ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيتري غربت سنڌ ۾ آهي، ايتري پنجاب ۾ ناهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پنجاب سکن جي سيج تي ستل آهي. پنجاب ۾ به تمام گهڻي غربت آهي ۽ ان جو تازو مثال اٽي لاءِ مرندڙ ماڻهن جون خبرون آهن. اسان کي معلوم آهي ته غيرت صرف اميرن جو اثاثو ناهي. غريب انسانن ۾ به غيرت هوندي آهي. ان ڪري اهو عام طور تي چيو ويندو آهي ته ڪجهه به هجي پر “نڪ وات کان مٿي آهي” پر بک بڇڙو ٽول هوندو آهي. اها بک آهي، جيڪا انسان کي مجبور ڪري ٿي ۽ کيس ان حد تائين وٺي ٿي اچي، جتي هو پنهنجي عزت کي الوداع ڪري اٽي لپ لاءِ پوليس جون لٺيون برداشت ڪري ٿو. سنڌ ۾ غريب ماڻهو سستو اٽو وٺڻ لاءِ نڪتا ته اهي زندگيون وڃائي ويٺا ۽ هاڻي پنجاب جو به ڪجهه اهڙوئي حال آهي. پنجاب ۾ به ماڻهو اٽي لاءِ زندگي داءَ تي لڳائي لٺيون ۽ ڌڪا برداشت ڪن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ انهن جو زندگيون به موت جو لقمو بڻجي وڃن ٿيون. اها حالت ڪنهن به حساس انسان کي مايوس ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اهوئي سبب هو ته هڪ دور ۾ پنهنجي ماحول جي غربت جي منظر ڪشي ڪندي اردو ٻوليءَ جي انقلابي شاعر ساحر لڌيانويءَ لکيو هو:
“يه غم بهت هين ميري زندگي مٽاني ڪو
اداس هوڪي اور مجهي رنج نه دو”
انسان جي اکين آڏو جڏهن غربت جا اهڙا منظر اچن ٿا ته هن جي دل تمام گهڻو دک ۾ ٻڌي وڃي ٿي. اهوئي سبب هو جنهن جي ڪري روس جي ادب ۾ ايتري گهڻي ڪشش آهي. ڇو ته ٽالسٽاءِ جڏهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي معاشري جي غربت جي تصويرڪشي ڪري ٿو ته هن جي اکين آڏو هڪ اهڙو درد اچي وڃي ٿو، جيڪو هن کي تمام گهڻو ڪربناڪ ادب لکڻ تي مجبور ڪري ٿو. اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو تڪليف وارو عمل آهي ۽ ان عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تمام گهڻي پيچيده ۽ انتهائي افسوسناڪ آهي. اهو ئي سبب آهي ته شيخ اياز غربت جي حوالي سان جيڪا به شاعري ڪئي آهي، ان ۾ انسان جو دل درد سان ڀرجي وڃي ٿو. جڏهن هو لکي ٿو ته:
“آهي هر ڪنهن ساهه کي ڳڀي جي ڳولا
ڍوَ بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي!”
اهو سچ ڪنهن به اديب ۽ دانشور چيلينج نه ڪيو آهي ۽ نه وري ڪري سگهي ٿو. ڇو ته غربت جا اهي منظر اسان جي اکين جي آڏو گذرن ٿا ۽ اسان کي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته انسان پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ حيران ۽ پريشان آهي. هن جو اهو عمل هن کي تمام گهڻي اذيت واري احساس مان گذاري ٿو. ان اذيت کي حساس انسان وڌيڪ شدت سان محسوس ڪن ٿا. ان ڪري هو اهو ڪجهه لکي سگهن ٿا، جيڪو ڪجهه هونءَ عام ماڻهوءَ لاءِ بظاهر ممڪن نظر نه ٿو اچي. اهو شيخ اياز ئي آهي، جنهن لکيو هو ته:
“آ گدري جي ڦار امان
اڄ پورو ناهي چنڊ
اسان کي بک به ڏاڍي آ
ڏاڙهون ڪڻ چوڌار مان
هي تارا تارا منڊ
اسان کي بک به ڏاڍي آ
هي منڊ امان
هي چنڊ امان
پر سڀ کان ڳورو جنڊ امان
هي تنهنجو ڪورو جنڊ امان”
هن وقت اها غربت جيڪا اڪثر طور تي ڳوٺن جي حوالي سان پيش ڪئي ويندي هئي، اها غربت پنهنجي ڀيانڪ روپ سان اسان جي شهرن ۾ به گهڙي پئي آهي ۽ شهرن جا ماڻهو اٽي جي لپ لاءِ پنهنجن مٿن ۽ پنهنجن پٺن تي لٺيون برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ اهو عمل ايترو ته ڪربناڪ آهي جو ان جي شدت کي بيان ڪرڻ ڪنهن عام ليکڪ جو ڪم نه ٿو لڳي. اهوئي سبب آهي ته اسان کي غربت جا اهي منظر پيش ڪرڻ لاءِ انهن شعرن کي استعمال ڪرڻو پوي ٿو، جيڪي انهن عظيم شاعرن جي تخليق آهن، جن کي اظهار تي وڏي طاقت حاصل هئي. ڇو ته اسان اهو ڪجهه بيان ڪرڻ کان قاصر آهيون جيڪو ڪجهه اسان جي اکين جي آڏو ٿي رهيو آهي.
اهو هڪ تمام وڏو الميو آهي ته جنهن ملڪ جو عوام اٽي لاءِ پريشان هجي ۽ مانيءَ لاءِ موت جي آغوش ۾ هليو وڃي، ان ملڪ جا سياستدان ماڻهن جي اهڙي حال تي رحم کائي عوام جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ بدران صرف ۽ صرف اقتدار جي راند کيڏڻ ۾ مصروف آهن. اقتدار جي چڪر ۾ هڪ طرف حڪومت آئين ۽ قانون جون حدون اورانگهي رهي آهي ۽ ٻي طرف مخالف ڌر کي به اقتدار کان سواءِ ڪو آرام نه ٿو اچي ۽ هو به اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن. هن ملڪ ۾ جيڪو به سياسي تماشو ٿي رهيو آهي، اهو دلچسپ ناهي پر اهو تمام گهڻي افسوس وارو آهي. ڇو ته جيڪو ڪجهه هجڻ گهرجي اهو ڪجهه ناهي.
سياست جو اولين فرض اهو آهي ته اها ماڻهن جي مدد ڪري ۽ ماڻهن کي سهارو ڏئي ۽ ماڻهن کي حوصلو بخشي ۽ اهو ڪردار ادا ڪري جنهن سان عام ماڻهوءَ جي مٿان پيل غربت ۽ مهانگائيءَ جو بار گهٽجي پر ان سلسلي ۾ هن وقت تائين ڪا به سياسي سرگرمي نه ٿي آهي. حڪمران ڪوڙيون ڪاميابيون ميڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ان جو وڏو مثال اها عالمي ڪانفرنس هئي، جيڪا پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي امداد لاءِ ڪوٺائي وئي هئي ۽ ان ڪانفرس جي حوالي سان بلاول تمام گهڻيون دعوائون ڪري رهيو هو ته ايتري امداد هن مهل تائين ڪنهن به حڪومت کي نه ملي آهي پر ان جي نتيجي ۾ ڇا ٿيو؟ هاڻي تازيون رپورٽون اهي آهن ته اهي سموريون دعوائون رد ٿي چڪيون آهن. ڇو ته ٻوڏ سٽيل عوام جي ڪا به واهر نه ٿي آهي. هو پنهنجي طور تي ڌڪا ٿاٻا کائي جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهن ۽ جيستائين حڪومت جو ڪردار آهي ته سرڪار ان سلسلي ۾ انهن جي ڪا به سهائتا نه ڪئي آهي. ڇو ته سرڪار جي مٿان عالمي برادري ڪنهن به طرح سان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. عالمي برادريءَ کي اهو احساس آهي ته جيڪڏهن انهن پنهنجي مشڪل حالتن مان به پنهنجي عوام جي پئسي سان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ڪا رقم موڪلي ته اها به ڪرپشن جي ور چڙهي ويندي. ان ڪري پاڪستان جي ڏکي گهڙيءَ ۾ به ڪا مدد نه ٿي آهي ۽ پاڪستان جو اهو حصو جيڪو سنڌ جي عوام وارو آهي، ان کي تمام گهڻي تڪليف آهي ۽ اها تڪليف وقت سان گڏ وڌي رهي آهي. ڇو ته اها تڪليف ڪنهن به طرح سان گهٽ ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي. اها تڪليف مسلسل وڌي رهي آهي ۽ ان تڪليف ۾ گهٽتائيءَ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي ۽ ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جا سياستدان اقتدار کي بچائڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي راند ۾ سمورو هوش وڃائي ويٺا آهن ۽ انهن کان انهن جو اصل فرض وسري ويو آهي ته انهن کي ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ ملڪ کي درپيش جيڪي به مسئلا آهن، انهن جا حل ڪڍڻا آهن. انهن کي اهو سمجهه ۾ اچڻ گهرجي ته ملڪ جو مطلب عوام هوندو آهي. ڇو ته ملڪ جو اصل اثاثو عوام ئي آهي.
اهو عوام هن مهل پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ڪٽجي سٽجي رهيو آهي ۽ ان جو ڪنهن کي به احساس ڪونهي ته آخر هن مشڪل صورتحال جو ڪهڙو حل آهي؟ هڪ طرف عوام اٽي لاءِ پريشان آهي ۽ ٻي طرف سياستدان ۽ حڪمران اقتدار جي پويان هوش وڃائي ويٺا آهن ۽ انهن جي مجموعي سرگرمي صرف ۽ صرف اقتدار جي خاطر آهي. هو اقتدار کان اڳتي ڪجهه به ڏسڻ جي لاءِ تيار ناهن. انهن جو ٽارگيٽ صرف ۽ صرف هر قيمت تي اقتدار ۾ اچڻ آهي. هو ان سان ٻڌل ناهن ته عوام کي اٽي جي لپ ملي ٿي يا نه؟
عوام کي اٽو کپي ۽ سياستدانن کي اقتدار! اسان جو ملڪ ان هڪ سٽ ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. اهي ٿورا لفظ ڪافي آهن، هن ملڪ جي منجهيل سياست ۽ معاشي حالت کي سمجهڻ لاءِ ته عوام کي ماني کپي ۽ سياست کي سرڪار گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن به هوش ۽ عقل واري کان پڇا ڪجي ته ڪنهن جو مطالبو جائز آهي؟ هو ان سوال جو جيڪو به جواب ڏيندو، اهو جواب اسان ۽ اوهان کي اڳ ۾ ئي معلوم آهي.