اسان کي ڪهڙو خيال انسان ڪري ٿو؟ سولي سنڌيءَ ۾ اسان کي تهذيب جو در ان لقاءُ جي ساڃاهه ڏي ٿو ته انسان هڪ تهذيب جي دائري ۾ رهڻ واري مخلوق آهي، جيڪا ڪجهه اصولن تحت ارتقائي عمل مان گذري ان مقام تي پهتي آهي. انساني سماج جي تاريخ گهڻي پراڻي ناهي. جيتري ڪائنات جي عمر آهي، انهي جي ڀيٽ ۾ انساني سماج کي ڪجهه سيڪنڊ ۾ ئي ڳڻي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انساني تهذيب کي ڏهه ھزار سال به مڪمل ٿي نه سگهيا آهن.
هن وقت تائين انسان جي اجتماعي ترقي هڪ گڏيل طور جدوجهد جو نتيجو آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي ٻانهن ٻيلي ٿي انساني سماج کي ايڪيهن صديءَ جي راهن ۾ هڪ اهڙو مقام ڏنو آهي جيڪو حيرت انگيز آهي پر انهيءَ سان گڏ هڪ فطرت ۾ اهڙو انقلاب جيڪو ڪائنات ۾ انساني مخلوق جهڙو ٻيو لڀڻ (موجود صورتحال) ۾ ڏاڍو ڳنڀير آهي.
تهذيب جا پيمانا وسيع آهن، جنھن جو ڪاٿو هڪ خيال جي بنياد تي نٿو ڪري سگهجي. انساني سماج جي هزارين سالن جي ارتقائي مرحلن جو تهذيب هڪ اعليٰ گڻ آهي، جيڪو انساني سماج کي هلائڻ ۾ اهميت رکي ٿو.
عورت جي وصف ۽ عورت ڏانهن هر سماج هاڻي مختلف زوايو رکي ٿو. عورتن جي حقن جي تحريڪ تهذيب ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ تاريخ جي اولي حصي کان انساني سماج جي اوسر ۾ جدوجهد جو حصو رهي آهي.
جنهن ۾ عورت ڪيترين حالتن کي منهن ڏيندي پنهنجي جاءِ ڪجهه خاص سماجن ۾ هڪ انسان هئڻ جي ناتي ٺاهي آهي. قدامت پسند، دقيانوسي ريتن رسمن جي پيروي ڪندڙ سماجن جي تاريخ ۾ عورت کي هڪ جنسي تفريح ۽ ٻار پيدا ڪندڙ مشينري طور استعمال ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عورت اکيون هوندي به نابين ڪئي وئي. عورت کي ڪن هوندي به ٻوڙي ٿي رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. زبان هوندي گونگي ٿي رهڻ وارو رويو مڙهيو وڃي ته جيئن عورت هڪ اهڙي سڃاڻپ پنهنجي ذهن ۾ پاڻ لاءِ جوڙي سگهي، اهو پدرشاهي نظام ۾ سست ٿي اهو ئي ڪم ڪري جيڪو گهڻي ڀاڱي سنڌ جي ڳوٺن ۾ عورتون ڪن ٿيون يعني labor work جنهن ۾ ان کي “غيرت” جي نالي تي پابند ڪري اتي رکيو وڃي ٿو جنهن کي ٻاهرين شهري دنيا جي حسرت هضم ٿيڻ کان اڳ ئي پيٽ ۾ تڪليف ڏئي ڇڏي ٿي يعني اها مرد جي قبضي ۾ رهي ٿي. مون ذاتي طور سوين ڳوٺاڻي پڙهيل لکيل عورتن ۽ اڻ پڙهيل عورتن سان ڳالهھ ٻولهه ڪئي آهي. مون کي نفسياتي اعتبار کان اهي عورتون احساس ڪمتري جو شڪار لڳيون. اهو منهنجو مفروضو ناهي بلڪه گهڻين عورتن جا پنهنجي بياني ۾ اعتراف ڪندي اهي لفظ هئا “ڇا ڪريون مرد اسان کي اجازت نٿا ڏين.” اهو جملو اوهان لساني اعتبار کان فقط ڪجهه لفظن جو جوڙ لڳندو پر اها هڪ مرد جي جبري ذهنيت جي وصف ۽ عورت جي خاموشي جو طويل داستان آهي.
انساني جبر جي تاريخ ۾ عورت تي جبر ۽ ظلم جي تاريخ تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. يقيني ڪجهه حالتن جي جبر ۾ ڪٿي عورت مضبوط به رهي آهي. ڪٿي عورت جو به غلبو هوندو پر گهڻي ڀاڱي انگ اکر جيڪڏهن گڏ ڪيا وڃن ته عورت مجموعي طور مرد جي غلام هيٺ رهي آهي. هتي “غلام” لفظ جي پس منظر مختلف ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته غلامي جي وصف انتهائي گهيري آهي. فرد ريتن جو غلام هوندو آهي. فرد پنهنجي ابن ڏاڏن طرفان مليل انهن دقيانوسي لاڙن ۽ رسمن جو به غلام هوندو آهي، جنهن کي نه چاهيندي قبول ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي ريت عورت پنهنجي نه چاهيندي به مرد جي سرپرستي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. ان جا سبب اسان کي anthropological perspective ۾ ڏسڻا پوندا. ڇاڪاڻ ته هر سماج جي رهڻي ڪهڻي مخلتف رهي آهي. ريت، رسم رنگ نسل، مذهب ۽ عقيدا عورت جي سڃاڻپ ۽ عورت سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، ان تي سڌي ريت اثر انداز رهيا آهن. مرد بنيادي طور طاقت جو بکايل رهيو آهي. اهو خيال اسان حياتياتي اعتبار کان ڏسون ته باقي species جا نر جانور مادي جانور تي غالب رويو رکندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڊارون جو اهو خيال انتهائي اهم آهي، جنهن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب The decent of man ۾ ڪيو ته بنيادي طور اسان جي خاصيتن ۽ باقي جانورن ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي. پر جيئن انسان شهر ۽ سماج ٺاهيا ۽ تهذيب جي شروعات ڪئي ته ان پنهنجي پاڻ کي نئين انداز سان پيش ڪيو ۽ سهپ سلسلو ارتقائي عمل مان گذريو آهي. جيئن جسم ارتقا ڪئي اهڙي ريت ذهن به ارتقا ڪئي آهي.
ايشا سمورن مذهبن جي پيداوار وارو کنڊ رهيو آهي. اولهه جي سماج دنيا کي جمهوريت، سياست، رياست، سيڪيولرزم، سوشلزم، ڪميونزم، فيمنزم، ريشنلزم، اپريسزم ۽ گهڻ ئي ترقي پسند فڪرن سان نوازيو. سمورن انساني حقن جي جوڙجڪ liberal paradigm کان شروع ٿي. استحصال جي نئين شڪل ۽ معيشت کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ انتهائي چست Manipulative standard به مغربي محرڪ آهي پر مغرب جي ترقيءَ جو راز عورت جي خودمختياري ۽ عورت کي هر شعبي ۾ جاءِ ڏيڻ وارو رويو سڀني روين تي حاوي لڳي ٿو. صنعتي انقلاب ۾ عورتون مرد جيان اڀري اڳيان وڌيون. مارڪس واحد فلسفي هو جنهن عورت کي اهي حق ڏيڻ جي ڳالھه ڪئي جيڪا مرد پاڻ وٽ سانڍي رکي ٿو. شوپنهار پنهنجي ماءُ سان به ڪونه ٺهيو. نٽشي عشق جي ٻيڙي ٻڏڻ کان پوءِ عورت جي معاملي ۾ خردماغ ٿي ويو، جيئن مرد مڪار ۽ دوکي باز ٿين ٿا. اهڙي عورت به ٿي سگهي ٿي. اها ڪنهن ٻئي سياري جي مخلوق ناهي. پر ڪجهه خاص تجربن جي ڪري عورت تي اهو موقف رکڻ ته اها ڏائڻ آهي ته اها حماقت هوندي
عورت ڇا آهي؟ سماجي اعتبار کان هڪ انسان جيئن مرد هڪ انسان آهي. منهنجي اها هرگز سوچ ناهي ته عورت ڪا اتم مخلوق آهي. عورت نه ڪمتر نه بالادست آهي. عورت انسان جيان هڪ حيثيت رکي ٿي. جيئن هڪ مرد ڪرپٽ ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو، اهڙي ريت عورت به ٿي سگهي ٿي. جيئن مرد هڪ بهترين ۽ لائق انسان تي ڪجهه نئون ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو. اهڙي ريت هڪ عورت به اها سگهه رکي ٿي اها هڪ بهترين فرد ٿي سماجي ڪارج ۾ اها ساڳي انسان جيان حيثيت رکي ٿي. جنسي طور ڏتڙيل سماج جيڪي پنهنجي پاڻ ۾ پاڻڀرا گهٽ جذباتي طور سطحي هوندا آهن، انهن وٽ ڪمتري ۽ بالادستي جهڙا رويا فقط پنهنجي سڃاڻپ کي قابو ڪرڻ ۾ رڌل ھوندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ تخليقي ۽ تنقيدي ۽ اعليٰ گڻ جو علم گهٽ ۽ تنگ نظر ڄٽڪو ماحول هجڻ سبب اتي جا مرد يا چئجي ته غالب فرد پنهنجي تعصب، ناڪامين جي باهه ڪمزور تي ڪڍڻ جا قائل هوندا آهن.
ممڪن آهي قدامت پرست سماج جو مرد عورت کي نيچ ڪري ان کي گهر ۾ قيد ڪري ان کي second entity جيان ڏسي يا ان گمراه ڪري. اهو تاثر ڏئي ته تون فقط بند ڪوٺي جو ڏيک آهين. ان عمل سان ان اجتماعي نفسياتي بيماريءَ کي ڪا رسمي روايتي نالي سان ان کي خوشي ملندي هجي پر اهڙي خوشي ٽڪي جي به نٿي ٿي سگهي، جيڪا عورت کي ڪمزور ۽ قابو ڪري مرد پنهنجي پاڻ کي وڏو سمجهي اڳيان اتم پيش ڪري.
تنهنڪري اچو ته تنگ نظر سوچ کي شڪست ڏئي پنهنجي هلڪي انا کي هڪ پاسي رکي فقط اهو خيال ڪريون ته عورت سماجي طور هڪ انسان آهي. عورت هڪ انسان آهي، نه ئي ڪا جنسي تسڪين جي commodity نه ئي وري ڪا مرد جي جبلتي جزن جي شڪاري. پر هڪ انسان اها اسان جي ماءُ، ڀيڻ، زال دوست، دشمن ۽ محبوب جي روپ ۾ ٿي سگهي ٿي. جيتري آزادي ۽ خودمختياري اسين پنهنجي پاڻ کي ڏيڻ جا قائل آهيون جيتري بهتر زندگي گذارڻ جا اسين پاڻ وڏي واڪي مستحق آهيون، ايتري اسين عورت کي به ڏئي ڏسون ته اسين هڪ بهتر سماج جوڙي سگهون ٿا، جيڪو جنس، رنگ نسل ۽ ڪنهن به متڀيد کان مٿانهون ٿي ماڻهو جي اصلي صلاحيتن ۽ لياقتن جي رهنمائي ڪندو. اچو ته عشق پرستي کي ڇڏي عورت جي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ واري سوچ رکون. اچو ته عورت کي مرد وانگر انسان سمجهون. اچو ته عورت جي جنس کان مٿاهون ٿي عزت ڪريون. اچو ته عورت کي گڏيل مفادن خاطر هڪ جيترو درجو ڏيون.