ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسڻ وڏي جي اڻپوري ڪاليجي عمارت

Editorial

عام طور تي جيڪي به ترقياتي ڪم سنڌ يا ملڪ ۾ شروع ڪيا ويندا آهن، اهي پنهنجي مقرر وقت تي پورا ڪونه ٿي سگهندا آهن. جيڪڏهن ڪو اڏاوتي ڪم ٽن سالن ۾ پورو ٿيڻو آهي ته اهو ڏهن سالن ۾ به پورو ڪونه ٿي سگهندو آهي. اهڙي ريت رولڙي جو شڪار ٿيندڙ ڪمن جي ڪري عام ماڻهو پوڳيندو آهي ۽ ان کانسواءِ ان کي اهي سهولتون به ڪونه ملي سگهنديون آهن، جن لاءِ اهي ڪم شروع ڪرايا ويندا آهن. سنڌ جي تعليم جو حال سڀني سامهون آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جون عمارتون ٻهراڙين يا ننڍن شهرن ۾ ويران لڳيون پيون آهن. جتي به تعليمي عمارتون جوڙڻ جي رٿا ڪئي ويندي آهي ته اهي سالن جا سالن گذرڻ باوجود به ڪونه ٺهي سگهنديون آهن. تنهنڪري شاگردن لاءِ پڙهڻ جو ماحول ئي ڪونه جڙي سگهندو آهي ۽ اهي ٻين شهرن ڏانهن پڙهڻ ويندا آهن. پر کين سهولتون پنهنجن شهرن ۾ ملڻ گهرجن. مسڻ وڏي ۾ ڊگري ڪاليج جي عمارت اڃا تائين پوري نه ٿي سگهي آهي. جنهن کي هاڻ 13 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي.
مسڻ وڏي ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم 13 سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو، اپريل 2010ع ۾ منظور ۽ تعمير ٿيندڙ ڊگري ڪاليج جو تعميراتي ڪم 7 سالن کان بند آهي. اڳوڻي تعليم جي صوبائي سينيئر وزير پير مظهر الحق مسڻ وڏي سان تعلق رکندڙ جڳ مشهور ڊاڪٽر پروفيسر سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري جي دعوت تي اچي ڊاڪٽر حسين لغاريءَ جي درخواست تي ڊگري ڪاليج جي منظوري ڏني ۽ پيڙھه جو پٿر رکيو. پي ايس 61 جي ايم پي اي امداد پتافي جي تڪ جي شھر ۾ اڃان تائين ڊگري ڪاليج جو ڪم ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب شهر ۽ ڀرپاسي جا نوجوان تعليم جي زيور کان محروم آهن. سنڌ ۾ 14 سالن کان پ پ حڪومت هئڻ باوجود شھر کي ڏنل پھريون پروجيڪٽ به صوبائي سرڪار مڪمل ڪرائي نه سگھي آهي. ٺيڪيدار ڪاليج جي عمارت جو ڪم 13 سالن ۾ 40 سيڪڙو به ڪرائي ناهي سگهيو. ڊگري ڪاليج ۾ پنج ڪمرن کي ڇتون لڳل آهن، باقي 10 کان مٿي ڪمرن جون ڀتون اڀيون ڪيل آهن. آڊيٽوريم هال جو ڪم به اڌ ۾ رهيل آهي، نه دريون لڳيون آهن، نه در لڳايا ويا آهن، نه ئي مٽيءَ جي ڀرائي ٿي آهي، فرسٽ فلور جو ڪم به اڃا رهيل آهن. گٽر جي پاڻي ڪاليج جي ڀتين کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. رهواسين حاجي محمد فاروق لغاري، ايڊووڪيٽ محمد اڪرم لغاري، حاجي محمد اشرف، آزاد ملاح، ڏاڏو محمد علي ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت هئڻ باوجود سرڪار ڊگري ڪاليج جي مالڪي ناهي ڪئي، ان ڪري ڪاليج تعمير ناهي ٿيو. ڪاليج جي ڪم کي چار سالن ۾ مڪمل ڪرڻو هو، پر 13 سال گذرڻ باوجود ڪير نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. 7 سالن کان ڪم بند آهي، جيڪو شهر جي ماڻهن ۽ نوجوانن سان وڏو ظلم آهي. هنن تعليم واري وزير سردار شاھه، ايم پي اي امداد پتافي ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاريءَ کان مطالبو ڪيو ته ڊگري ڪاليج جي عمارت جو بند ٿيل تعميراتي ڪم جلد شروع ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪاليج ٺاهي تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي.

هن خبر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تعليم کاتو ڪيتري سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هڪ اهڙي عمارت جنهن کي ٽن سالن ۾ پورو ٿيڻو هو پر اها اڃا تائين جڙي راس ڪونه ٿي آهي، نتيجي ۾ اتان جا شاگرد پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته تعليم جهڙي سهولت فراهم ڪرڻ هتان جي تعليم کاتي جي ذميواري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته نه رڳو مسڻ وڏي ۾ پر جتي به تعليم کاتي جون اڻپوريون عمارتون موجود آهن، انهن کي ترت پورو ڪيو وڃي ته جيئن اتان جا نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي سگهن. اهي تعليم جهڙي سهولت کان محروم نه ٿين. تعليم واري وزارت کي ان معاملي تي ترت تحرڪ وٺڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button