
پاڪستاني اداڪارا ايمان علي انڪشاف ڪيو آهي تھ فلم بول ۾ حميما ملڪ کي منهنجي چوڻ تي اهم ڪردار ڏنو ويو هو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ فلم بول ۾ زينب جو ڪردار مون کي ڏنو ويو هو، پر مان هڪ ٻئي پراجيڪٽ ۾ مينا ڪماري جو ڪردار ڪرڻ سبب مصروف هئس، تنهنڪري مون ئي اهو ڪردار حميما ملڪ کي ڏياريو. هن تسليم ڪيو تھ فرحان سعيد بهترين ساٿي اداڪار آهي.