ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پروفيسر اجمل ساوند جو قتل

Editorial

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار سبب ڪيتريون بي گناهه حياتيون هيستائين ختم ٿي چڪيون آهن. پر سنڌ ۾ صورتحال ساڳي ڪهاڙي ساڳيو ڳن واري لڳي پئي آهي. سنڌ ۾ جتي جتي به قيبلائي تڪرار جنم وٺن ٿا، اتي موجود ڪي فرد ايترا ته با اثر آهن، جو انهن تائين پهچڻ لاءِ قانون جا هٿ به بيوس ٿي ويندا آهن. جنهنڪري نه رڳو قبيلائي جهيڙن ۾ معصوم ماڻهو مارجي رهيا آهن پر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال به بگاڙ جو شڪار ٿي رهي آهي. جڏهن ان قسم جا واقعا ٿين ٿا ته اهو تاثر جنم وٺي ٿو ته سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ ڪونهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رڳو ڪنهن غريب غربي تي هلان ڪرڻ لاءِ تڪڙا آهن پر جنهن علائقي ۾ ڪو قبيلائي سردار ڪنهن انسان کي قتل ڪري ٿو، ان لاءِ قانون جي پڪڙ ڄڻ ته آهي ئي ڪونه. سنڌ ۾ اهي علائقا جيڪي سدائين قبيلائي تڪرارن جي ور چڙهيل رهيا آهن، اتي اهڙن جهيڙن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪڏهن ڪا سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي وئي. تنهنڪري ڪنهن راڄ جو ڪوبه چڱو مڙس جڏهن چاهي ماڻهو مار مهم تي نڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي اثر رسوخ وسيلي قانون جي پڪڙ کان به آجو لڳو پيو هوندو آهي. ڪالهه به هڪ پروفيسر قبيلائي تڪرار جي ور چڙهي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو آهي.
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ رھندڙ ساوند ۽ سندراڻي برادريءَ ۾ ڪجهه عرصي کان وٺي ڪارنھن تڪرار سبب خوني جھيڙو ھلندڙ ھو. آءِ بي سکر يونيورسٽيءَ جو پروفيسر اجمل ساوند پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان واپس سکر وڃي رهيو هو ته ڳوٺ جي ويجھو شالو واري علائقي ۾ سندراڻي برادريءَ جي ھٿياربندن ڪار مٿان حملو ڪري فائٔرنگ شروع ڪري ڏني. گوليون لڳڻ ڪري پروفيسر اجمل ساوند موقعي تي ئي پساهه پورا ڪيا. قتل جي اطلاع تي سوين ساوند برادريءَ جا ماڻھو ھٿيارن سان واقعي واري ھنڌ پھتا، جن لاش ڊاٽسن ۾ کڻائٔي اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ لاش ھجڻ دوران وڏي انگ ۾ ساوند برادريءَ جا ماڻھو ۽ شھري گڏ ٿي ويا. جنهن کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته قتل ڪرڻ کان پوءِ مخالفن خوشيءَ ۾ ھوائٔي فائٔرنگ ڪري وڊيو ڀري سري عام قانون جي رٽ کي چيلينج ڪيو. قبيلائٔي دھشتگرديءَ جو شڪار ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي واقعي تي سڄي سنڌ جي شعور سوشل ميڊيا ذريعي انتھائٔي ڏک جو اظھار ڪندي قاتلن جي گرفتاريءَ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. دردناڪ واقعي تي پوليس انتظاميا جو ڪو به ڪردار نظر نه آيو آهي نه اھڙي واقعي تي ترت ڪنھن نوٽيس ورتو آهي. ٿلهي ليکي سنڌ ۾ هي رويو جتي ڪٿي نظر اچي ٿو. جنهن جي ڪري اهي ماڻهو وڌيڪ ڀوڳين ٿا جيڪي قبيلائي تڪرار جو خاتمو چاهين ٿا يا وري اهي ان ماحول کان پري ٿيڻ لاءِ پنهنجا اباڻا ڳوٺ ڇڏي شهري آباديءَ ۾ پناهه وٺن ٿا. پر تنهن هوندي به جڏهن قاتلن کي موقعو ملندو آهي ته اهي قتل ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندا آهن.
پروفيسر اجمل ساوند يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي علم ڏيندڙ هو ۽ هو آرٽيفيشل انٽيليجنس جهڙي اهم ترين شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. اڄوڪي دور جي جديد ترين علم جي ڄاڻو ماڻهوءَ کي ائين قتل ڪرڻ مطلب اهو آهي ته قاتلن هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ماريو آهي، جيڪو سماج ۾ روشنيءَ جي علامت بڻيل هو، جنهن وٽ سنڌ کي آڇڻ لاءِ جديد علم سان گڏوگڏ اها ڄاڻ پڻ هئي، جيڪا سڄي دنيا ۾ رائج ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ وقت ان علم جو آهي. پر جنهن سماج ۾ زندگيءَ جو ڪو قدر نه هجي، اتي علم جو ڪهڙو قدر ٿي سگهي ٿو. پروفيسر اجمل ساوند جي قتل مان اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪوبه ماڻهو محفوظ ناهي ۽ اهو واٽ ويندي ڪنهن جي هٿان به قتل ٿي سگهي ٿو، جنهن جو ڪو پڇاڻو نه ڪيو ويندو. سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار سبب ٿيندڙ قتل سدائين ڦٻيا آهن ۽ بااثر سدائين آزاد گهمندا رهيا آهن. امڪان ته اهي آهن ته هي قتل به قاتل کي ڦٻجي ويندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ جرڳي سسٽم وسيلي خون بخشرائڻ واري روايت به موجود آهي.
اسين سمجهون ٿا ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سڄي سنڌ جو نقصان آهي. هڪ عالم جو نقصان سماج ڏهاڪن تائين ڀوڳيندو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار جو خاتمو ڪرڻ لاءِ هر سطح تي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي سوگهو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ وڌيڪ بي گناهه ماڻهو نه مارجي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button