سنڌ ۾ مختلف ڏينهن تي ميلا لڳندا رهن ٿا. جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لال شهباز جا ميلا سنڌ حڪومت لڳائي ٿي. هنن ميلن جو افتتاح سنڌ جو وزير اعلى يا گورنر ڪري ٿو ۽ مزار تي چادر چاڙهي وڃي ٿي. هنن ميلن سان گڏ سچل سرمست، شهيد شاهه عنايت، عبدالله شاهه غازي، پٿورو شريف، راضي شاهه سميت ٻين درگاهن ۽ مزارن تي وڏا ميلا صدين کان لڳندا پيا اچن. مجموعي طور ننڍا وڏا 250 کان وڌيڪ ميلا سنڌ ۾ لڳن ٿا. حيدرآباد ۾ پڻ مختلف هنڌن تي بزرگن سان منسوب عرس مبارڪ جي موقعي تي ميلا لڳن ٿا. اڪثر درگاهن تي صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي عرس مبارڪ جي موقعي تي به وڏا ميلا لڳن ٿا. حيدرآباد ويجهو صوفي فقير محمد فقير کٽياڻ جي درگاهه تي نمن جي وڻن هيٺ سرد راتين ۾ جيڪو ميلو لڳي ٿو، ان جو رنگ ئي نرالو هوندو آهي. گهڻن ميلن جي اوقاف کاتو به سرپرستي ڪري ٿو ۽ اجازت ڏئي ٿو. ماتلي ڀرسان نڙ بيت جي مشهور شاعر سانوڻ فقير جو ميلو به هر سال لڳي ٿو. جتي گهوڙن، ڍڳن جي ڊوڙ ۽ ٻيا مقابلا ڏسڻ وٽان هوندا آهن.
ائين گلاب لغاري شهر جي اوڀرندي پاسي قديمي ماڳ اگهم ڪوٽ جي ميدان تي مخدوم اسماعيل سومرو سان منسوب ميلو به ڪا هڪ صديءَ کان مٿي جي تاريخ رکي ٿو. هي ميلو به پاڻ سان ڪيترائي رنگ کڻي ايندو هو. خاص طور تي ڳوٺ جي ماڻهن جي چپن تي مرڪون آڻي ڇڏيندو هو. اڳ ۾ ضلعي انتظاميه هن ميلي جي اجازت ڏيندي هئي، ميلي لڳڻ کان اڳ ۾ شيخ ڀرڪيو کان حيدرآباد ايندڙ ۽ ٽنڊو الهيار کان گلاب لغاري ۽ ٽنڊو غلام جي روڊ تي هلندڙ بسن ۽ لارين جي پٺيان ميلي جا بينر به لڳل هوندا هئا. ٻار هجن پيرسن يا نوجوان هجن، ميلي لا بيچينيءَ سان انتظار ڪندا هئا. ميلي جا 4 ڏينهن هزارين ماڻهن سان ڀريل هوندا هئا. هي ميلو ماڻهن جي تفريح سان گڏ روزگار جا به وڏا موقعا فراهم ڪندو هو. مقامي ماڻهو مختلف شين ۽ رانديڪن جا اسٽال لڳائي پاڻ کي معاشي طور سگهارو ڪندا هئا. هن ميلي جو ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ٻين به ڪيترائي ڀيرا اچي افتتاح به ڪيو هو. هن ميلي جي ملهه راند ئي مُشهور هوندي هئي. جتي ماضي جا مشهور ملهه پهلوان پوري سنڌ ۽ پاڪستان مان پهچندا هئا. ملاکڙي جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي کانپو هي اگهاماڻي جو مشهور ميلو هو. ملهن کي ترسائڻ ۽ مهمانوازيءَ جا فرض مشهور ملهه پهلوان مرحوم محمد حسن سريوال نڀائيندو هو. ملهن کي انعامن، پٽڪن ۽ اجرڪن جي تحفن سان به نوازيو ويندو هو. هتي مراد ميراسي، پستول پهلوان، ستار شيدي ۽ ٻين ملهه پهلوانن جا مقابلا ڏسڻ وٽان هوندا هئا. پستول پهلوان سامهون واري ملهه جي سندري تي ويهي رهندو هو، پو ڏسندڙن جا رڳو هوڪا هوندا هئا. هڪ بگٽي ذات جي پهلوان جي ملهه به ڏسڻ وٽان هوندي هئي. لال بخش جسڪاڻي ڇا ته ملهه پهلوان هو. پهرين جوڙ کان وٺي چوٿين جوڙ تائين جا مقابلا ٿيندا هئا.
هن ميلي جي ڪري ئي گلاب لغاري شهر ۾ هر جمعي جي ڏينهن به وڏو ملاکڙو لڳندو هو. اگهم ڪوٽ جي هن ميلي ۾ رانديڪن، مٺاين، ڦلن ۽ ڪشمش جي بازار به نرالي هوندي هئي. دڪاندار گراهڪ کي سڏڻ لا پيا هوڪا ڏيندا هئا، جتي هر ڪو ملڻ وقت هڪٻئي کي پيو مٺائي کائڻ جي صلاح هڻندو هو. مختلف ڳوٺن مان ته ٽريڪٽر ٽراليون به ٻارن ۽ نوجوانن سان ڀرجي اينديون هيون، هن ميلي ۾ ڀرسان وهندڙ واٽر تي پوري سنڌ کان آيل دڪاندار ۽ هوٽلن وارا گرميءَ کان بچڻ لا پيا وهنجندا هئا. واٽر جي ڀرسان لڪ ڇپ ۾ رمي ۽ پتن جي راند جا به وڏا مقابلا پيا ٿيندا هئا. جنهن کي پوليس به تنگ نه ڪندي هئي. هتي جي هوٽلن تي وڏا ڊرم برف سان ڀريل هوندا هئا، جتي ڳوٺاڻا وڏي مزي سان سوڊا بوتلون شوق سان پيا پيئندا هئا. هن ميلي جي هوٽلن تي مقامي لوڪ فنڪارن ۽ يڪتاري تي ڳائيندڙ فنڪارن جي پڻ رش لڳل هوندي هئي.
هڪ اهم ڳالهه جو هتي ذڪر ضروري آهي ته هن ميلي ۾ دڪان لڳائيندڙ ماڻهن لا ٻن ويلن جي ماني به آس پاس جا ڳوٺاڻا پنهنجي گهرن مان تيار ڪرائي کڻي ويندا هئا. مون کي ياد آهي ته ڪجهه دڪاندارن لا ماني اسان جي ڀيڻويي جي گهران به ويندي هئي. موري شهر کان پهتل لاهوتي جو اعلان آ، روپيو گلاس آ. هن نوجوان کي پيار، هن ڀائو کي ڀري ڏئي گلاس جو آواز ميلي ۾ داخل ٿيڻ شرط ئي پيو ڪنن ۾ گونجندو هو. پڪوڙن جا دڪان به هن ميلي ۾ مشهور هئا. ماڻهن پنهنجي گهرڀاتين لا شوق سان مٺايون ۽ ٻيا تحفا وٺي ويندا هئا. هن ميلي جي لڳڻ شرط گلاب لغاري ۾ به مٺائيءَ جا دڪاندار اعلى قسم جي مٺائي تيار ڪري شيشن ۾ سجائي رکندا هئا. گهڻا ماڻهو هنن دڪانن تان به مٺًائي وٺي پيا کائيندا هئا. ميلي ۾ ايراني سرڪس، موت جي کوهه تي به نوجوانن ۽ ٻارن جي رش لڳي پئي هوندي هئي. ميلي ۾ هڪ پبلشر ڪتابن جو اسٽال به لڳائيند هو. جتان مون کاٻي ڌر جي ڪامريڊ انور پنهور جو لکيل ڪتاب وڏو چريو جزيرو پڻ خريد ڪيو هو. هن ميلي تي لڳندڙ سرڪس کان پو ايراني سرڪس ٽنڊو غلام علي شهر ۾ به لڳو هو. ايراني سرڪس جو روح روان بادشاهه خان هوندو هو. جيڪو بابا سائين جي دواخاني تي هر وقت ويٺل هوندو هو. جنهن ڪراچي ۾ زهر کائي آپگهات ڪري ڇڏيو هو.
ڳالهه ڪجي اگهم ڪوٽ ميلي جي ته هي تاريخي ميلو ڪرونا وبا جي ڪري بند ٿي ويو هو. ڪرونا وبا جي ختم ٿيڻ کان پوءِ سال گذرڻ باوجود ميلو نه لڳي سگهيو آهي. ميلي جو سنڀاليندڙ ميان غلام رسول قريشي آهي، اڳ ۾ هي ميلو ميان غلام عباس لڳائيند هو، جيڪو حيدرآباد ۾ ڪنهن گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو هو. هن ميلي جي هڪ خاص ڳالهه هي هئي ته جڏهن اپريل مئي ۾ ڪڻڪ جا لابارا ٿيڻ شروع ٿيندا هئا ته ميلي لڳڻ جون ڳالهيون شهر ۾ شروع ٿي وينديون هيون. پو هر ڪنهن جي وات تي رڳو ميلو جي ڳالهه پئي هلندي هئي. ٻار اسڪول لا ملندڙ خرچيون ميلو گهمڻ لا گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا. آسودا ماڻهو وري ٻين شهرن ۽ علائقن مان پنهنجي دوستن کي ميلو گهمائڻ لا پيا دعوتون ڏيندا هئا. هن ميلي ۾ سامي ذات جي ماڻهو کي قتل ڪرڻ جي واردات پڻ ٿي هئي. جنهن کان پو ميلي ۾ ايندڙ ماڻهن ۾ سالن تان خوف پيو ذهنن ۾ گهيرا ڪندا هو.
ميلي جو چوٿون ڏينهن وري شاهه عبدالمجيد شاهه باجي جي درگاهه سان منسوب ڪري ملهايو وڃي ٿو. جتي پڻ ملاکڙو ٿئي ٿو. هي شاهه باجي جو ڏينهن وارو ملاکڙو گلاب لغاري جي لوهاڻي خاندان جا سخي مرد لڳائين ٿا. هتي هر سال صوفي سنگيت جي محفل به لوهاڻو خاندان ڪرائي ٿو. جتي هزارين ماڻهن کي ماني کارائي ويندي آهي. هن ميلي واري هنڌ تي لڳل کاري پاڻيءَ جو نلڪو به مشهور آهي. جنهن لا هي روايت مشهور آهي ته هن کاري پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان ملو ۽ خارش ختم ٿي وڃي ٿي. هي ميلو عوام لا رونقون کڻي اچي ٿو. جنهن کي لڳائڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، هن وقت ڪرونا جا ڏينهن به گذري چڪا آهن. موبائل ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ مائٽن سان گڏجي ميلو گهمڻ وقت ميلي جا فوٽو ڪڍي سنڀالي رکي سگهي ٿو.