ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ھيءَ جي چُھڙا شُودر آھن…

Editorial-Article-Hameed Soomro

عبدالرحمان پيرزادي جو نئين سال جو برقي شاعري جو ڳُٽڪو ” شوخ ھوا ” توھان جي ھٿن ۾ آھي جنھن ۾ ترجما، غزل، وائي، گيت، ٽيڙو، ھڪ سٽا، ٻه سٽا، ٽه سٽا، چئوسِٽا، پنج سٽا ۽ نظم شامل آھن. عبدالرحمان پيرزادي جو شاعري جو ھي سورھون مجموعو آھي. جنھن ۾ ڄاڻايل سمورين صنفن تي شاعر اڳ ۾ به طبع آزمائي ڪندو پئي رھيو آھي. موجوده ڳٽڪو انڪري توجہ طلب ۽ اھميت جوڳو آھي جو ان ۾ شاعري جا ڪجھه موضوع نوان، اڇوتا تہ ڪجھه موضوع “لوڪ وھي لھوارو تون اوچو وھه اوڀار” جيان نرالا ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آھن. ترجمن ۾ روسي شاعر ہوچي سلاو اوريولن، اردو جي ٻھڳڻي شاعر ۽ مشھور غزل “بھت دير ڪرديتا ھون ” جي خالق منير نيازي، اردو ٻولي جي خوبصورت شاعر ندا فاضلي، تازو فوت ٿي ويل مشھور اردو اديب امجد اسلام امجد، عالمي انعام يافتہ مشھور ولنديزي/ڊچ ناول نگار شاعر ھيري مُلش جنھنجا اسي کان وڌيڪ ناول 30 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ڇپجي چڪا آھن، ڀارت جي سڀ کان وڏي ادبي ايوارڊ ساھتيہ اڪيڊمي ايوارڊ يافتہ جواني ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويندڙ پنجابي شاعر شِوڪمار بٽالوي سميت لوويناسلووينا چڊي جي شاعري کي خوبصورت سنڌي روپ ڏنو ويو آھي. اھا شاعر جي ڪاريگري آھي تہ ترجمو ڪندي شاعري جو اصلي ڳر، ترنم خودساختگي برقرار رکندي شعر جو حسن متاثر نہ ٿيڻ نہ ڏنو آھي. روسي شاعرہ وچي سلاو اورلين جو نظم “ڪنھن کي ڪھڙي ڪل وقت ڪاڏي وٺي ويندو” ۾ يادن جي سار ۾ انوکين دلبرين جون ڪٿائون آھن اتي منير نيازي جو غزل “توکان وڇڙي” من جا تار ڇھندڙ لفظن سان ٽمٽار آھي. ندا فاضلي جي “ابي جي قبر” نظم، پٽ جي پيءُ سان خود ڪلامي ۾ احساسن ۽ جذبن جو اظھار سياڪا ڪڍندڙ آھي جڏھن تہ امجد اسلام امجد جي ٽن تخليقن مان “ننڍڙي ڳالهھ” شاعري ۾ ڪيڏي نہ وڏي ڳالهھ ٿيل آھي ۽ لڳي ئي نٿو تہ ھي ڪو اردو ٻولي مان ترجمون ٿيل آھي.
“زندگي جي ميلي ۾، خواھشن جي ريلي ۾،
وقت پيو وڃي نڪري، بخت ڀي پيو نڪري،
سخت بي زميني آ، سخت لامڪاني آ،
ڳالهھ ٿوري ننڍڙي آ، ڳالهھ سا عمر جي آ…
ائين شو ڪمار بٽالوي جي تخليق “ڦلن واري” ۾ بہ لاجواب خوبصورت شعرن جي روپ ۾ گل ورکا ٿيل آھي.
ڪتاب ۾ ھڪ رانجھو لکان دا مٽ جهڙو اڪيلو غزل آھي جنھن جون ھيٺين سٽون تہ جيڪو ڪجھه آھي ھتي ئي آھي واري مفھوم وارو خيال ڪيڏو نہ جاندار آھي.
“باقي پاڇي ڪجهھ نہ ھجي، ائين کُلي کِلي ڳالھائجائين
دل دماغ ۾ اٽڪيل ڳالھيون، ڪنھن سولي دڳ لائجائين
ائين ئي ڪتاب ۾ اڪيلي وائي بہ ڪونج جيئين ڪُرلائيندي پاڻ سان اورڻ اوريندي نظر پئي اچي تہ،
“رات آھي اماس
ذھن آھي داس
ڪيڏي آھي پياس
اچ تہ اوريون پاڻ ۾
خوشبوئن ۾ ڀريون
مرڪنديون ھن وريون
اڄ ڪچھريون ڪريون
اچ تہ اوريون پاڻ ۾
ائين ھن شاعري جي مجموعي ۾ اڪيلو ئي گيت، “آھي حياتي آڱر ويڙھو ” عبدالرحمان پيرزادي جي پنھنجي ئي ھڪ خوبصورت نظم” ھائي حياتي آڱر ويڙھو ” جي تڪرار ۾ رچيل آھي.
ڪتاب ۾ ٻہ ٽيڙو ۽ ڪجهھ ھڪ سٽا بہ آھن جڏھن تہ ڪانھ، لوھيڙو، ڪانو، سرُ، بُک، سائنس، پُھتا، پُڳا، ڏسي، ٻُڌي، ڳالھائي، پندرھن جنوري 2023، غربت، دوست، ساڃاھه، سنگت، پرين، پاسيرا جي عنوان سان ترتيب ۾ پاڻ سان ھم ڪلام ڀاسندڙ ٻہ سٽا موجود آھن.
عبدالرحمان پنھنجي شاعري ۾ ھر تخليق کي عنوان ڏيڻ جي روايت واري نرالي ۽ ڀلوڙ اسلوب جو امين آھي ائين ئي ھڪڙو ٻہ سٽو اڳئين ٻہ سٽي سان ھٿ ھٿ ۾ وجهي ھلندي ڳائيندي جهونگاريندي محسوس ٿئي ٿو ۽ ڇھه ست لفظن تي مشتمل ھڪ ڪٿا ختم ٿيندي ٻي ڪٿا شروع ٿي وڃي ٿي. ائين “پھتا” نالي ٻہ سٽي ۾ ڪيئن نہڪارائتي ڪٿ ٿيل آھي،
ڀلجي ڀلجي ڀاڻ
پھتا ھوندا پاڻ
يا وري پھتا جي پويان “پُڳا” جو استعمال ڪيئن نہ من کي ڇھندڙ ٿو لڳي.
ڀلجي ڀلجي ڀاڻ
پُڳا آھيون پاڻ
ھن ٻہ سٽي ۾ دوست جو مفھوم ڏسو
درد ئي دوست ٿئي
سڃاڻين جي
دوست ۽ درد جي پويان وري ساڃاھه جو استعمال بہ ڏسڻ جهڙو آھي
سور ساڃاھه ٿئي
ماڻين جي
ڪتاب ۾ شامل سورھن ٽي سِٽن مان نو ٽہ سٽا “شوخ ھوا” جي تڪرار ۾ رچيل آھن جنھن ۾ بہ عبدالرحمان پنھنجي سماج ڏانھن ذميدار ھجڻ ۽ ٻئي کي ذميداري ياد ڏيارڻ کان پري نہ ھٽيو آھي.
اڄ شوخ ھوا جو نياپو آيو
ڪنڀر لنگھا ڊکڻ ھجو
پنھنجي پنھنجي ڪرت نڀايو
يا وري ھن ٽہ سٽي ۾ پيار، نينھن ۽ سڪ جي تمثيل ڪيڏي نہ من لڀائيندڙ آھي.
پيار دريا
نينھن آ مينھن
سڪ اٿئي ساھه
ائين ئي ڌڻ، سار، زندہ لاش، سائل، بک، ڌرتي ڌڻي جي عنوان جا چار سٽا آھن. چار سٽي “ڌڻ” ۾ چڙي ٻڌل ڳئون ڌڻ جي ليڊر جو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ انھي ۾ بہ شاعر صفبندي، تنظيم ۽ سماج ۾ اڳواڻي جو پھلو ڳولي ڪڍيو آھي.
چڙو ھڪ ڳئون ۾
باقي سڀ ٺلھيون
اھي سڀ رليون
تڏھن اھو ڌڻ ٿيو
جڏھن تہ ڪتاب ۾ ٻہ پنج سٽا چورن جا ڀاڻ، نيولبرل بہ شامل آھن.
ڪتاب جي آخر ۾ نظم ڏنل آھن جن ۾ “ڪوڙ ۾ ڌوڙ” نظم ۾ شام جو ڌڻ جي پٺيان اٿندڙ ڌوڙ ۾ لٽجي ويل روشني جي وارتا آھي. جڏھن تہ ھيٺ ڏنل نظم “ڪوسو ڪڻو” جي ڪجهھ سٽن ۾ برسات جي ڪوسي ڪڻي کي پيار جي پھرين چمي جي ڪوساڻ سان ڀيٽ ڪيئن نہ پيار جي پالوٽ جو مظھر آھي.
ڪتاب ۾ ھڪ نظم نہ “سي وونئڻ وڻن ۾ نہ سي ڪاتاريون” جي پس منظر ۾ ” لوڻ” جي عنوان سان بہ آھي جنھن ۾ انسان ھٿان فطرت جي ٿيل تباھي جو ذڪر آھي جيڪا سنڌ ۾ ھر پاسي رھي آھي. وقت جي ويل ۾ جھنگ وڍجي ويا، ملون اچي ويون، ڪاتاريون وانديون ٿي ويون، جاڏي تاڏي ڦٽل تڙ، سمنڊ دريا ڪناري ٻيڙيون ڏُتڙ، ھاڪڙو سُڪي رڻ ٿي ويو ۽ پوءِ روزي لوڻ ٿي ويئي. نظم “اسان پيشہ ور” ۾ پنھجي اباڻي ڳوٺ لال بخش شيخ المعروف ٻلھڙيجي جي شاھه، شيخ، ميان، پيرزادو جي ھٿ ھيٺ سنڌ جي خدمت جي ڳالهھ آھي. جڏھن تہ “مختلف ڇو آن؟” ۾ شاعر پنھنجو جڳ کان مختلف ھجڻ، سچ چئي ڏيڻ، ٺڳي چڱي ناھي مڳي چڱي ناھي چوڻ ڪري لوڪ وٽ ناپسنديدہ ٿيڻ جي ڳالهھ ڪري ٿو. سنڌ اڄڪلھه واھوندي جي واءُ جي ور ۾ آھي انڪري شاعر ماڻھن کي وسري ويل واھوندو نظم، “واھوندي” ۾ ياد ڏياري ٿو. واھوندي جي ڌوڙيئي ۾ سياري جي موڪلاڻي، بھار جي آمد، انبڙيون ڇڻڻ، واچوڙا لڳڻ، پکين جي ميل ميلاپ، آنا ڏيڻ، گاھه اناج جهجهو ٿيڻ ۽ واھوندي جي مند ۾ ئي وڻ جي ٿڙ مان ڪٿان چٻري جي نڪري نروار ٿي ڪنھن ٽار تي ويھڻ جي تمثيل بہ واھه جي آھي. نظم “بٽئي” ۾ ٻارڙن جي حصي ۾ مليل ان جي جهول، ڀڳڙن، ڪتل، ريوڙيون، پتاشا، نقل لائي، ميسُو، ترن جا بوڻينڊا، چِدا بلور، بلورن جي گُهچي راند جون زرعي سماج جي اوج واريون خوشگوار يادون آھن اھو زرعي سماج جيڪو ڪنھن وقت ۾ خوشحالي بڻجي ٻلھڙيجي ۽ ان جي ڪچي ۾ روان دوان ھيو سو ياد بڻجي اڄ بہ شاعر جي من ۾ آباد آھي.
ائين جان ۾ جان جيان پيھي سُرور پيدا ڪندڙ نظم “زندگي” ۾ بہ لفظ پيار، محبت، آٿت، الفت، حُجت، نينھن، نباھه بڻجي ٻکيل محسوس ٿين ٿا ۽ ٽہ سٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا، چئوسٽا ڀاڪرين پئجي نظم ۾ جُڳ جُڳ جيئن ٿا تہ زندگي ڪيڏي نہ بامعنيٰ ۽ خوبصورت ٿي پوي ٿي.
ڪتاب ۾ الڳ الڳ صنفن ۾ انيڪ موضوعن جي اپٽار آھي. پيار، محبت، نينھن، نباھه، آزادي، زندگي، درد، ڪانھ، ڪانو، ڏک، بک، غربت، دوست،ساڃاھه، ڌڻ، ڌوڙيا، ميڙا، زنجير، بارش، محبت ۾ ڪوسو ڪڻو، پيشو ۽ پيشہ ور، واھوندو ۽ واءُ، بٽئي ۾ ان جو جهول، ميسو، ڀڳڙن، پتاشن، لائي، بوڻينڊن، بلورن چدن ۽ انھن جي گهُچين، زنجيرن ۽ انھن کان آزادي جو ذڪر باربار ۽ ھربار ملي ٿو ليڪن ڪتاب ۾ شاعر جي دنيا جھان کي ڏسڻ جي پنھنجي سوچ، پنھنجو خيال پنھجي ريت پنھنجو رويو بہ آھي جيڪو عالم آشڪار بہ آھي تہ لوڪ کان لھوارو بہ آھي. اھا ريت اصلي سنڌ جي بہ سُڃاڻ آھي جنھن جي ڪري ھن ملڪ ۾ سنڌ جي سياست، ڪردار، اپٽار، وھنوار ويچار، عمل ردعمل ۾ بلڪل الڳ نظر اچي ٿي. انھي سنڌ کي باقي ملڪ واسي الڳ نموني ڏسن ٿا. ڪن کي سنڌ اڌ مسلمان لڳندي آھي ۽ پوءِ 4 اپريل 1979 ۾ مڙھه جي بہ طھر ڏسڻ پڪ ڪرڻ جي حرڪت ٿيندي آھي تہ ڪنھن نفرت سڙيئي سماج لاءِ اميد، سھپ واري سيڪيولر ۽ صوفي روايتن جي امين سڏجي ٿي. ڊاڪٽر مبارڪ علي پنھنجي ڪتاب “سنڌ ڪي تاريخ ڪيا ھي” ۾ لکي ٿو تہ تاريخ ۾ لاھا چاڙھا آيا اولهھ جي حملہ آورن، بلوچ قبيلن جي ڏاڍائي ھٿ چراند سميت ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيو ليڪن سنڌ جاگرافيائي ۽ لساني حيثيت ۾ ھڪ رھي جنھنجي ڪري “تاريخي طور سنڌ پنھنجي الڳ حيثيت رکي ٿي” ڊاڪٽر مبارڪ اڃا بہ لکي ٿو تہ “عربي اقتدار ۽ تسلط باوجود ھن علائقي (سنڌ) کي عربي تھذيب پاڻ ۾ ضم نہ ڪري سگهي جيئن مصر تيونس الجزائر مراڪش ۾ ٿيو ۽ عربي ڪلچر ۽ ٻولي غالب پئجي ويا” سنڌ جي انھي اصلوڪي ريت ۽ روايت جي امين جي حيثيت ۾ عبدالرحمان پيرزادي جا ڪجھه موضوع بہ نرالا مختلف ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آھن. ڪتاب ۾ شامل سڀ کان انوکو ۽ وقتائتو موضوع سنڌ جي اصلوڪن لوڪن، مالڪن چُھڙن، شودرن، ڪولھين، ڀيلن، ڏڦيرن ۽ سندن مالڪي جو آھي جيڪي ڌڪارجي پنھنجن ۾ اڇوت بڻجي اڄ بہ جيءَ رھيا آھن. ٿرن ۾، برن ۾ ڪاڇي، ڪوھستان، کيرٿر جي پھاڙن، بدين جي ڪلراٺي لوڻياٺي سرزمين، شير دريا جي ڪچي ۾، اباڻي ٻولي ۾، پکن، ڪکن، لوئي، لُنگِيءَ، جهُڳيءَ، لُڪُن، جھڪُن پنھنجي اُٿي ويٺِي، تھذيب ثقافت ۾ اڄ بہ ساھه کڻي رھيا آھن. اھو موضوع شاعر جي بلاگ بازي ۾ بہ رھيو آھي تہ ھن ڪتاب جي نظم ۾ بہ آھي، ٻہ سٽن، ٽہ سٽن ۾ بہ آھي جنھنجو صرف ھڪ مقصد آھي تہ جيئن سنڌ پنھنجي تاريخ ۾ پنھنجي ھٿان ٿيل ويساھه گهاتين جو پاڻ ازالو ڪري. پنھنجن چُھڙن، شُودرن، ڪولھين، ڀيلن ڏڦيرن کي پنھنجي ماءُ ٻولي ڳالھائڻ ان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سھوليتڪار بڻجي پاڻ سنوارڻ سنڌ سينگارڻ جي ضرورت آھي. اڄڪلھه جاري ڊجيٽل مردم شماري جي پس منظر ۾ انھي مامري کي کڻندي شاعر ان جو اظھار ھن چڀندڙ ٽہ سٽي ۾ بہ ڪري ٿو.
ڪانو چيو ڪٻر کي
منھنجي ٻولي لکرائجان
ھي جهنگ اسانجو آھي.
نفرتن جي اھڙي ڪوڙي ڪاروبار تي شاعر پنھنجي وائي ۾ ھيئن درد ونڊيندي ملي ٿو.
نفرتن جو شھر
بند اسڪول جو در
ڇو ٿيون دربدر
اچ تہ اوريون پاڻ ۾
ڍاٽڪي، اوڏڪي، ميگهواڙي، گجراتي، باگڙين، ڪولھين جي ٻوليون سندن مادري ٻوليون آھن انڪري شاعر نہ صرف سُونھون بلڪہ ڌرتي ڌڻين ۽ سندن پيدائشي انساني حق جو وڪيل بڻجي ھيئن راھه ڏيکاري ٿو
منھنجي ٻولي ماءُ جي ٻولي
تنھنجي ٻولي ماءُ جي ٻولي
ٻولي تي ڪھڙو آ جهيڙو
آھي حياتي آڱر ويڙھو.
تاريخ دڳ لائي ٿي تہ شودر، چھڙا، ڪولھي، ڀيل، ڏڦير اصلوڪا سنڌي آھن جن جي ٻولي وري اتفاق سان سنڌي بہ ناھي جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ صرف سنڌي ڳالھائڻ ئي سنڌ واسي ھجڻ جي اصل سڃاڻ ناھي. اھو اک ڦير تڏھن ٿيو جڏھن سنڌ جي عربي زده ساڃاھه بلاذري جي عربي اک ” فتوح البلدان ” منھجان سنڌ کي ڏٺو ۽ انگريزن سنڌي جي باقي لھجن ۽ لِپين کي ملياميٽ ڪري سنڌ جي اوائلي تاريخ تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو. پاڪستان جي نالي واري مورخ زاھد چوڌري پنھنجي ڪتاب “سنڌ مسئلہ خودمختياري جو آغاز” ۾ لکي ٿو تہ ستين صدي عيسوي ۾ چيني سياح ھُوان زانگ پنھنجي سنڌ جي سفر جي وارتا ۾ لکي ٿو تہ” ھتان جو بادشاھه شودر يعني گهٽ ذات وارو آھي ھو فطرتن ديانتدار ۽ مخلص ماڻھو آھي ۽ ٻڌ مذھب جو پيروڪار آھي.” سنڌ ان کانپوءِ ڪشميري برھمڻ چچ ۽ سندس ڏاھر جي حڪمراني ۾ ھلي ويئي جنھن کان پوءِ ملتان تائين ڦھلجي ويئي. سنڌ جي اصلي باشندن جو ڪيس کڻندي، اسٽيٽس ڪو سان بغاوت ڪندي، چُھڙن، شاھن، مخدومن کي ھڪ لڙھي ۾ پروئيندي شوخ ھوا واري ٽہ سٽي ۾ شاعر ڪجهھ ھيئن ٿو چوي.
اڄ شوخ ھوا جو نياپو آيو
چھڙا شاھه مخدوم ھجو
پنھنجي پنھنجي پنھنجي ڪرت نڀايو.
ائين خون جگر ۾ قلم ۾ ٻوڙي نظم “ڪائِي” ۾ شاعر جا ٻول تاريخ جا وسريل ورق ياد ڏياريندي ھيئن سراپي وجهن ٿا.
جنھن کي تون ڪولھڻ ڪوٺين
اھا تنھنجي سندي
من جي ڪائي آھي
ھي الھڙ گجر
اصلوڪي نسل جي
سھڻي ڌرتي ڄائي آ…
وطن جا اصلوڪا واسي چُھڙا، ڏڦير جڏھن واھه ڪنڌيءَ بيٺل سر، ڪانھن کي ڪتب آڻين ٿا تہ ان کي ساڙين نٿا بلڪہ ڪٽين ٿا جيئن مند ورندي وري ڦٽي نسري پون ۽ سندن ٻھارا، تنئوريون، تڏيون تڏا، مُوڙا، پردا، پناھگاھون ٺاھڻ جو سلسلو جاري رھي. نظم “ميارون” ۾ اھڙي ميار جي ڳالھه ٿئي ٿي. ڪتاب ۾ من اندر پيھي ويندڙ نظم “شودر” بہ آھي جنھن مطابق ڌرتي ڌڻي، اڇوت، خانہ بدوش ۽ حقيقي اصلي سنڌ جو تعارف ۽ وارث آھي.
جن کي ٿو چوين
خانہ بدوش
جن کي سناتن وارا چون
اڇوت
ڪڏھن سوچيو اٿئي اھي ڪير آھن
چون ٿا جڏھن چچ آيو
راءِ گهراڻي ھارايو
برھمڻن جڏ ظلم مچايو
ڌرتي ڌڻين کي شُودر بڻايو…
انھي نظم ۾ ڳالھه منجھه ڳالهھ، نظم منجھه رزم ۽ سانداڻ تي لوھار جا ڌڪن مٿان ڌڪ آھن. لفظ جوالا بڻجي اعلان بغاوت ڪن ٿا، دڳ ڏسين ٿا تہ جيڪي شودر، ڏڦير، چھڙا، ڪولھي، ڀيل ناھن سي ھتان جا ناھن ڇوتہ اصل ڌرتي ڌڻي ھاڻي بہ خانہ بدوش آھي جيڪو صرف سنڌي نہ بلڪہ پنھنجي ماءُ ٻولي ۾ ڳالھائي ٿو.
ھي سڀ جيڪي
شُودر ناھن
سي سڀ اصل
ھتان جا ناھن…
انھن سڀن جو
شُودر نہ ھجڻ
خانہ بدوش نہ ھجڻ
ثابتي ٿئي…..
شاعر چچ، ڏاھر سميت سنڌ جي مالڪي جي دعويدارن آڏو اصلوڪي واسين جو ڪيس رکي ٿو ۽ صلاح ڏئي ٿو تہ سنڌ جي اصلوڪن واسين سان تاريخ ۾ ٿيل ويساھه گهاتي ۽ پنھنجي پرکن جي زيادتي جي ازالي لاءِ ھڪ نئون قدم کڻجي. شاعر دانشور ۽ ڏاھو بڻجي چوي ٿو تہ ھن ڊجيٽل مردم شماري ۾ ھڪ ڪم ڪري وجهون ھڪ اتھاس لکي وڃون جيئن سنڌ پنھنجن جي مالڪي ڪندي ھڪ نئين تاريخ رقم ڪري. نظم “شودر ” جي پڄاڻي ڪجھه ھيئن ٿئي ٿي..
ھاڻي ھڪڙو
ڪم ڪجي
خانہ بدوشي ختم ڪجي
اصلوڪن
ڌرتي ڌڻين کي
گهر ڳوٺ
پاڙو شھر
تعليم روزگار
رياست طرفان
لازمي ڪجي
ائين متان
پنھنجي پُرکن جي
ڏوھن جو ازالو ڪجي.
شاعر سنڌ، وقت، وس آڏو، تند جي تنوار تي ھڪ سئن ھنئي آھي. سنڌ شودر، چھڙي، ڏڦير، ڪولھي ڀيل لاءِ تند بہ ٿي آھي ۽ ڪنڌ ڪٽيندڙ ڪٽارو بہ ٿي آھي. تند ڪٽارو ڪنڌ منجھان نئين سنڌ وٽ صرف ڪنڌ جو ڪردار ادا ڪرڻ رھيل آھي گرنار جو راءِ ڏياچ بڻجي ڪنڌ بہ تہ ڪٽائي، پنھنجي ماضي کي ڳل لائي ڏسجي تہ جيئن ھي ڌرتي پنھنجي مھين جي دڙي، آمري، ڪوٽڏجي ۾، پنھنجي ارٿِين، ڪولھين، ڀيلن، چھڙن، شودرن، ڏڦيرن ۾ پاڻ کي ڦولھي، نئين وقت جي نئين سنڌ لاءِ دڳ ڳولي ۽ راھه کولي وجهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button