدامني ختم ڪرڻ لا اپا وٺي، ڏوهارين، ڌاڙيلن، چورن، ڦوروئن ۽ منشيات فروشن خلاف سرگرم عمل هجي، ته سنڌ ۾ اهو ڪجهه نه ٿئي، جيڪو ٿي رهيو آهي.
هتي پاڻ رڳو ڪجهه خبرن جو مٿاڇرو ذڪر ڪنداسين ته پاڻ سڀ حيران ٿي وينداسين ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي. هي هڪڙي ڏينهن جو اهي ڪجهه خبرون آهن، جيڪي ميڊيا ۾ ڪنهن حد تائين رپورٽ ٿي سگهيون آهن، پر حقيقت اها آهي ته اڪثر خبرون رپورٽ ٿيڻ کان رهجي وينديون آهن، جن جو تعداد رپورٽ ٿيندڙ خبرن کان ڪيئي دفعا گهڻو هوندو آهي. پاڻ ڏسنداسين ته خبر پوي ٿي ته ڪراچي ۾ شيلٽر هوم ۾ پناهه وٺندڙ ڇوڪري سان ريپ ٿئي ٿو، خانپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت ۽ نوجوان قتل ڪيا وڃن ٿا، ڪنڌڪوٽ ۾ ڪڻڪ جي ديري تي چوڪيداري ڪندڙ پي ۽ پٽ اغوا ٿي وڃن ٿا، وارهه ڀرسان زمين جي تڪرار تان ڀا هٿان ڀا قتل ٿي وڃي ٿو، ڳڙهي ياسين ۾ ڪنهن تڪرار تان نوجوان مارجي وڃي ٿو، سڪرنڊ ۾ گندي پاڻي جي تلا مان عورت جو تشدد ٿيل لاش ملي ٿو، ڪراچي ۾ ڊينٽسٽ کي گرفتار ڪري، پوليس مٿس تشدد ڪري ٿي، ڪشمور ۾ پرائمري استاد قتل ٿي وڃي ٿو، بخشاپور ۾ پورهيت نوجوان اغوا ٿي وڃي ٿو، ڳڙهي حسن ۾ زمين جي تڪرار تان هڪ نوجوان قتل ٿي وڃي ٿو. اهڙا ئي ٻيا ڪيترائي واقعا آهن، جن ۾ جهيڙن ۽ فائرنگن ۾ ڪي ماڻهو زخمي ٿين ٿا، ڪٿان ڪنهن کان ڦرلٽ ٿئي ٿي ۽ وري ائين به ٿئي ٿو ته فوتي جو مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس روڪي ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي.
اهو سڀ سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، جتي 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ دعوا اها ڪئي وڃي ٿي ته هتي پيپلز پارٽي جي حڪومت بهترين خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. دعوا جي برعڪس جيڪو ڪجهه سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي، تنهن جو اظهار هر روز جون اخبارون آهن، جن ۾ شايع ٿيندڙ بدامني جي واقعن کي جيڪڏهن هڪڙي هنڌ گڏ ڪجي، هر مهيني جي حساب سان هڪڙو ٿلهو ڪتاب شايع ٿي سگهي ٿو. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو ريسرچر اهو ڪم ڪري، ته ان کي هر سال گهٽ ۾ گهٽ 12 ڪتاب تيار ڪرڻا پوندا. انهي حساب سان جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت جي 15 سالن جو پوتاميل ڪجي ته ان لا ڏيڍ سئو ڪتاب تيار ٿي سگهن ٿا. اهو تمام وڏو ڪم هوندو، جيڪو ٿيڻ کپي، پر ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ ريسرچ جو شعبو پوئتي پيل آهي ۽ يونيورسٽيون ان ڏس ۾ ڪو ڪم نٿيون ڪن، ان ڪري اهي معاملا اخبارن ۾ ڇپجي لڪي وڃن ٿا ۽ اهي ڪڏهن به ريفرنس طور ڪم نٿا اچن. پر جيڪڏهن سنجيدگي سان ڪا يونيورسٽي ان ڏس ۾ پنهنجا فنڊ لڳائي ۽ ڪم ڪري ته هي تمام وڏو ڪم هوندو، جنهن جو فائدو يونيورسٽين ۾ ڪرمنالاجي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردن کي پهچندو ۽ اهي ان ريسرچ جو فائدو وٺي پنهنجي پاڻ کي وڌيڪ تيار ڪري سگهندا ۽ خود ان جو مستقبل جي پاليسي ٺاهيندڙن کي به فائدو ٿيندو، جيڪي انهن واقعن کي سامهون رکي آئنده جي حڪمت عملي تيار ڪري سگهندا.
سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ جي ذميواري فقط ئي فقط پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ پوليس تي لاڳو ٿئي ٿي، پر شايد پيپلز پارٽي جي گهرو وزير جو سنڌ پوليس تي ڪو ڪنٽرول ناهي، جنهن ڪري هي سڀ واقعا ٿي رهيا آهن ۽ پوليس ان ڏس ۾ پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻ لا تيار ناهي. ياد رکڻ کپي ته ماڻهن جي يادداشت ڪمزور هوندي آهي، پر ايتري به ڪمزور نه هوندي آهي جو ايندڙ اليڪشن ۾ اهي بدامني جي معاملي کي ووٽ ڏيڻ وقت سامهون نه رکن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button