گذريل ڪجھه وقت کان پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين، خاص ڪري سنڌ جي يونيورسٽين ۾ جيڪا پروپيگنڊا ھلائي وئي آھي، تقريبن ان کان اسين سڀ واقف آھيون. ھاڻي سوال اھو آھي ته اھو سڀ ڪجهھ ڇو پيو ٿئي ۽ ان جي پويان ڪھڙا ڪارڻ آھن. جڏهن کان سنڌ حڪومت شاگرد يونين تان پابندي ھٽائي آھي، تڏھن کان يونيورسٽين اندر ٿوري گھڻي عرصي ۾ رياست يا وري رياست جون ڇاڙتيون شاگرد تنظيمون يونيورسٽين اندر اھڙي قسم جا واقعا ڪرائينديون اچن پيون، ته جيئن ترقي پسند شاگرد سياست کي مڪمل طور تي ڪُچلي، شاگردن کان سندن ترقي پسند تھذيب ۽ تاريخ مڪمل طور تي ميساري ڇڏجي.
25 فيبروريءَ تي لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ امن خراب ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا. جنھن سبب ڪيترائي سنڌي شاگرد ذهني پريشاني جو شڪار ٿيا. ان کان ٻه ڏينھن پوءِ فيبروري 27 تي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پشتون ۽ بلوچ ڪائونسلن جو جھيڙو ٿئي ٿو، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شاگرد پاڻ ۾ وڙھندي، ھڪ ٻئي کي رتوڇاڻ ڪيو، نتيجي ۾ يونيورسٽي انتظاميا ترت ئي موقعي جو فائدو وٺي وڏي انگ ۾ رينجرس ۽ پوليس گھرائي ھاسٽلن کي خالي ڪرائڻ جو چيو ويو، ان وقت ھڪ ويڊيو به سوشل ميڊيا تي آئي ھئي، جنھن ۾ قائداعظم يونيورسٽيءَ جون شاگردياڻيون جيڪي بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏورانھين علائقن مان پڙھڻ لاءِ مشڪل سان اينديون آھن، انھن سڀني کي ھاسٽلن مان رات جو دير سان ڪڍيو ويو. ڪيترن شاگردن کي جيل ٿي. ھينئر تائين 79 شاگردن جون ڊگريون خارج ڪيون ويون آھن. قائداعظم يونيورسٽيءَ جي ان واقعي کي اڃان چار ڏينھن مس ئي گذريا ھئا ته 2 مارچ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ھڪ ويڊيو سامھون آئي جنھن ۾ شاگرد فائر ڪندي نظر پيا اچن، يونيورسٽي انتظاميا ان خلاف ڪا به ڪارروائي ڪانه ڪئي ۽ ڪندي به ڇو يونيورسٽي ته سدائين اھو چاھيو آھي ته شاگردن جو اھڙو چھرو اسڪرين تي اچي.
پنج ڏينھن گذرڻ کان پوءِ 7 مارچ تي جيڪو ھولي جو ڏھاڙو ھو جنھن ڏينھن تي ھر ڪو بنا ڪنھن فرق جي خوشين جي رنگن ۾ رنگجندو آھي، ان ھڪ ئي ڏينهن تي اسلامي جمعيت طلبا ملڪ جي ٻن وڏي يونيورسٽين پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ تي ھولي ملھائڻ تي ھندو شاگردن تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو. جنھن تي ٻنھي يونيورسٽين جا ردعمل به جميعت جي حق ۾ ھئا پھريان ته پنجاب يونيورسٽيءَ جو بيان ڏسون اھو ڪجهھ ھن ريت هو: “اھڙو ڪجھه بہ ناھي ٿيو، ڪنھن به شاگرد تي حملو ناھي ٿيو اھا بس ٻين صوبن جي ڪجھه نام نھاد لساني تنظيمن جي يونيورسٽي انتظاميا خلاف پروپيگنڊا آھي.” چڱو صحيح پنجاب يونيورسٽيءَ جي ان بيان کي ٿوري دير لاءِ مڃي ٿا وٺون پر پوءِ ان ويڊيو کي ڪھڙي کاتي ۾ ھڻون جنھن ۾ سرعام اسلامي جمعيت طلبا جا غنڊا ھولي ملھائيندڙ شاگردن تي حملو ڪندي نطر ٿا اچن. ان کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪھاڻي به ساڳي ئي آھي. ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا ته اڃا ٻه قدم اڳتي نڪري وئي. اھو شايد ان ڪري جو جميعت ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا جي پسنديده تنظيم آھي. ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا جو بيان به پنجاب يونيورسٽي وانگر بي بنياد ھو. “ھندو شاگردن کي ھولي ملھائڻ جي اجازت نه مليل ھئي، اسلامي جمعيت طلبا طرفان اھڙو ڪو به تشدد وارو عمل ناھي ٿيو ۽ ئي ڪو زخمي ٿيو آھي.” حقيقت ۾ ٿيو ايئن ھو جو جن شاگردن ھولي ملھائي پئي اھي سنڌي ڊپارٽمينٽ جا ڪجھه شاگرد ۽ شاگردياڻيون ھئا، جنھن ۾ اڪثر ھندو ھئا/ھيون ۽ انھن پنھنجي عيد جھڙي ڏھاڙي کي ملھائڻ لاءِ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن کان اجازت ورتي به ھئي ۽ بنا ڪنھن کي تنگ ڪرڻ جي ھو پاڻ ۾ ھولي ملھائي رھيا ھئا، ايتري ۾ جميعت جا غنڊا اچي انھن شاگردن تي تشدد ڪرڻ لڳا. انھن مان ھڪ ھندو شاگردياڻي ھڪ ويڊيو ذريعي اھو مطالبو رکيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. اها ويڊيو ان ئي ڏينھن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنھن تي يونيورسٽي انتظاميا پنھنجو پاڻ کي بچائڻ جي چڪر ۾ ان سڄي واقعي کي بي بنياد قرار ڏنو. اڃا ھڪ ڏينھن ئي مس گذريو ھو ته ٻئي ڏينھن 8 مارچ تي ساڳي ئي رجعت پسند تنظيم اسلامي جميعت طلبا اردو وفاقي يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس تي سنڌي سٿ پاران نئين آيل شاگردن کي ويلڪم پارٽي ڏيڻ تي ۽ اجرڪ پائڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ھن ڀيري فقط جميعت اڪيلي نه ھئي پر پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جيڪا پيپلز پارٽي جي نمائندگي ڪندڙ شاگر تنظيم آھي اها به شامل ھئي.
جيئن ته اھي سڀ واقعا ٿيڻ جا سبب ترقي پسند سياست جو نه ھجڻ ۽ شاگرد يونين تي پابندي آھي. جڏھن ترقي پسند سياست نه ھوندي ۽ رجعت پسند تنظيمن کي رياست پاران کليل ڇوٽ ھوندي، شاگرد پاڻ ۾ ننڍين ننڍين ڳالھين تي وڙھندا رھندا. شاگردياڻين کي حراسان ڪرڻ ۽ ھر ننڍي وڏي ڳالھه تان شاگردن کي يونيورسٽين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ملنديون رھنديون، شاگردن جون فيون وڌنڌيون رھنديون ۽ ٻيا انيڪ مسئلا ايندا رھندا. رياست جي ٻٽي رويي سان ھڪ طرف ترقي پسند سياست کي ڪچليو وڃي ۽ ٻئي طرف رجعت پسند تنظيمن کي ٻانھن ٻيلي ڪيو وڃي ته ايئن ڪرڻ سان سدائين ائين ٿيو آھي جو عام شاگردن اندر خوف رھيو آھي. ان جي مثال لاءِ مون کي ماضي ۾ نه وڃڻو پوندو. مان پنھنجي ئي يونيورسٽي جو مثال ڏيان ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ جيڪڏھن ٻه ڪلاس ميٽ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري گڏ ويھن ٿا ته يونيورسٽي جي رجعت پسند تنظيمون انھن کي ويھڻ کان به روڪين ٿيون. شاگرد جيڪڏھن پاڻ ۾ ٽولو ڪري ساز ۽ سر جي بيٺڪ لڳائين ته اتي به اھي ٺيڪيدار پھچي ٿا وڃن. يونيورسٽين اندر جيڪڏھن ترقي پسند سياست نه ھوندي تہ ائين ئي رجعت پسند تنظيمون شاگردن مٿان حاوي رھنديون، تشدد ڪنديون رھنديون. شاگرد يونين تي پابندي آمر ضياءَ جي آمريت ۾ ھڪ سوچي سمجھي منصوبي تحت 1983ع ۾ لاڳو ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ شاگرد سياست کي خراب پيش ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي اندر ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ڪرايو ويو ۽ ھر اھا ڪوشش ڪئي وئي جنهن سان شاگرد سياست کي خراب پيش ڪري سگھجي.
آخر ۾ اسان جيڪي ترقي پسند سياست جا علمبردار آھيون ٿورو پاڻ کي بہ جانچي ڏسون، اسين ڪٿي بيٺا آھيون ۽ اڃا وڌيڪ ڇا ڪرڻ گھرجي اسان کي؟ 2019 کان وٺي ھينئر تائين ترقي پسند سياست جو ٻيھر اڀار ٿيو آھي. ان کي اسين ڪيترو سنجيدگي سان ٿا وٺون. ان جي خبر اسان کي ھن سال ٿيندڙ 11 فيبروري تي شاگرد يونين لاءِ مارچ مان خبر پوي ٿي، جتي اڳ ۾ ڪراچيءَ ۾ ھزارين شاگرد بنا ڪنھن فرق جي ھڪ بينر جي پويان ھليا پئي. ھن ڀيري اھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ھئا، ڪيڏانهن ويا اھي سڀ شاگرد ڪيڏانھن وئي اھا جدوجھد. ترقي پسند شاگرد تنظيمن جي ھڪڙي ڪوتاھي منھنجي نظر ۾ اھا به رھي آھي ته اسين بس مسئلن جي بنياد تي سياست پيا ڪريون. ھاڻي ضرورت ان ڳالهھ ان جي آھي ته اسان گڏ ويھي پاڻ ۾ اھڙي تحريڪ ھلايون جيئن 60 ۽ 70ع جي ڏھاڪن ۾ ھليون ھيون.