ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سستي حياتي مهانگو اٽو

Editorial

دنيا هن وقت سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي جهان ۾ وڏيون وڏيون تبديليون آڻي منزلون ماڻي رهي آهي ۽ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ عوام اٽي لپ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. اهو مفت ۾ ملندڙ اٽي لاءِ ڪاڙهي ۾ سڙي ۽ مري رهيو آهي. هن وقت تائين جتي به اٽي لاءِ قطارون لڳيون آهن، اتي ماڻهن جا لاش ڪريا آهن. اٽو ماڻهن جي زندگيءَ کان به وڌيڪ قيمتي ٿي پيو آهي. جڏهن ته اٽو ڪنهن به انسان لاءِ بنيادي ضرورت آهي، ان کي پورو ڪرڻ يا ان کي سستي اگهه تي پهچائڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر هي حڪومت ڪنهن به ريت اٽي جو اگهه سستو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، نتيجي ۾ ماڻهو رڳو ان انتظار ۾ رهن ٿا ته ڪڏهن سستي اٽي لاءِ قطار لڳي ۽ اهي پيرن هيٺان لتاڙجندي اٽي جو ٿيلهو ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن. اٽي جو بحران گذريل سال کان جيئن شروع ٿيو آهي، اهو وڌي رهيو آهي پر گهٽجڻ جو نالو نٿو وٺي. جنهن ڪري ماڻهو پريشان به آهن ۽ اٽو انهن جي پهچ کان پري ٿيندو پيو وڃي.
پهرين ته اهو تاثر پئي ڏنو ويو ته اٽي جو بحران رڳو سنڌ تائين محدود آهي پر هاڻ اهو پنجاب ۾ به شدت اختيار ڪري ويو آهي. اهڙي بحران کان پوءِ پنجاب جي شهرن ۾ به شهري قطار ۾ بيهي اٽو خريد ڪري رهيا آهن ۽ اتي اٽي لاءِ آيل ماڻهن جا لاش ڪري رهيا آهن. پر ڇا اهڙي صورتحال ۾ به حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اها عوام کي سستي اٽي جي فراهمي آسانيءَ سان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن وقت تائين ته ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت نه ته سستي اٽي جي فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ تيار آهي نه ئي اهي امڪان آهن ته مستقبل ۾ اٽو سستو به ٿيندو. هڪ عام ماڻهو لاءِ وڏي ۾ وڏي عياشي اٽي واري ماني آهي پر حڪومت ته اهو گرهه به ان کان ڦري ورتو آهي. عوام کي ٻيون ته ڪيتريون ئي سهولتون ڪونه مليل آهن پر سستي اٽي واري سهولت به ڦرجي وئي آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو عوام پريشان حال آهي پر حڪومت ان تي رحم کائڻ لاءِ تيار ڪونهي. جنهن ڪري نه رڳو عوام جي مالي حالت خراب ٿي رهي آهي پر اهو ان ڳالهه تي پريشان آهي ته ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ اٽي جي بحران کي حل ڇو ڪونه پيو ڪري سگهي. پنجاب ۾ به صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.
حڪومت طرفان مفت اٽي جي ورهاست دوران مختلف واقعن ۾ وڌيڪ ٻه عورتون حياتي وڃائي ويٺيون. ريسڪيو ذريعن موجب ساهيوال جي نواز شريف پارڪ ۾ مفت اٽي جي ورهاست دوران ڀاڄ پئجي وئي، جنهن ۾ 19 عورتون زخمي ٿيون، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي. هوڏانهن جهانيان شهر ۾ به مفت اٽي جي ورهاست دوران بدنظمي نظر آئي ۽ ڀاڄ ۾ ٻه عورتون بيهوش ٿي ويون، جن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي علاج دوران هڪ عورت دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي. جيڪڏهن اٽي جي فراهمي سبب عورتون جون حياتيون وڃائجي رهيون آهن ته اهڙو اٽو انساني جانين جي قيمت تي ملي رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت نه وٺڻ گهرجي. ڇا حڪومت ۾ ايتري اهليت ناهي جو اها مفت اٽو فراهم ڪرڻ جو بندوبست ته ڪري رهي آهي پر اها دڪانن تي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. جيڪڏهن اها واقعي به سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ اها ڪنهن به ريت عوام جو ڀلو نٿي چاهي. دڪان ۽ چڪي وارن جي هڪ هٽي سبب جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته اٽو عوام کي سستو ملي نه سگهندو ۽ اهو قطارن ۾ لڳي مارجي ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته اٽي جي حوالي سان صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو پڻ پريشان لڳا پيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مفت اٽي جي فراهم جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ دڪانن کان وٺي اٽي وارين چڪين تائين عوام کي سستو اٽو ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي حياتي ته بچي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ اهو مرڻ کان بچي ويندو. دنيا پاڪستان تي کلون ڪندي هوندي ته هڪ ائٽمي طاقت واري ملڪ وٽ کائڻ لاءِ اٽو ڪونهي ۽ ان جو عوام دربدر ٿي رهيو آهي. ان ڪري سستي اٽي جي فراهمي هر شهر ۽ هر هنڌ يقيني بڻائڻ وڃي ته جيئن عوام هڪٻئي جي پيرن هيٺان لتاڙجڻ کان بچي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button