عمران خان اقتدار مان آئوٽ ٿيڻ بعد مسلسل ٻن ادارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. هڪ ادارو آهي، اسٽيبلشينٽ ۽ ٻيو ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن! عمران جو خيال آهي ته انهن ٻنهي ادارن هن سان ناواجبي ڪئي آهي. اسٽيبلشمينٽ هن کي اقتدار مان ڪڍڻ جي ذميوار آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو عمران خان سان جهڙو ڪو وير آهي. ان ڪري عمران خان ڪيترائي ڀيرا نه صرف اليڪشن ڪميشن جي ڪردار مٿان سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي پر هن جي پارٽيءَ اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج به ڪيا آهن. هن وقت به عمران خان جي نشاني تي اهي ٻيئي ادارا آهن.
عمران خان جي ابتڙ مسلم ليگ ن وري ملڪ جي ٻن ادارن کي نشانو بڻائي رهي آهي. انهن مان هڪ ادارو آهي ايوان صدر ۽ ٻيو ادارو آهي، سپريم ڪورٽ! مريم نواز ته ڪافي وقت کان وٺي عدليا جي مٿان تنقيد جا تير وسائيندي رهي آهي. هن سپريم ڪورٽ جي لاءِ به اهو بيان ڏنو آهي ته ”سپريم ڪورٽ آئين کي نئين سر لکي رهي آهي“ جڏهن ته ايوان صدر خلاف وزير اعظم شهباز شريف تازو هڪ خط به تحرير ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته اوهان جو بحيثيت ڪردار آئيني ناهي. اوهان جو جهڪاءُ عمران خان ۽ هن جي پارٽيءَ جي پاسي آهي. ساڳي طرح سان شهباز شريف وزير اعظم هجڻ جي باوجود به سڌن ۽ اڻ سڌن لفظن ۾ عدليا جي طرف آڱر سڌي ڪندو رهيو آهي. هن تازو اهو بيان ڏنو آهي ته ”تارازيءَ جو هڪ پلڙو جهڪيل آهي، جنهن جي ڪري عدم توازن پيدا ٿي رهيو آهي“
عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي مٿان تنقيد ان ڪري ٿو ڪري جو هن جي خيال ۾ هن کي اقتدار مان ٻاهر اڇلائڻ واري اصل قوت اها ئي هئي. اهوئي سبب آهي ته بار بار ”نيوٽرلس“ جو نالو وٺي پنهنجا مطالبا پيش ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي تائين ڪري رهيو آهي. عمران خان پاڪستان جو واحد ۽ اڪيلو سياستدان آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جو تذڪرو کليل لفظن ۾ ڪندو آهي. جڏهن ته ٻيون ڌريون اسٽيبلشمينٽ متعلق اشارن جي گفتگو ڪنديون آهن پر عمران خان جيئن ته پنهنجي مجموعي اسٽائيل ۾ بي پرواهيءَ جو مظاهرو ڪندو نظر ايندو آهي، ان حوالي سان هو سياست ۾ به اهڙوئي ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن ته اصل ۾ هو تمام سياڻو ۽ تمام تيز سياستدان آهي. پر هن پنهنجي هڪ مخصوص اسٽائيل ٺاهي ڇڏي آهي ۽ هن جو اهو خيال آهي ته ماڻهن کي هن جون اهي ادائون تمام گهڻو وڻن ٿيون. ان ڪري هو پنهنجي اهڙي انداز ۾ تبديليءَ آڻڻ بدران ان کي وڌيڪ پڪو پختو ڪندو رهندو آهي.
ملڪ ۾ ڪجهه معاملن تي ادارن جو مختلف خيال يا ردعمل هڪ فطري شيءَ آهي ۽ صرف اسان جي ملڪ ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ اهو ڪجهه ٿيندو رهندو آهي پر پاڪستان ۾ اهو عمل عمران خان کان اڳ ۾ ان طرح سان نه هو، جنهن طرح سان هاڻي اچي ويو آهي. هن وقت ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جا ادارا پنهنجي سوچ ۽ لوچ ۾ الڳ الڳ طرح سان ويچارين ۽ عمل ڪن ٿا. اها هڪ عجيب ۽ نامناسب قسم جي صورتحال آهي پر اهو آهي ته هاڻي ڪجهه حلقا اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا ته ڄڻ رياست جي اهم ادارن پنهنجي پنهنجي پسند جا سياستدان چونڊي ورتا آهن. ڪجهه ادارن کي عمران خان پسند آهي ۽ ڪجهه ادارا پي ڊي ايم کي ملڪ جي لاءِ بهتر سمجهن ٿا. جڏهن ته ملڪ جي ادارن جو ان سلسلي ۾ سوچڻ جو سلسلو نه هجڻ گهرجي. ڇو ته ادارا فرد ناهن، جيڪي پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي حوالي سان فيصلا ڪن. ادارا آئين جي پيداوار آهن ۽ انهن جو ڪم اهو آهي ته انهن مٿان آئين جيڪي به ذميواريون عائد ڪيون آهن، اهي پوريون ڪن. آئين ادارن جي جوڙجڪ ان ڪري ڪندو آهي ته رياست جو هڪ مخصوص نظام ۾ سلسلو توازن ۾ هلندو رهي. پر جڏهن به ادارا پنهنجي آئيني دائري مان ٻاهر نڪرن ٿا، تڏهن انهن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيڻ جو عمل فطري ۽ لازمي بڻجي وڃي ٿو.
پاڪستان ۾ جڏهن به آمريت آئي آهي، تڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿيو آهي. اسان ان سلسلي ۾ اها ڳالهه بحث هيٺ نه ٿا آڻيون ته ان ٽڪراءَ ۾ ڪير کٽي ۽ ڪير هارائي ٿو پر اسان ايترو ضرور ڏسون ٿا ته مجموعي طور تي ملڪ کي ان مان نقصان پهچي ٿو. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ بار بار مارشل لا نه اچي ها ته اڄ پاڪستان جو معاشي ۽ معاشرتي طرح سان اهو حشر نه هجي ها، جيڪو هن وقت اسان سميت پوري دنيا ڏسي پسي رهي آهي. پاڪستان ته ڇا پر دنيا جو ڪو به ملڪ اهو افورڊ ڪري نه ٿو سگهي. اهوئي سبب آهي ته اهو بنگلاديش جيڪو ڪالهه اسان جي ملڪ جو حصو هو ۽ اڄ هڪ الڳ ملڪ آهي، ان جي ادارن کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي ته جيستائين آمريت جي ڪري ادارن جو پاڻ ٽڪر ٿيندو رهندو، تيستائين ملڪ ڪنهن به طرح سان ترقي نه ڪري سگهندو. اهو محسوس ڪري ۽ اهو سمجهي بنگلاديش جي فوج سياست کان پنهنجا پير پوئتي ڪرڻ جو نه صرف فيصلو ڪيو پر سالن کان وٺي ان فيصلي تي عمل به ڪيو آهي ۽ ان عمل جي نتيجي ۾ اڄ بنگلاديش جي اقتصادي صورتحال پاڪستان کان بهتر بيان ڪئي وڃي ٿي. اڄ بنگلاديش جو ٽڪو پاڪستان جي روپئي کان وڌيڪ مهانگو آهي. اهو سڀ ڪجهه هن ملڪ ۾ به ٿي سگهيو ٿي پر هن ملڪ ۾ بار بار ادارن جو پنهنجي آئيني حدن مان نڪرڻ واري روش ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچائڻ جي صورت اختيار ڪندي رهي آهي.
پاڪستان ۾ ڪجهه فرد پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ ملڪي مفاد جو ٻيڙو ٻوڙيندا رهيا آهن. انهن وٽ دولت آهي پر انهن جي دولت سبب هي ملڪ ايترو ته غريب ۽ ايترو ته مقروض ٿي ويو آهي جو ان جو مثال پيش ڪري دنيا جا سياستدان پنهنجي عوام کي ڊيڄاريندا آهن. جڏهن ته هن ملڪ ۾ تمام متوازن ۽ تمام مثبت ماحول هو پر ان ماحول کي ختم ڪيو ويو ۽ ان خاتمي جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته ملڪ جي ادارن کي قانون ۽ آئين جي حدن ۾ هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ گهمسان جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي رهي.
ملڪ جي سياست جو هن وقت به نشانو ملڪ جا ادارا آهن. اها تمام گهڻي بدقسمتي آهي ته سياستدان ادارن جي عزت ڪرڻ ۽ انهن جي طرفان پيش ٿيندڙ شرطن تي هلڻ بدران ادارن کي پنهنجي مفاد ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان ڏس ۾ ڪا تفريق ناهي. حڪومت عدليا کي قابو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار گهٽائڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ شروع ڪئي آهي. حڪومت جو موقف آهي ته عدليا سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، حڪومت جو اهو اعتراض ان مهل ڪنهن به طرح سان وجود ۾ نه آيو هو، جڏهن عدليا پاران سرڪاري ڪرسين تي ويٺل سياستدانن جا ڪرپشن وارا ڪيس ختم ٿي رهيا هئا. جڏهن ملڪ جي بدنام ۽ ڪرپٽ ڪردارن کي رليف ملي رهيو هو. جڏهن انهن جا نالا اي سي ايل مان نڪري رهيا هئا. جڏهن انهن کي اهو ڪجهه ملي رهيو هو، جنهن سان قانون ۽ انصاف جو روح تڙپي رهيو هو ۽ اڄ جڏهن عدليا عمران خان کي ضمانت ڏئي رهي آهي ته ان سان حڪومت کي تمام گهڻي تڪليف پهچي رهي آهي. جڏهن عدليا ڪنهن کي رليف ڏئي ٿي ۽ ڪنهن کي من ورتو انصاف فراهم ڪري ٿي ته عدليا ان مهل عظيم بڻجي وڃي ٿي پر جڏهن عدليا جو ڪو فيصلو حڪومت جي لاءِ مشڪل پيدا ڪري ٿو ته قانون جي حڪمراني کي قبول ڪرڻ بدران حڪومت انصاف جا پر قانون جي ڪينچيءَ سان ڪٽڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. ڇا ان طرح سان ملڪ هلندا آهن؟ ڇا ان طرح سان ملڪ ترقي ڪندا آهن؟ ملڪن جي ترقيءَ جو راز اهو آهي جڏهن به فرد ادارن جو احترام ڪن ٿا ۽ ادارا آئين جي دائري ۾ رهي هلن ٿا، تڏهن ملڪ جو انتظامي نظام ڪنهن موسيقيءَ وانگر محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. ان جي ابتڙ جڏهن فرد ادارن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي پنهنجي مرضي هلائن ٿا، جڏهن ادارن جاسربراهه ملڪي آئين ۽ قانون تي هلڻ بدران پنهنجن مفادن سبب قانون ۽ آئين جي پاسداري نه ٿا ڪن ته ان صورت ۾ اهڙي انارڪي جنم وٺي ٿي، جهڙي انارڪي گوڙ ۽ شور ۾ هوندي آهي. هن وقت پاڪستان جو سياسي ۽ انتظامي فضائون اهڙي شور سان گونجي رهيون آهن.
پاڪستان جي ادارن جو ڪردار هڪ تمام اهم موضوع آهي. اهي ادارا دفاع جا هجن يا اهي ادارا انصاف جا هجن يا اهي ادارا احتساب جا هجن يا امن امان جي رکواليءَ وارا هجن. انهن جو ڪردار آئين جي موجب هوندو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو بحران پيدا نه ٿيندو. پاڪستان ۾ موجود بحران کي هر فرد مڃي رهيو آهي پر ڪو به اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ان بحران جي پيداوار ۾ هن جو ڪردار ڪيترو آهي؟ پاڪستان ۾ اهڙو سياستدان مشڪل نظر اچي ٿو، جيڪو پنهنجي اندر جي خوشي ۽ مسرت سان ادارن کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ۽ پاڪستان ۾ اهڙو ادارو ڏسڻ جي حسرت هن مهل تائين موجود آهي، جنهن جو ڪردار مڪمل طور تي آئيني ۽ قانوني هجي. جنهن ڪڏهن به قانون کي پنهنجن پيرن هيٺان نه لتاڙيو هجي. ادارن کي اهوئي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن جي لاءِ انهن کي وجود ۾ آندو ويو آهي پر اسان جو نڀاڳ اهو آهي ته آئيني ڪم کي ڇڏي ادارا غيرآئيني عمل ۾ منفي ڪردار ادا ڪندڙ ادارا ملڪ کي هن حال تائين پهچائڻ جا ذميوار آهن. ادارن کي ان ريت جوڙيو ويندو آهي ته جيئن هو هڪ ٻئي جي مدد ڪن ۽ هڪ ٻئي کي ٻل ڏين. جڏهن ادارا هڪ ٻئي سان ٽڪر ۾ اچن ته پوءِ ملڪي مفاد کي ناقابل تلافي نقصان پهچڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي.
اها تمام افسوسناڪ صورتحال آهي ته اسان ورهايل ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ ادارن واري ملڪ جا مظلوم شهري آهيون.