وقت گذرڻ سان صحافت جي شڪل صورت تبديل ٿي رهي آهي، هاڻ صحافت رڳو ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ ۽ فوٽو شاپ تائين محدود ڪونه رهي آهي پر ان کان به گهڻي اڳتي نڪري وئي آهي. جنهن ڪري صحافت جا پراڻا طور طريقا آهستي آهستي دم ٽوڙي رهيا آهن ۽ ان جي جاءِ تي ڪئين نيون شيون متعارف ٿي رهيون آهن. ايندڙ وقت ۾ صحافت ۾ ڪيتري نواڻ ۽ جدت هوندي، ان جو اندازو ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن پرڏيهه ۾ صحافتي ادارن کي ڪم ڪندي ڏسجي ٿو.
ڏکڻ فلوريڊا يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ اهڙو پروفيسر موجود آهي، جيڪو صحافت کي نوان موڙ ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري رهيو آهي، سندس پراجيڪٽ اڃا پورو ڪونه ٿيو آهي پر ترت ئي اهو پراجيڪٽ جڏهن پورو ٿي ويندو ته ڊجيٽل صحافت ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي ۽ خاص طور ويب سائيٽ واري شعبي ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ سولائي ٿي ويندي جيڪي هيستائين ڪنهن ويب سائيٽ تي اپ لوڊنگ ڪرڻ کي به هڪ ڏکيو ڪم سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ٽيڪنيڪل آهي، تنهنڪري ان کي ڪرڻ لاءِ واقعي به ٽيڪنيڪل هنر جي ضرورت آهي، جيڪو هر صحافي کي نٿو اچي.
پروفيسر ڪيسي فريشي ڏکڻ فلوريڊا يونيورسٽيءَ ۾ صحافت ۽ ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمنٽ ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر آهي. ان کان سواءِ ڊپارٽمنٽ جو هيڊ ۽ انڊر گريجوئيٽ اسٽڊيز جو ڊائريڪٽر ۽ آن لائين ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. پروفيسر فريشي اتي ڊجيٽل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪردار بابت پڙهائي ٿو. جتي هو ٽيڪنالاجي ۽ صحافت جي ميلاپ جي تعليم ڏئي ٿو.
پروفيسر ڪيسي فريشي سان ٿيل ملاقات ۾ هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته صحافت کي جديد گهرجن موجب هلائڻ گهرجي پر ٽيڪنالاجيءَ جي ڪمپنين حوالي صحافت ڪري ڇڏجي اهو کيس مناسب نٿو لڳي. هو هڪ نئين ملٽي ميڊيا پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به لکڻي کي بنهه سولائي سان تصويرن ۽ وڊيو وسيلي اپلوڊ ڪري سگهجي ٿو. هن جو سڄو ڌيان ٽيڪنالاجي ۽ صحافت جي ميلاپ تي آهي. جنهن لاءِ هو “اسٽوري ميڪر” سافٽ ويئر تي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو عملي نمونو هن پنهنجي پريزينٽيشن ۾ به پيش ڪيو هو. پروفيسر فريشي ويٽ سائيٽ ڊزائن ڪرڻ وقت HTML وارن فارمولن مان مدد ورتي آهي. پر ان لاءِ پهرين ويب سائيٽ ڊزائين ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ فارمولا هو پنهنجي سافٽ ويئر وسيلي ئي هڪ عام ماڻهوءَ کي فراهم ڪري ٿو ته جيئن آسانيءَ سان اهو ڪم ٿي سگهي. ان سافٽ ويئر ۾ ٻه شيون شامل آهن، هڪ ڊزائن ٻيو ڪنٽينٽ يعني مواد. جڏهن ان سافٽ ويئر وسيلي ماڻهو لاگ ان ٿئي ٿو ته ٻه لنڪ کلندا آهن. جنهن مان هڪ تي ماڻهو ڪم پيو ڪندو ۽ ٻئي ۾ ماڻهو ٿيندڙ ڪم کي پيو ڏسندو.
اسٽوري ميڪر سافٽ ويئر ۾ لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ هڪ صحافي پنهنجي اسٽوري جهڙي نموني ايڊٽ ڪرڻ چاهي، جيڪي به تبديليون ڪرڻ چاهي، ڪري سگهي ٿو.
پر ان سافٽ ويئر ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پروفيسر فريشي فارمولن کان ڪم ورتو آهي. مثال طور جيڪڏهن پنهنجي اسٽوريءَ جي هيڊنگ ڏيڻي آهي ته ان لاءِ لکبو =Headline اهڙي ريت وري سب هيڊنگ ڏيڻي آهي ته ان لاءِ لکبو =Subhead ائين جيڪو ٻيو لنڪ کليل هوندو، ان ۾ هر قسم جي ٿيندڙ تبديلي نظر پئي ايندي. ائين جيڪڏهن لکڻي ۾ ڪا تصوير شامل ڪرڻي آهي ته ان لاءِ لکبو =Image ۽ اها تصوير مواد ۾ شامل ٿي ويندي. ائين ٻيا به ڪجهه فارمولا آهن، جيڪي اسٽوري ميڪر سافٽ ويئر ۾ ڏنا ويا آهن ۽ ان تي وڌيڪ ڪم هلي رهيو آهي. جڏهن اهو سافٽ ويئر مڪمل ٿي ويندو ته ان کي مارڪيٽ ۾ لانچ ڪيو ويندو ۽ پوءِ ان تي ڪو به ماڻهو پنهنجي ويب سائٽ ٺاهي ڪم ڪري سگهي ٿو. جنهن لاءِ ان کي اجايو ويب ڊزائنگ واري ڏکئي مرحلي مان گذرڻ جي ضرورت پيش ڪونه پوندي.
في الحال هو اهو تجربو رڳو انگريزي ٻوليءَ تي ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سافٽ ويئر جي فارموليشن سڄي انگريزي ٻوليءَ جي حساب سان ٺهيل آهي. ان تي مون کانئس پڇيو ته ڇا ايڇ ٽي ايم ايل جا سڀئي فارمولا جيڪي اسٽوري ميڪر سافٽ ويئر وسيلي انگريزي مواد تي استعمال ٿي رهيا آهن، اهي سنڌي يا ساڄي پاسي کان لکي ويندڙ ٻين ٻولين تي به ساڳي ريت استعمال ڪري سگهجن ٿا. ان تي سندس چوڻ هو ته في الحال هو ان تي ڪم ڪري رهيو آهي، ممڪن آهي ته اها ساڳي فارموليشن ٻين ٻولين تي به لاڳو ٿي وڃي. پر جيئن ته اهو سافٽ ويئر اڃا تائين ڪم جي مرحلي ۾ آهي، ان ڪري ان حوالي سان ڪا پڪ نٿي ڏئي سگهجي.
صحافت جي حوالي سان اهي سڀ شيون نئين انداز سان اچڻ واريون آهن. اسٽوري ميڪر سافٽ ويئر هڪ صحافي کي پنهنجي اسٽوريءَ کي پاڻ ڊزائن ڪرڻ، ان جو لي آئوٽ ٺاهڻ، ڪهڙي تصوير ڪٿي ۽ ڪيئن رکڻي آهي، مواد کي ڪهڙي نموني ڏيکارڻو آهي، اهي سڀ شيون ڪرڻ جي آزادي فراهم ڪري ٿو ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀڪجهه هن جي سامهون ٿيندو رهندو. جنهن کي هو سڌي ريت ڏسي رهيو هوندو. عام طور تي ويب سائيٽ تي اپ لوڊنگ کان پوءِ اسين ڪنهن به بلاگ يا ڪالم کي ڏسي سگهندا آهيون يا ان جو پريويو ڪندا آهيون پر ان سافٽ ويئر ۾ ائين ناهي. هڪ به تبديلي ۽ ڏنل ڪمانڊ جو نتيجو اتي جو اتي ملي سگهي ٿو.
ان سافٽ ويئر وسيلي هڪ ته ڪنهن به صحافي لاءِ وقت بچي ويندو ۽ ٻيو ته هڪ ڀيرو ڪو صحافي ان ۾ ڪتب ايندڙ فارمولا سکي ويو ته ان کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت پيش ڪونه ايندي.
پروفيسر فريشي ڪارپوريٽ صحافت يا وري ان کي هڪ ڪمپني طور هلائڻ جي سخت خلاف آهي پر ان کي ٽيڪنالاجي وسيلي جديد ڪرڻ لاءِ ڪوششن کي هو ساراهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي به اهي شيون سيکاري رهيو آهي، جيڪي ايندڙ وقت به اهم ليکيون وينديون. هي سافٽ ويئر انهن صحافين لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو، جيڪي ڊجيٽل صحافت ۾ اچڻ چاهين ٿا يا جيڪي هيستائين تائين رڳو ويب سائيٽ تائين محدود رهيا آهن.
ايندڙ وقت ۾ دنيا هاڻوڪي دور جي صحافت کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي هوندي. پر جڏهن آئون سنڌي صحافتي ادارن جي حالت ڏسان ٿو ته مون کي لڳي ٿو، اهي ايندڙ وقت ۾ مقابلو ڪرڻ جي لائق ئي ڪونه رهندا. ڇاڪاڻ ته هتي صحافت جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي گنجائش جديد ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ نظر نٿي اچي. تنهنڪري جديد گهرجن موجب سنڌي صحافت کي تبديل ڪرڻ لاءِ خاص طور مالڪن کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪي اڄ به اهو ٿا سمجهن ته صحافت رڳو پني تي ڇپجندڙ اخبار جو نالو آهي.