گذريل دور ۾، ڪيترا ڀيرا 23 مارچ جي موقعي تي سدائين وانگيان مختلف اخبارن خاص ايڊيشن ِشايع ڪيا ۽ ٽي وي چينلن خاص پروگرام ٽيليڪاسٽ ڪيا ھئا پر مون کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو ته پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ ۾، سنڌ ۽ سنڌين جي ورتل حصي کي سدائين وانگيان ڪن لاٽار ڪري ٽاريو ويو ھو ۽ اھو ڪاروبار هاڻي کان نه پر آگسٽ 1947ع کان ٿيندو رهيو آهي. البت ڪڏهن ڪڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مضمون يا پروگرام هلائي، آڳ لاهڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي آهي.
تاريخ سان هٿ چراند، معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه هوندو آهي جنهن ذريعي ايندڙ نسلن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن هو هڪ خاص دڳ تي هلي پون ۽ ائين ڪرڻ ۾ ڪنهن خاص گروپ جا ذاتي فائدا به لڪل هوندا آهن. اهڙي ريت قومي ڀلائيءَ جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويندو آهي. هئڻ ائين گھرجي ته سچائيءَ کي تاريخي طور اڳتي وڌائجي ۽ انهيءَ حوالي سان حقيقت جا سمورا رخُ ايندڙ نسل جي اڳيان رکجن جيڪي پنهنجي عقل توڙي دليلن جي زور تي اھو فيصلو ڪن ته سچائي ڪهڙي آهي؟
پر اها ڏک جھڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي ٺهڻ يعني آگسٽ 1947ع کان وٺي هيلتائين تاريخ سان، معاف نه ڪرڻ جوڳي هٿ چراند ٿيندي رهي آهي جنهن جو اهو ڏک ڀريو نتيجو نڪتو آهي ته اسان جو نئون نسل پنهنجي حال، ماضي توڙي مستقبل کان بلڪل راضي ڪونهي ۽ اهڙيون حالتون ڪنهن به قوم جي برباديءَ لاءِ جوڳا اُپاءَ پيدا ڪنديون رهيون آهن.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پاڪستان ٺهڻ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو ڀرپور حصو رهيو آهي پر دکدائڪ ڳالھه آھي ته درسي ڪتابن توڙي ٻين سرڪاري تاريخي ڪتابن مان، ڄاڻي واڻي سازش سٽي جائز حوالو گھڻو ڪري ختم ڪيو ويو آهي.
افسوس ته ڪيترا ورهيه اڳ درسي ڪتابن مان نظريي پاڪستان خلاف مواد ڪڍڻ جو بهانو گھڙي، پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ لاءِ سنڌ جي جائز حصي کي يا ته ڪڍيو ويو يا وري ان کي گھٽائي نالي ماتر ڪيو ويو جيئن جناح صاحب جو جھرڪن ۾ ڄمڻ. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪي ننڍڙيون پر اهم حقيقتون هيون تن کي به بيدرديءَ سان ختم ڪيو ويو. اهڙو ڪُڌو ڪم ڪرڻ وارن ۾ هڪ شخص شريف المجاهد به شامل هو جنهن جو واسطو ڪراچي يونيورسٽيءَ سان هو ۽ بعد ۾ قائداعظم اڪيڊميءَ جو سربراهه به ٿيو ۽ لساني بنيادن تي، پهرئين اڻ چونڊيل وزيراعظم لياقت علي خان جو غيرضروري بچاءُ به ڪندو رهيو.
مون، پرائمريءَ جي ٻئي يا ٽئين ڪلاس جي درسي ڪتابن ۾ پاڻ پڙهيو هو ته پاڪستان جو باني محمد علي جناح سال 1892ع ۾ جڏهن قانون جي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو ته هالا جي ڪلهوڙا برادريءَ جي شخص جناح صاحب کي اٽڪل ٽي يا چار هزار روپيا روڪ مدد طور ڏنا هئا ته جيئن هو لنڊن ۾ قانون جي اعلى تعليم حاصل ڪري پر افسوس ته انهيءَ مرد مجاهد جو ذڪر درسي توڙي تاريخ جي ڪتابن کان ڄاڻي واڻي لساني بنياد تي ڪڍيو ويو. جڏھن ته جناح صاحب جي مالي طور واهر ڪرڻ وارو ڌرتي ڌڻي هو.
اهڙي ريت پاڪستان جو ٺهراءُ ننڍي کنڊ ۾ پهريون ڀيرو جي ايم سيد (غلام مرتضى سيد) 3 مارچ 1943ع تي پيش ڪيو هو ۽ بقول جي ايم سيد جي جناح صاحب سان سندس ايترو ته پيار هو جو اسيمبليءَ جي گڏجاڻيءَ دوران جڏهن کيس خبر پيئي ته جناح صاحب قاتلاڻيَ حمليَ ۾ شهيد ٿيو آهي ته هو ايوان اندر بيهوش ٿي ويو پر ڪالمسٽ حسن مجتبى ته سدائين وانگيان وڌاءُ جي حد ڪري ڇڏي ۽ لکيائين ته “جناح صاحب جي موت جي اهڙي خبر جڏهن جي ايم سيد کي پيئي ته هو ٻارن وانگيان دانهون ڪوڪون ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پراڻي بلڊنگ تان آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.” جڏهن ته منهنجي ڄاڻ موجب جي ايم سيد اهڙي ڪابه ڪوشش شروع کان ئي ڪونه ڪئي هئي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته تاريخ سان هٿ چراند نه ڪرڻ گھرجي ڀلي اهي ڌاريا ڪن يا پنهنجا پر سچائي بيان ڪرڻ وارو اصول سڀني تي لاڳو ٿئي ٿو. ٻي حالت ۾ ائين ڪرڻ قومي ڏوهه ليکبو ۽ اها به حقيقت آهي ته ڌارين انهيءَ سلسلي ۾ بيدرديءَ سان تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي جو سنڌ جي تاريخي ڪردار تي هنن پٿر دلي ڏيکاريندي ڪات ڦيري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: سنڌ جو پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ ۾ ڪو خاص حصو هو ئي ڪونه پر جيڪڏهن کڻي هو ته اهو نالي ماتر هو. اهڙا قومي ڏوهه معاف ڪرڻ جوڳا هرگز نه هوندا آهن.
حقيقت اها آهي ته سنڌين ڪڏهن به انگريزن جي اڳيان گوڏا ڪونه کوڙيا ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکيائون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي مسلمانن سيد احمد شهيد بريلوي جي اڳواڻيءَ ۾ 1857ع ۾ هلايل آزاديءَ جي واري پهرين ويڙهه ۾ پاڻ ملهايو هو.
خلافت تحريڪ دوران به ڪيترن سنڌين پاڻ ملهايو ۽ هجرت تحريڪ رئيس الماجرين امير بخش جوڻيجي (اصل لاڙڪاڻو) جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ڪيائون ۽ پنهنجون مال ملڪيتون وڪڻي افغانستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪيائون پر اهو الڳ داستان آهي ته اتان جي حڪمران امان الله اهڙن ماڻهن سان اڳتي هلي ڪهڙيون جُٺيون ڪيون. ممبئي کان سنڌ کي ڇني الڳ ڪرڻ واري تحريڪ، پاڪستان ٺاهڻ ڏانهن پهرين وک هئي جنهن ۾ ٻين سنڌي اڳواڻن سان گڏ سر شاهنواز ڀٽي (شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي والد) پاڻ ملهايو هو.
سال 1925ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ کي، سنڌي مسلمانن جي زور ڀرڻ تي سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ وارو ٺهراءُ بحال ڪرڻو پيو. بهرحال، سال 1935ع واري انڊيا ايڪٽ هيٺ، پهرين اپريل 1936ع کان سنڌ کي الڳ صوبو بڻايو ويو جنهن کي پنهنجي قانونساز اسيمبلي هئي. جڏهن ته سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي گڏجاڻي، ان جي نئين سر تنظيم کانپوءِ جناح صاحب جي صدارت ۾ آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي.
ڪانفرنس ۾ هڪ ٺهراءُ بحال ڪري آل انڊيا مسلم ليگ کي چيو ويو ھو ته اها آئين هيٺ هڪ اهڙي اسڪيم تيار ڪري جنهن هيٺ مسلمانن کي مڪمل آزادي ملي سگھي ۽ اهڙو ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌي پيش ڪيو هو پر انهيءَ مجاهد جي جدوجهد کي، هٿ ٺوڪي قومي پريس ڪا خاص اهميت ڪونه ڏني آهي.
اهڙي ريت سنڌ ننڍي کنڊ ۾ اهو پهريون صوبو هو، جنهن مسلمانن جي آزاد رياست لاءِ ٺهراءُ بحال ڪيو هو. مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي اڳواڻ سائين جي ايم سيد جو چوڻ هو ته موهن جي دڙي جي وجود کان ظاهر آهي ته سنڌ جي واديءَ واري تهذيب، چٽيءَ ريت پاڪستان جي علائقن ڏانهن اشارو ڪري ٿي ۽ اهي ڪڏهن به هندوستان جو حصو ڪونه رهيا آهن. سندس اهو به چوڻ هو ته سنڌ، پنجاب، افغانستان ۽ ڪي پي ڪي (اڳ اين ڊبليو ايف پي) هندستان جو حصو هرگز ڪونه رهيا آهن پر وچ اوڀر جو حصو رهيا آهن.
اها به حقيقت آهي ته گڏيل هندستان دوران، سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين اسيمبلي اھم گڏجاڻي هئي جنهن 3 مارچ 1943ع تي مرحوم جي ايم سيد جو پيش ڪيل ٺهراءُ بحال ڪيو جيڪو سال 1940ع ۾ لاهور واري بحال ڪيل ٺهراءُ جي طرز تي پيش ڪيو ويو هو. 26 (سنڌ اسيمبليءَ جي ڪل 62 ميمبرن مان 24 پاڪستان جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا، ٽن مخالفت ڪئي جڏھن ته رھيلن بائيڪاٽ ڪيو جنھنڪري ٺھراءُ بحال سمجهيو ويو). جون 1947ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي خاص گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي نئين آئين ساز اسيمبليءَ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي ريت سنڌ پهريون صوبو هو جنهن پاڪستان لاءِ پنهنجو اختيار استعمال ڪيو. پر افسوس ته تاريخي ڪتابن مان هڪ ته اهڙين ڪوششن جو ڪوبه حوالو ڪونه ملندو پر جيڪڏهن ملندو ته سو به اڌورو ۽ غيراهم.
سورهيه بادشاهه پير صبغت الله جي اڳواڻيءَ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ حر تحريڪ شروع ڪئي هئي. انگريزن انهيءَ تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ ڪيڏا ظلم ڪيا ۽ حرن کي بند ڪرڻ لاءِ مارشل لا به لڳرايون ويون پر انهيءَ تحريڪ کي دٻائي ڪونه سگھيا پر پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ ۾ اهڙن واقعن کي به ڪا اهميت مليل ڪونهي.
پاڪستان جي تحريڪ ۾ ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ جي عورتن به وڏو ڪردار ادا ڪيو. جن ۾ ليڊي غلام حسين هدايت الله ۽ ليڊي عبدالله هارون به شامل هيون. ورهاڱي دوران لڏپلاڻ جيڪا اصل رٿا ۾ شامل ئي ڪونه هئي تنهن موجب مهاجرن جو وڏو انگ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ جڏهن سنڌين وڌيڪ انگ کي قبول نه ڪيو ته لسانيت پرست لياقت علي خان پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي وفات کان رڳو 18 ڏينهن اڳ يعني 24 آگسٽ 1948ع تي ايمرجنسي لاڳو ڪري، پنجاب طرفان نه قبوليل ۽ ڪيمپن ۾ رهندڙ ٻن لکن مهاجرن کي آڻي سنڌ ۾ اضافي آباد ڪيو ويو ھو.
بهرحال، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ٺهرائڻ ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي ورتل حصي جي سچائيءَ جي بنياد تي ٻيهر تاريخ لکي وڃي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اردو ميڊيا به پنهنجي رويي ۾ مثبت تبديلي آڻي.