ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مريم نواز جو مستقبل

Editorial-Article- Umer Qazi

مريم نواز جڏهن سياسي ميدان ۾ آئي هئي، تڏهن نواز ليگ جا مخالف به اهو مڃڻ تي مجبور ٿي ويا هئا ته هن ۾ تمام گهڻيون سياسي صلاحيتون به آهن ۽ هن لاءِ ماڻهن ۾ هڪ ڪشش به آهي. هوءَ جڏهن اسٽيبلشمينٽ کي للڪاري تقريرون ڪندي هئي، تڏهن ماڻهن ۾ جوش پيدا ٿي ويندو هو. هيءَ انهن جي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن عمران خان اقتدار ۾ هو ۽ هن جي شهرت هر ڏينهن مهانگائيءَ سبب گهٽجي رهي هئي، هي اهو وقت هو جڏهن عمران خان پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد سبب تمام گهڻو ڪاوڙيل رهندو هو ۽ هن جا ان وقت ميڊيا سان تعلقات تمام گهڻا بگڙيل هئا. ان وقت ۾ عمران خان جا حامي ته ڇا پر هن جا ورڪر به ڪنڊائتا ٿي ويا هئا. ڇو ته عمران خان جي حڪومت ڪجهه به ڊليور ڪري نه سگهي هئي. هو مڪمل طور تي ناڪام وزير اعظم طور تي سڃاتو ويندو هو.
سوشل ميڊيا جو اهو وقت ڪنهن کي ياد نه هوندو، جڏهن عمران خان جون پراڻيون وڊيوز تمام گهڻي تعداد ۾ اپلوڊ ڪيون وينديون هيون ۽ انهن جو مقصد اهو هو ته عمران خان جو تضاد سامهون آندو وڃي. عمران خان ان مهل ڪاوڙ ۾ اچي چوندو هو ته هيءَ ڪهڙي صحافت آهي جو در کڙڪائي ماڻهن جي وات ۾ مائيڪ وجهي انهن کان سوال ڪيو ٿو وڃي ته ڇا ملڪ ۾ مهانگائي آهي؟ ظاهر آهي ته هن وقت دنيا جي هر ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ هر ملڪ جو عوام مهانگائيءَ جي سلسلي ۾ پريشان آهي. عمران خان جو دور صرف ڪرونا جو دور نه هو پر اهو تمام وڏي اقتصادي بحران جو دور به هو ۽ ان دور ۾ مريم نواز هڪ طاقتور قيادت جي طور تي اڳيان آئي هئي. عمران خان جي حڪومت هن کان تمام گهڻي پريشان هئي. ڇو ته هن جي حوالي سان تمام گهڻي مخالفت عمران خان جي ڪمزور حڪومت کي ويڙهي وئي هئي. عمران خان تمام گهڻو پريشان هو. هن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هو ڇا ڪري؟
اهڙي ماحول ۾ پي ڊي ايم جو ٺهڻ ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان مريم نواز جو بلاول کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏئي، هن سان ماضيءَ جون تلخيون ختم ڪري هڪ نئون رشتو ٺاهڻ واري ڪوشش به تمام گهڻي ڪامياب حڪمت عمليءَ واري هئي پر ان سلسلي ۾ ڪنهن کي اهو معلوم نه هو ته مريم جي شهرت جو هوائي جهاز ٽيڪ آف ڪندي ئي ڪريش ٿي ويندو ۽ اهو ڪو اتفاق نه هو پر هن جي چاچي شهباز شريف جهڙي ريت هڪ سال جو اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پارٽي توڙي مريم جو سياسي مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو، ان سان مسلم ليگ ن ۽ مريم کي ٻه نقصان ٿيا. هڪ ته مسلم ليگ ن ۽ مريم جي شهرت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ٻيو ته عمران خان زيرو مان نه صرف هيرو ٿي ويو پر ايترو وڏو هيرو ٿي ويو جو هو ماضيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو مقبول ۽ عوام جو هر دل عزيز اڳواڻ بڻجي ويو ۽ ماڻهو هن جي مٿان نثار ٿيڻ لڳا. اهو هڪ وڏو سرپرائز هو.
عمران خان هن مهل جنهن سياسي شهرت جي بلنديءَ تي موجود آهي، ان جي جهلڪ به مسلم ليگ ن ۽ مريم نواز جو جيءُ جهوري رهي آهي ۽ ان سبب مسلم ليگ ن ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿي پيا آهن، اهي ڪنهن کان لڪل ناهن. هر ڪنهن کي معلوم آهي ته مسلم ليگ ن غيرمقبول هجڻ سبب اختلافن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ مريم نواز تمام گهڻيون ڪوششون ڪري پارٽيءَ کي ٽوڙ ڦوڙ کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل آهي. هن کي معلوم آهي ته هن مرحلي تي جيڪڏهن پارٽيءَ ۾ توڙ ڦوڙ جو عمل شروع ٿيو ته مٿان ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ايتريون به سيٽون نه کڻي سگهندي جو اها هڪ موثر مخالف ڌر جي حيثيت حاصل ڪري سگهي. ان حوالي سان مريم نواز ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي ۽ هن جي محنت سبب هن مهل تائين مسلم ليگ ن ڪنهن وڏي بحران ۾ نه آئي آهي. جيڪو گروپ الڳ ٿي رهيو هو، اهو گروپ پنهنجي ڪاوڙ سميت ڪجهه خاموش آهي. اهو سڀ ڪجهه مريم نواز جي ڪري ئي آهي ۽ مريم نواز جي شخصيت پنهنجي پيءُ جي پارٽيءَ کي بچائڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
مريم نواز جي دل جي ڪيفيت اڃان تائين عوام جي آڏو عيان نه ٿي آهي. هن هن مهل تائين تمام گهڻي ضبط جو مظاهرو ڪيو آهي. پر هن کي معلوم آهي ۽ هن کي ان ڳالهه جو شديد احساس به آهي ته هن جي چاچي هن جي سياسي مستقبل کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن جي والد کي به ان ڳالهه جو تمام گهڻو ڏک آهي ته هن جي ڌيءَ جهڙي ريت عوام مقبوليت ماڻي رهي هئي ۽ جهڙي طرح سان هوءَ مسلم ليگ ن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي رهي هئي، اهو سڀ ڪجهه هن جي ننڍي ڀاءُ جي ڪري ڀڄي ڀري پيو. اهو افسوس صرف نواز شريف جي خاندان تائين محدود ناهي پر مسلم ليگ ن ۾ به ان افسوس جا تمام گهڻا اثر هن مهل تائين موجود آهن. ڇو ته اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو، جيڪو انهن جي خيال ۾ نه ٿيڻ کپندو هو. اهو ڪجهه ٿيڻ ۾ اهم ڪردار شهباز شريف جو هو. شهباز سريف بلڪل اهوئي ڪجهه ڪيو، جنهن لاءِ چوندا آهن ته جيري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ! هن پنهنجي مفاد جي لاءِ نه صرف پارٽي پر پنهنجي ڀائٽيءَ جي سياسي آئيندي جي مٿان ڪراس هڻڻ ۾ ڪو قياس نه ڪيو.
اها حقيقت آهي ته اهو عمل شهباز شريف جي حوالي سان ان وقت تائين ممڪن نه هو، جنهن وقت تائين آصف زرداري هن جو ساٿ نه ڏئي ها. مسلم ليگ ن ۽ خاص طور تي مريم نواز جي تباهيءَ جو اهو منصوبو تيار ڪرڻ وارو آصف زرداري هو. جنهن شهباز شريف کي اڳيان ڪري مسلم ليگ کي سياسي طور تي اهڙو نقصان پهچايو جو نه صرف ملڪ پر مسلم ليگ ن جي هٿن مان پنجاب به نڪري ويو ۽ اهو لاهور جنهن تي ميان نواز شريف کي ناز هوندو هو، ان لاهور ۾ هن جي خلاف ايترا نعرا لڳن ٿا جو انهن جي گونج هو لنڊن تائين ٻڌي سگهي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه آصف زرداريءَ جي ڪري ٿيو. اهو ئي سبب آهي ته هن وقت حڪومت ۾ هوندي به مسلم ليگ ن جي سينئر قيادت ۽ خاص طور تي مريم نواز ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ تمام وڏو ويڇو آهي. هي اهو وقت ناهي جو مريم نواز بلاول کي ڀاءُ سڏي پاڻ سان گڏ ويهاريندي هئي. هي اهو دور آهي جو حڪومت جي اهم ميٽنگن ۾ به مريم نواز نظر نه ايندي آهي.
مريم نواز جو گهڻي وقت کان وٺي اهو موقف ورجائبو رهيو آهي ته هوءَ حڪومت جو حصو ناهي. جيتوڻيڪ حڪومت مسلم ليگ ن جي آهي پر هوءَ پاڻ کي حڪومت کان الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر هوءَ ڪيتري به ڪوشش ڪري پر ميڊيا ۾ جڏهن هن جي چاچي جي حڪومت مٿان سخت تنقيد ٿيندي آهي ته هوءَ ان جو جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندي آهي. هن جو اهو ٻٽو ڪردار هن جي شخصيت کي مستقل طور تي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هوءَ ان مان ڪهڙي ريت نڪري سگهي ٿي. ڇو ته عمران خان جيڪو ماحول پيدا ڪيو آهي، ان ۾ ايتري ته سرڪشي آهي جو هن جي جلسن ۾ عمران خان جا حامي گهڙي ٿا اچن ۽ هو عمران خان جي حق ۾ ۽ مريم نواز جي خلاف نعري بازي ڪرڻ لڳن ٿا ۽ اهڙي ماحول ۾ مري نواز جي تصوير تمام گهڻي بي وسيءَ واري هوندي آهي. پر پوءِ به هن کي ان ڳالهه تي شاباس نه ڏيڻ ناانصافي ٿيندي ته ايتري ساري دل شڪستگيءَ جي باوجود به هوءَ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن پاڻ کي هڪ پل جي لاءِ به مايوس ٿي ماٺ ٿيڻ نه ڏنو آهي.
مريم نواز کي صرف اها اميد آهي ته ڪو اهڙو موڙ اچي سگهي ٿو جو هن جي شخصيت ۽ هن جي پارٽيءَ کي وري عوام جو ساٿ ملي وڃي پر اها صرف ۽ صرف اميد آهي. ڇو ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. حقيقت تمام گهڻي تلخ ۽ تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ آهي. حقيقت اها آهي ته مريم نواز پنهنجي وڃايل شهرت کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اهو ڪجهه نه ماڻي سگهي آهي، جيتري هن جي محنت آهي. ڇو ته سياست ۾ جڏهن ڪوئي اڳواڻ بري ۽ مخالف وقت جي هٿن ۾ هوندو آهي ته هن کي ان مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون بيڪار نظر اينديون آهن.
عمران خان اڳ کان اڳرو آهي ۽ هو جهڙي ريت مسلم ليگ ن ۽ خاص طور تي نواز شريف ۽ شهباز شريف جي مٿان تنقيد جو سلسلو شروع ڪري ويٺو آهي ته هن پنهنجي ان عمل سان پنجاب جي ڌرتي شريف فيمليءَ کان مڪمل طور تي کسي ورتي آهي. عمران خان جي ان ڪاميابيءَ کان هن جا مخالف به انڪار ڪري نه ٿا سگهن. عمران خان تمام گهڻي هوشياري سان ڪاميابيون ميڙي رهيو آهي. ڇا اها حقيقت ناهي ته هو پهرين خيبر پختون خوا ۾ ڪامياب ٿيو ۽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو هو ته عمران خان جي طاقت جو بنياد خيبر پختون خوا آهي. جڏهن ته هاڻي هو تمام گهڻي وقت کان وٺي پنجاب جي مٿان فوڪس ڪري ويٺو آهي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هو سياسي طور تي مسلم ليگ ن کان پنجاب کسي ويو آهي. هو هاڻي اسلام آباد ۾ رهڻ بدران پنهنجو گهڻو وقت لاهور کي ڏئي رهيو آهي ۽ هن لاهور ۾ جهڙي ريت مسلم ليگ ن ۽ شريف فيمليءَ جي خلاف جيڪا باهه ٻاري آهي، ان جو سيڪ ته ميان نواز شريف کي لنڊن تائين محسوس ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هو تمام گهڻو پريشان به آهي ۽ پشيمان به آهي. هن کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته هن جي ڀاءُ جي لالچ سبب هن جي ڌيءَ جي سياسي ڪاميابي ناڪاميءَ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ اهو اهڙو افسوس آهي، جيڪو هڪ والد کي ان وقت تمام تڪليف ڏيندو آهي، جڏهن هو پنهنجي ڌيءَ جي سلسلي ۾ هن جو مستقبل سياسي حوالي سان روشن نه ڏسي ۽ ان جو سبب جڏهن هن جو پنهنجو ڀاءُ هجي ته اها تڪليف تمام گهڻي شدت اختيار ڪري ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button