ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دريا ۽ ماڻهو

Editorial-Article- Rauf Nizamani

سنڌو هڪ حقيقت به آهي ۽ هڪ ڏندڪٿا به آهي. ان گھڻين ڪهاڻين ۽ تهذيبن کي جنم ڏنو آهي. صدين کان هڪ وڏي جيوت کي جياپو ڏيندڙ هي دريا هڪ لحاظ کان هن وقت بحران ۾ ورتل آهي ۽ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
سنڌو جو انت لهڻ گھڻن لا هڪ خواب مثل رهيو آهي. ڪن تبت تائين سفر ڪيو آهي جتان دريا شروع ٿئي ٿو ڪن اٽڪ کان پنهنجو سفر شروع ڪيو آهي جتي ڪابل دريا سنڌو جو حصو بڻجي ٿو جڏهين ته اڳوڻي براڊ ڪاسٽر رضا علي عابدي لداخ کان اهو سفر شروع ڪيو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته اڳتي وڃڻ جي اجازت نه هئي. اهو علائقو ٽن ملڪن پاڪستان، ڀارت ۽ چين جي فوجي سرگرمين جو مرڪز آهي. هن بي بي سي جي نمائندي طور اهو سفر گذريل صدي جي اسي جي ڏهاڪي جي آخر ڌاري ڪيو. ريڊيو تان ان جي تفصيل سلسليوار هلي ۽ پو ان کي شير دريا جي نالي سان ڪتابي شڪل ڏني ويئي. اهو سفر ڪنهن ٻيڙي وغيره ۾ نه پر دريا جي ڪنارن کان ڪيو ويو آهي ۽ مختلف علائقن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره جو ذڪر ڪيو ويو آهي. گھڻو دارومدار ليکڪ سفر ڪندي جيڪو علائقي کي ڏٺو آهي ۽ مختلف ماڻهن کان جيڪي انٽرويو ورتا آهن انهن تي آهي. ائين کڻي چئجي ته ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ انهن علائقن جي جيڪا صورتحال هئي ان تي هڪ طائرانه نظر وڌي ويئي آهي.
لداخ ۾ ٻڌمت، هندومت جا پوئلڳ ۽ مسلمان آهن. انهن ۾ گھڻائي ٻڌ مت جي پوئلڳن جي آهي. دريا هوندي به اهو علائقو ويران ۽ غير آباد آهي. ڪجھه ڳوٺ دريا جي سطح کان مٿي آهن جنهن جو اتان جي ماڻهن کي ڪو به فائدو ڪونهي. ليکڪ اسڪردو، چلاس، گلگت، ڪوهستان ۽ ٻين مختلف اهڙن علائقن، جيڪي دريا کان مٿي آهن ۽ دريا سان لڳ آهن اهو پڇيو ته ڇا کين دنيا جي هن وڏن دريائن مان هڪ مان ڪو فائدو آهي. گھڻن بلڪ اٽڪل سڀني جو اهو چوڻ هو ته کين ڪو فائدو ته ڪونهي پر اڪثر نقصان ٿيندو آهي. جبلن تان جيڪي ڇپون ڪرنديون آهن انهن جي ڪري پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي ۽ دريا جي سطح مٿي ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري گھر زمينون ۽ ماڻهو ٻڏي ويندا آهن. شاهراهه قراقرم جي ٺهڻ کان اڳ اهو سڄو علائقو ڄڻ دنيا جهان کان ڪٽيل هو. ماڻهن کي نه ريڊيو ٽيليويزن جي ڄاڻ هئي ۽ نه انهن موٽرڪار ۽ جيپ وغيره ڏٺي هئي. شاهراهه جي ٺهڻ سان جيتوڻيڪ گھڻيون تبديليون آيون آهن پر خاص طور چيني انجنيئرن جي واپس وڃڻ کان پو ان جي خراب حالت آهي ۽ ڪن ڪن جاين تي ٻهراڙي جي سڙڪن جو ڏيک ڏيندي آهي.
هتان جو واپار گھڻي ڀاڱي هندن جي هٿ ۾ هو. مقامي ماڻهن کي واپاري معاملن جي گھڻي ڄاڻ ناهي. ان ڪري انهن جي لڏي وڃڻ کانپو پنجاب ۽ ڪي پي جي ماڻهن هتي اچي ڪاروبار سنڀاليو آهي. تعليم ۾ واڌارو آيو آهي ۽ ڇوڪرن کانسوا ڇوڪريون به تعليم حاصل ڪرڻ لڳيون آهن. بالغن جي تعليم لا نئين روشني اسڪول قائم ڪيا ويا جيڪي پو بند ٿي ويا. پر هتي پڙهيل لکيل نوجوانن لا ڪو ڍنگ جو روزگار ناهي. اهي هوٽلن تي ڪم ڪن ٿا، دريا تي مڇيون مارين ٿا ۽ يا سڄو ڏينهن ائين ئي رلندا رهن ٿا.
ڪوهستان جي ماڻهن جي اکين ۾ هڪ وحشت آهي جنهن کي ڏسي ڊپ لڳندو آهي. کيس ٻڌايو ويو ته هتي ڦرمار ۽ مسافرن کي ڦرڻ وغيره جا واقعا ته نه ٿا ٿين پر قتل جو بدلو چاليهه پنجاهه سال کانپو به ورتو وڃي ٿو.
ٿا ڪوٽ آخري شهر آهي جتان پو دريا ميدانن ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي هڪ وڏو جبل جيڏو تربيلا ڊيم ٺاهي دريا تي بندش وڌي ويئي آهي. هن ان ڪالوني کي به ڏٺو جيڪا ڊيم جي ڪري بي گھر ٿيل ماڻهن لا ٺاهي ويئي هئي. ان لا اهو چيو ويو هو ته ان ۾ ماڻهن کي سڀ سهولتون مهيا ڪيون وينديون. پر ان ڪالوني ۽ اتان جي ماڻهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو ۽ اهي اتي ڪسمپرسي جي حالت ۾ رهي رهيا هئا.
ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ٿورو اڳتي هلي خيبر پختونخواه جو هندو جو علائقو آهي جتان دريا پار ڪري پنڊي جي علائقي حضرو ۾ داخل ٿي سگھجي ٿو. پراڻي دور ۾ هندوستان تي حملو ڪندڙ هندو مان دريا پار ڪري حضرو پنجاب ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ پو دهلي ڏانهن رخ ڪندا هئا. حضرو پنجاب جو اهو علائقو آهي جيڪو ولايت جو ڏيک ڏئي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ان علائقي جا گھڻا ماڻهو ٻين ملڪن ۽ خاص برطانيا ۾ لڏي ويا آهن. گھر جو هڪ اڌ فرد هتي رهي ٿو پر گھرن جي آرائش نهايت سهڻي نموني ڪئي وڃي ٿي ۽ زندگي جي هر آسائش موجود هجي ٿي. کين اها شڪايت هجي ٿي ته کين انگلينڊ جو ويزا ڏکيو ملي ٿو ۽ اهڙا گھڻا مڙس پنهنجين زالن کانسوا رهي رهيا هئا.
ان کانپو ليکڪ ميانوالي جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪو انتظامي طور ته پنجاب جو حصو آهي پر پنجاب وارن جي ليکي اهو ڪي پي ۾ آهي جڏهين ته ڪي پي وارا ان کي پنجاب ۾ سمجھن ٿا. ان علائقي ۾ سرائيڪي ۽ پشتو ڳالهائي وڃي ٿي.
ليکڪ اتان جي هڪ علائقي ڪلر مثاني ۾ ويو. هڪ پٺتي پيل علائقو جتي ماڻهو بجلي لڳائڻ به قبول نه ٿا ڪن ته ان سان اهي مري ويندا. هو ڊيره اسماعيل خان ۾ خاص طور گومل يونيورسٽي جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا اتان جي مخير ۽ شهر جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته دريا جو کين ڪو فائدو ناهي. اڳ جبلن تان جيڪو پاڻي ايندو هو ان تي بند ٻڌي ان کي زراعت لا استعمال ڪيو ويندو هو پر هاڻي اهو نظام ختم ٿي ويو آهي ۽ جبلن جو اهو پاڻي سندن پوک ۽ زمينن کي نقصان پهچائي سڌو دريا ۾ هليو وڃي ٿو.
ليکڪ وٽ جيڪو نقشو هو ان مطابق هو دريا جو ڪنارو وٺي سڌو ڊيرا غازي خان وڃي سگھيو ٿي پر کيس ٻڌايو ويو ته اها سڙڪ هاڻي زبون حالت ۾ آهي ۽ سفر جوڳي ناهي. ان ڪري کيس دريا پار ڪري بکر وڃڻو پيو ۽ اتان ريل رستي ڊيره غازي خان. ديرا جات جي ان علائقي ۾ گھڻي ڀاڱي بلوچ قبيلا رهن ٿا ۽ بلوچستان سان پنهنجي وابستگي کي ظاهر ڪن ٿا. ليکڪ جڏهين اتي هو ته اتي بلوچستان جي ڪنهن تنظيم پاران بلوچستان جي مسئلن جي حوالي سان جلسو ٿي رهيو هو. هتان جي ماڻهن جو به مينهن جي مند ۾ جبلن کان ايندڙ پاڻي جو مسئلو آهي جنهن سان سندن جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. هتان جي ماڻهن جي به دريا کان ساڳي شڪايت آهي ته کين ان مان فائدو نه پر نقصان آهي.
سنڌو بهاولپور ۾ ريتي جي علائقي مان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. سکر ۾ هن عورتن کي ٻيڙي هلائيندي ڏٺو ۽ هڪ عورت جي ٻيڙي ۾ سفر به ڪيو. هو عورت کيس ٻڌائي ٿي ته اهي به عام ماڻهن وانگر گھر ۾ رهڻ چاهين ٿا پر حڪومت پاران اهڙي ڪا سهولت نه ٿي ڏني وڃي. هتي ان ڳالهه جي کوجنا ڪري ٿو ته سنڌي ۽ مهاجر اڳ هتي ڀائرن وانگر رهندا هئا نيٺ منجھن اهو تفرقو ۽ تضاد ڇو پيدا ٿيو. ان لا هو حليم پيرزادو سان ڳالهائي ٿو جيڪو کيس ٻڌائي ٿو ته ان جو مک ڪارڻ ون يونٽ آهي جنهن جي ڪري هتي ننڍيون وڏيون سڀ نوڪريون بجائي مقامي ماڻهن کي ڏيڻ جي ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏنيون ويون ۽ جڏهين سڀ جايون ڀرجي ويون ته ون يونٽ کي ختم ڪيو ويو.
هتان هو لاڙڪاڻو وڃي ٿو جتي شهر جي صورتحال ڏسي کيس افسوس ٿئي ٿو ته اڳ اهو هڪ صاف سٿرو ۽ سٺو شهر هو پر هاڻي گندگي ۽ بي توجهي جو شڪار ٿي ويو آهي. اڳ جتي مختلف ميون جا باغ ۽ پارڪ هوندا هئا اتي هاڻي عمارتون ٺهي ويون آهن. سندس چوڻ آهي ته اهو واحد شهر هو جتان جي ماڻهن جو چوڻ هو ته کين رائيس ڪينال وغيره جي ڪري دريا مان فائدو ٿيو آهي. هتي کيس عبدالعزيز نالي هڪ همراهه ملي ٿو جنهن جو چوڻ هو ته سندس خاندان ڀارت مان لڏي آيو هو ۽ کيس هتي رهندي هڪ ڊگھو عرصو ٿي ويو آهي. هو پاڻ کي سنڌي سمجھي ٿو پر هتان جا ماڻهو کيس قبول ڪرڻ لا تيار ناهن. گھڻا اڙدو ڳالهائيندڙ لاڙڪاڻي مان لڏي ويا آهن ۽ کيس به جيڪڏهين پنهنجي گھر جا مناسب پئسا مليا ته هو به هليو ويندو.
هتان هو حيدرآباد وڃي ٿو. هتي به شهر جي بدليل حالت ڏسي کيس افسوس ٿئي ٿو. شهر ۾ گندگي ۽ رش وڌي ويئي آهي. اڳ شهر ۾ ويڪرا رستا ۽ پارڪ هوندا هئا اهي سڀ ماڻهن ۽ حڪومت ختم ڪري ڇڏيا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته شهر جا ماڻهو جيڪي اڳ امن ۽ سڪون سان رهندا هئا اهي هاڻي ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا ته ڪٿان ٿي گولي اچي ۽ ڪٿي ٿو بم ڦاٽي.
هتان هو سجاول وغيره مان ٿيندو ٺٽي پهچي ٿو جتي جيتوڻيڪ ڪا نسلي ۽ لساني ڇڪتاڻ موجود نه ٿي هجي پر اهو شهر جيڪو اڳ سنڌ جي گادي جو هنڌ ۽ علم ۽ ادب جو مرڪز هو لاهري بندر جي ختم ٿي وڃڻ ۽ حيدرآباد جي گادي جي هنڌ ٿيڻ ڪري هن وقت هڪ ڪسمپرسي واري حالت ۾ آهي. هتان سنڌو جي ڊيلٽا جو علائقو شروع ٿئي ٿو.
هتي خاص طور ابوظهبي جي حڪمرانن پاران پنهنجي شڪار جي سهولت لا سڙڪون ۽ محل وغيره ٺهرايا ويا آهن. اهڙي هڪ محل ۾ ملازمن پاران ليکڪ کي محل گھمڻ جي اجازت ڏني ويئي جنهن جا تفصيل هن بي بي سي تي نشر ڪيا جنهن جي ڪري اتان جي ٻن ملازمن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ڊيلٽا جي پنهنجي هڪ ڏکوئيندڙ ڪهاڻي آهي. دريا ۾ پاڻي جي اڻهوند ڪري گھڻيون شاخون ختم ٿي ويون آهن. هڪ اڌ شاخ ئي آهي جنهن جي وسيلي دريا سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ڏينهون ڏينهن سمنڊ جي دخل اندازي وڌنڌي وڃي ٿي. زرعي زمينون ختم ٿي ويون آهن. پيئڻ لا پاڻي ناهي. ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ۽ شهر ويران ٿي ويا آهن. شاهه بندر جو رڳو نالو وڃي رهيو آهي. هتي سنڌو ۽ ليکڪ ٻنهي جو سفر ختم ٿئي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button