ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جي معيشت بابت رپورٽ

Editorial

پاڪستان جي معيشت ۾ سڌارو ڪڏهن ايندو اهو سوال نه رڳو عوام ڪري رهيو آهي پر معاشي ماهر به ان سوال جي جواب جي ڳولا ۾ آهن. معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي معاشي ماهر ميدان ۾ لاٿا ويا پر انهن جيڪو نتيجو ڏنو سو ٻڙي آهي. معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن بدتر ٿي رهي آهي ۽ حڪومت به ان کي سڌارڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. ڊالر جيڪا ڊوڙ پڪڙي آهي، ان کانپوءِ ان جي رفتار ۾ گهٽتائي ڪونه ٿي آهي. مهانگائيءَ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. اهڙي ريت عام ماڻهو جي قوت خريد پڻ گهٽجي رهي آهي. تازو ئي ورلڊ بئنڪ پاڪستان ڊيولپمينٽ، هاڻوڪي معاشي ترقي ۽ ان بابت خدشن تي پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روايتي رجعت پسنداڻي سبسڊيز جي فراهميءَ کي گهٽ ڪري خرچن کي گهٽ ڪيو وڃي. پاڪستان پائيدار واڌ معاشي سڌارن ذريعي ئي ماڻي سگهي ٿو. ان رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪفايت شعاريءَ سان حڪومت، اسٽاف ۽ آپريشنل لاڳت گهٽ ڪريو. اعليٰ ۽ وچولي درجي جون ڀريتون اجورو منجمند ڪيو وڃي. جڏهن ته هيٺئين سطح تي ضرورت موجب سادگيءَ سان اجورو وڌايو وڃي ۽ سڌارن وسيلي پينشن جا خرچ گهٽ ڪيا وڃن. ساڳي رپورٽ ۾ اها تجويز به ڏني وئي آهي ته حڪومت جو سنگل ٽريزي کاتو قرض جي ضرورت ۽ وياج جي خرچن کي گهٽ ڪري سرڪاري گاڏين جي خريداري بند جڏهن ته سرڪاري عملي جي اجلاسن ۽ سفري خرچن ۽ پيٽرول جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي. ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبن کي منتقل ٿيندڙ وزارتن کي مرحليوار ختم ڪيو وڃي. اهو پڻ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بجليءَ جي سبسڊي ختم ڪري ٽارگيٽڊ سبسڊي جي فراهمي کي بهتر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ اهو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم سبسڊي ختم يا گهٽ ڪئي وڃي. سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ گهٽ ڪيو وڃي جڏهن ته پبلڪ سيڪٽر ادارن جي سبسڊي ۽ قرضن جي فراهم ختم ڪئي وڃي.
جڏهن ته ٻئي پاسي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان جي معيشت سستيءَ جو شڪار رهندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي گروٿ ۾ ٻڙي ڏهائي 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح ٻه سيڪڙو تائين هوندي. اي ڊي بي جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب گذريل سال پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جي شرح 12 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي، جيڪا هن سال ٻيڻ کان وڌيڪ 27 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين هوندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 20 سالن ۾ ماحولياتي تبديلين سان متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ٻوڏ سبب پاڪستان جي پيداوار متاثر ٿي، جيڪو مهانگائي وڌڻ، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ فارن ايڪسچينج ذخيرن ۾ گهٽتائي جو سبب آهي، پاڪستان ۾ مالي خسارو 6 ڏهائي 9 سيڪڙو تائين پهچي رهيو آهي. هي ٻئي خبرون پاڪستان جي معاشي حالت کي واضح ڪري رهيون آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته معيشت ڪنهن به ريت سٺي حالت ۾ ڪونهي ۽ ان کي بهتر ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو. پر ڇا ان وقت تائين ملڪ جا معاشي ماهر يا حڪمران ڪا حڪمت عملي جوڙي چڪا آهن. لڳي ائين رهيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ بيوس لڳي پئي آهي. پر جيڪي تجويزون ورلڊ بئنڪ هاڻوڪي حڪومت کي ڏنيون آهن، انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهي تجويزون اهڙيون به ڪونه آهن جو انهن تي عمل نه ڪري سگهجي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ان کي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪي عوام دوست هجن ۽ جن سان ملڪي معيشت ايتري سگهاري ٿي وڃي جو ٻاهرين قرض تي ڀاڙڻو ئي نه پوي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button