ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمرانن جي معاشي پاليسين جا نڪرندڙ اگرا نتيجا

Editorial

حڪمرانن جي عوام دشمن معاشي پاليسين جا هاڻ اگرا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. پنجاب ۾ مفت اٽي لا ماڻهو مري رهيا آهن ته سنڌ ۾ راشن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ماڻهو مري رهيا آهن. تازو ئي ڪراچي جي سائيٽ ايريا نورس چورنگي تي ڊائنگ فيڪٽري ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ 3 ٻار ۽ 8 عورتون شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته فئڪٽري ۾ ماڻهن کي زڪوات جي رقم ورهائڻ لاءِ سڏيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀاڄ دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته راشن ورهائڻ دوران ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.
رپورٽن مطابق مقامي فيڪٽري ےطرفان مستحقين ۾ راشن ورهايو پئي ويو. پوليس موجب شروعاتي اطلاعن موجب جنهن جاءِ تي راشن ورهايو پئي ويو اتي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاڄ پئجي وئي. پوليس موجب ڀاڄ دوران ويجھو نالي جي ڀت پڻ ڪري پئي، شروعاتي اطلاعن موجب ڀاڄ جي نتيجي ۾ 2 عورتون حياتي وڃائي ويٺيون، جڏهن ته 2 ٻارڙا نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته 15 زخمين کي سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، عباسي شهيد اسپتال ۾ 9 لاش، 2 لاش سول اسپتال پهچايا ويا. ٻن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، فيصل ايڌي موجب جيڪي لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايا ويا، اهي سمورا لاش عورتن جا آهن، جن ۾ 3 ٻارڙيون به شامل آهن. ايڌي فائونڊيشن جي رضاڪار موجب راشن ورهائڻ دوران بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا. ان کان علاوه اکين ڏٺن شاهدن موجب ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو بيهوش پڻ ٿي ويا. ايس پي بلديا ٽائون موجب ڪمپني پاران راشن جي ورڇ جو اطلاع نه ڏنو ويو، ڀاڄ دوران پاڻي جي لائين ليڪ ٿي وئي، جنهن ۾ بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن سبب پڻ فوتگيون ٿيون. پوليس ڪمپني مان 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب وڌيڪ فوتگيون فيڪٽري جي ڪيميڪل مليل پاڻي ۾ ڪرڻ سبب ٿيون. ان حوالي سان ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي مفت راشن جي فراهمي بابت آگاهه نه ڪيو، راشن ۽ زڪوات جي ورڇ بابت ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي، فيڪٽري مينيجر سميت 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته فيڪٽري انتظاميا جي ٻين ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويندو، واقعي جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
عوام کي مڪمل طور موت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. اڳوڻي حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ته موجوده حڪومت وري ڪهڙو ٻيڙو تاريو آهي؟ اهڙي صورتحال باوجود حڪمران ساڳين عوام دشمن معاشي پاليسين تي عمل پيرا آهن. ڇاڪاڻ ته نيپرا بجلي واهپيدارن کي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مستقل سرچارج لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا بجلي واهپيدارن تي 335 ارب رپين جو واڌو بار وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ نيپرا حڪومتي درخواست تي پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏيو. نيپرا پاران بجلي واهپيدارن تي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مستقل چارج لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. فيصلي مطابق بجلي جي قيمت ۾ واڌ سرچارج ايندڙ مالي سال کان لڳائي ويندي. اضافي سرچارج گهريلو، صنعتي، ڪمرشل ۽ زرعي صارفين تي به لاڳو ٿيندي. اضافي سرچارج ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لڳندو. فيصلي تحت هلندڙ سال جون تائين حڪومت 3 رپيا 82 پئسا في يونٽ واڌو سرچارج وصول ڪندي. جڏهن ته ايندڙ مالي سال کان 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ سرچارج وصول ڪيو ويندو.
اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي پنهنجي معاشي پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي. آخر ڪيستايئن ماڻحو ايئن مفت اٽي ۽ راشن جي ڳولا ۾ مرندا رهندا؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button