ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪا ڊائري: هڪ بي وطن صحافڻ

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

آمريڪا ۾ صحافت رڳو اها ناهي جيڪا اسان کي عالمي سطح تي نطر اچي ٿي پر اتي جيڪا مقامي صحافت آهي اها به اوتري ئي اهم آهي جيتري انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ عالمي معيار واري صحافت. ڇاڪاڻ ته اتي اڄ به مقامي ماڻهن جي مسئلن کي اهم سمجهيو وڃي ٿو. انهن مسئلن جي نوعيت ڀلي اها نه هجي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ آهي پر انساني زندگين سان واڳيل مسئلا ڪٿي به ٿي سگهن ٿا ۽ اهي هر جاءِ تي اهميت پڻ رکن ٿا. آمريڪا ۾ هاڻ اصلوڪن ماڻهن کي ڳاڙهو هندستاني يا ريڊ انڊين چوڻ خراب ليکيو وڃي ٿو. کين انڊين چيو وڃي، جيڪو پڻ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته اهي انڊين آهن ئي ڪونه. اها سڃاڻپ انهن تي مڙهي وئي وئي آهي. اهڙي ئي هڪ صحافڻ پائلي ڊئينڪٽ لا به آهي جيڪا اصلوڪي آمريڪي آهي. هي ان نسل مان آهي جنهن نسل جون ڪنهن زماني ۾ هتي سلطنتون هيون. جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي هئي ۽ اهو ئي هن ڌرتيءَ جو والي وارث هو پر پوءِ هڪ ڏينهن ان قوم کان ڌرتي کسجي وئي. ان کي سڌارڻ لاءِ برطانوي انگريزن جهر جهنگ ۾ ڪاهي پيا.
پائلي هن وقت انڊين ڪنٽري ٽو ڊي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ هن انڊين ڪنٽري ٽو ڊي جو تعارف پيش ڪيو هو. پائلي جو تعلق نوواجو قوم سان آهي. جيڪا نيو ميڪسيڪو واري پاسي جي آهي. ان نسل کي هالتسوئي چيو ويندو آهي، يعني ساون جبلن وارا ماڻهو. هن هڪ رپورٽر طور ڪئين ايوارڊ کٽيا آهن. هن وقت هوءَ اندين ٽو ڊي ۾ سياسي معاملن کي ڏسندي آهي. هن نوواجو ٽائيمز ۽ ٽيڪساس آبزرور لاءِ پڻ ڪم ڪيو آهي. جنهن ۾ هن اصلوڪن ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي. هن جو ريڊيو تي ڪيل پروگرام نيشنل نيٽو نيوز ليٽينو يو ايس اي ۽ ٽيڪساس پبلڪ ريديو تي هليو آهي. ان کان سواءِ هوءِ ڪونڊي ناسٽ ٽريولر ۽ دي نيشن لاءِ لکندي رهي آهي.
پائلي دس ليند ۽ دي ايڪسپريمينٽ پوڊڪاسٽ جي ڪنسلٽنٽ به رهي آهي. انڊين ڪنٽري ٽو ڊي هڪ ملٽي ميڊيا ۽ نجي خابرو ادارو آهي جنهن جو هيڊڪوارٽر والٽر ڪرونڪائيٽ اسڪول آف جرنلزم ايروزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ آهي. هي ادارو مقامي ماڻهن جي معاملن تي ڌيان ڏيندو آهي. پائلي هڪ اهڙي صحافڻ آهي جيڪا پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن لڳي ٿي. سندس چوڻ هوءَ ته هي ڌرتي (جنهن کي آمريڪا سڏيو وڃي ٿو) اها دريافت ڪونه ٿي هئي پر اها اڳ موجود هئي. هوءَ ڪرسٽوفر ڪولمبس کي هيرو نٿي سمجهي، ڇاڪاڻ ته هن جي اچڻ کان پوءِ اصلوڪن ماڻهن جي ڌرتي پيرن هيٺان نڪري وئي هئي. ڪرسٽوفر ڪولمبس ائنڊ ڪمپني هن خطي تي قابض ٿي ويا. ان کان سواءِ اتان جي اصلوڪن ماڻهن سان جيڪي ڪلور ٿيا اهي اتان جا اصلوڪا ماڻهو اڃا تائين وساري ڪين سگهيا آهن. پائلي جي ٻولي به هاڻ اها ڪونه رهي آهي جيڪا هن جي قوم جا ڪجهه ماڻهو اڄ ڳالهائين ٿا. سندس چوڻ هو ته هاڻ انهن جي آبادي ٽي سيڪڙو مس آهي. هن کي ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته سندن ڌرتي هاڻ بنهه سوڙهي ٿي وئي آهي ۽ آمريڪي هنن کان انهن جي زمين خريد ڪن ٿا ۽ انهن کي اهو حق به ڪونهي جو اهي پنهنجي زمين وڪڻڻ کان انڪار ڪري سگهن. پائلي هاڻ هڪ اهڙي قوم جي فرد آهي جنهن وٽ پنهنجو وطن هوندي به پنهنجو وطن ڪونهي.
يورپ جهڙي ريت سڄي دنيا کي تهذيب سيکارڻ لاءِ نڪتو هو. ان جي وڪڙ ۾ اهي مقامي ماڻهو به آيا جيڪي ان وقت سڌريل حالت ۾ هئا. پائلي جهڙيون اڄ به پنهنجي گم ٿي ويل وطن کي ياد ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿارينديون رهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته هاڻ اهي هيڻا آهن ۽ انهن جو مقابلو هڪ اجگر طاقت سان آهي پر وري به انهن ۾ ويڙهه ڪرڻ جو حوصلو آهي.
آمريڪا ۾ اڄ به ٻاهران ايندڙ ماڻهن ۽ اصلوڪن ماڻهن جا مسئلا هلندا پيا اچن، جن کي منهن ڏيڻ ايترو سولو ڪونهي. تنهنڪري جنهن کي پنهنجي حقن لاءِ جيترو به آواز اٿارڻ جو موقعو ملي ٿو اهو دير نٿو ڪري. پائلي اڄ به پنهنجي اصلوڪي ٻوليءَ ۾ ڳايل گيت ٻڌي ٿي ۽ انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿي جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙهندي ان تان گهورجي ويا. هن جون ڳالهيون ٻڌي مون اهو ئي محسوس ٿيو ته هن جي قوم سان به اهي مسئلا آهن جيڪي سنڌي قوم سان آهن. ان وقت مون کي ڊيمنڊس ٽوٽو جو اهو نظم ياد آيو: جڏهن ڳورا اسان وٽ آيا ته اسان وٽ زمين ۽ هنن وٽ بائيبل هو. هنن چيو ته عبادت ڪريون پوءِ هنن وٽ زمين ۽ اسان وٽ بائيبل هو. سو آمريڪا جي اصلوڪن ماڻهن سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو آهي. اڄ اهي نه ته پنهنجي ڌرتي جي دعوا ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن کي اهي حق مليل آهن جيڪي ڪنهن آزاد قوم کي مليل هوندا آهن.
هيستائين پائلي جي قوم جا ماڻهو پنهنجي ڦرجي ويل ڌرتيءَ جو هڪ انچ به واپس نه وٺي سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي اتان جي رياستي قانونن جي وڪڙ ۾ آهن، جتي انهن کي اهو ئي ڪرڻو آهي جيڪو اتان جو قانون چوي ٿو ۽ قانون ٺاهيندڙ به اهي ئي آهن جيڪي پائلي جي قوم کان ڌرتي کسي چڪا آهن. مقامي ماڻهن کي اڻ سڌريل چئي انهن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ وقت هڪ قيبلي جي سردار لکيو هو. “اسين سمجهون ٿا وڻن ۾ رس ائين ٿو ڊوڙي جيئن اسان جي رڳن ۾ رت ڊوڙي ٿو. هي ڌرتي اسان جو حصو آهي ۽ اسين هن جو حصو آهيون. سڳنڌ ڀريا گل اسان جون ڀينرون آهن ۽ رڇ، هرڻ، وڏا باز اسان جا ڀائر آهن.”
پائلي اڄ به پنهنجن ماڻهن لاءِ لکڻين وسيلي صحافتي ذميواريون نڀائي رهي آهي. سندس قلم انهن جي حق ۾ لکي ٿو ۽ هن جي دل پنهنجي وطن واسين لاءِ اهي گيت جهونگاريندي ڌڙڪي ٿي جيڪي سندس مادري ٻوليءَ ۾ ڳايل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button