ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قبيلائي تڪرار سبب ڀوڳيندڙ زندگيون

Editorial-Article-Dr Ghazala Pahnwer

سنڌ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قبيلائي تڪرارن کي منهن ڏئي رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترو ئي جاني ۽ مالي نقصان ٿي چڪو آهي ۽ امن امان جي صورتحال به وڏي وقت کان متاثر رهي آهي. انهن تڪرارن جا بنيادي سبب ڪيترائي آهن، پر هي صورتحال مجموعي طور وڏيرا شاهي، جهالت، غربت ۽ امن امان جا جوڳا انتظام نه هجڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي آهي. سنڌ اهو صوبو آهي، جنهن جي آباديءَ جو وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو، ان جي نتيجي ۾ بنيادي ضرورتون جهڙوڪ کاڌو، پاڻي ۽ رهائش تائين رسائيءَ جي کوٽ آهي. بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب عوام ۾ مايوسي ۽ ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي. جنهنڪري قبيلائي جهيڙا عروج تي پهتل آهن.
انهن جهيڙن جو ٻيو وڏو سبب جهالت آهي. تعليم تائين رسائي نه هجڻ ڪري قبيلائي اڳواڻن لاءِ ماڻهن تي تشدد ڪرڻ ۽ ڌمڪائڻ آسان آهي. عام ماڻهوءَ ۾ تشدد جا جذبا اڀارڻ پڻ سولو آهي. اڻ پڙهيل ماڻهو غلط افواهن ۽ پروپيگنڊا تي وڌيڪ اعتبار ڪندا آهن. جيڪا شيءِ قبيلائي جهيڙن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
ان کانسواءِ سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪمزور ۽ نااهل آهن. انصاف جو نظام سست ۽ ڪرپٽ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ وري جرڳا سسٽم کي به هٿي ملي ٿي ۽ ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته هو سزا جي خوف کانسواءِ قانون کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي سگهن ٿا. ان صورتحال اختيار ڌڻين کي وڌيڪ بي اختيار بڻائي ڇڏيو آهي.
هڪ نفسياتي عنصر جيڪو قبيلائي جهيڙن ۾ اهم آهي، اهو آهي سنڌ ۾ تعصب پرستيءَ جو لاڙو، هن دور ۾ به اسان اڃا تائين ذاتين ۽ نسلن ۾ ڦاٿل آهيون ۽ هر ذات ۽ قبيلو پاڻ کي اتم ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهڻ ۾ مشغول آهي. جنهن جي نتيجي ۾ قبيلائي تڪرار جنم وٺي ٿو. اسان جي سماج ۾ همدردي ۽ تنقيدي نقطه نظر جي به کوٽ آهي. جنهن جو سڌو سنئون تعلق تعليم سان آهي. اسان ٻين جي نقطه نظر کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهيون. جنهن جي نتيجي ۾ غلط فهمي ۽ تڪرار پيدا ٿئي ٿو.
ثقافتي ريتون ۽ عقيدا پڻ قبيلائي تڪرار ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. خاص طور تي جيڪڏهن اهي پنهنجي قبيلي سان وفاداري ۽ ڌارين ماڻهن جي بيوفائيءَ تي زور ڏين، جتي عورت جي مرضيءَ جي شادي خاندان جي غيرت لاءِ للڪار سمجهي وڃي. “مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو” جهڙا محاورا رائج هجن، بي گناهه جو خون ڪرڻ، بهادري سمجهي ويندي هجي. ان سماج ۾ تشدد ۽ ڪاوڙ ئي اڀرندي. جيڪا سماج لاءِ هر حوالي سان هاڃيڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ امن امان ممڪن ناهي.
سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار جاگيرداراڻي نظام به تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان نظام جي خاصيت اها آهي ته زمين جي ملڪيت ڪجهه طاقتور خاندانن جي هٿ ۾ آهي. جيڪي مقامي آباديءَ تي ڪنٽرول رکن ٿا. اها آبادي پنهنجي مرضيءَ سان ڪوبه فيصلو نٿي ڪري سگهي. ان ڪري ان کي ڄڻ ته ڪي به انساني حق ئي ناهن مليل.
هن نظام ۾ مقامي ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجي زميندارن تي زمين، روزگار ۽ ٻين وسيلن تي ڀاڙين ٿا ۽ سڄي عمر زميندارن جا قرضي به هوندا آهن. اهي سڀ عنصر گڏجي مقامي ماڻهن ۾ جاگيردارن لاءِ وفاداريءَ جو احساس پيدا ڪن ٿا ۽ پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ نسلن تائين وڏيرن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي تحفظ جو سامان بڻيل هوندا آهن.
جيڪي ڪجهه ماڻهو مشڪل سان پڙهي لکي اڳتي اچن ٿا ته ان نظام کي خطرو ٿو محسوس ٿئي. پوءِ جاگيردار پنهنجي اختيار جي استعمال ۽ پنهنجي طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ تشدد جو استعمال ڪن ٿا. جنهن جو تازو مثال ڊاڪٽر اجمل ساوند آهي. اجمل ساوند فرانس مان اعليٰ تعليم پرائي سنڌ ان مقصد سان موٽيو هو ته اهو علم جي لاٽ هتان جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيندو پر آرٽيفيشل انٽيليجنس جهڙي جديد علم جو ڄاڻو ڪالهه قبيلائي تڪرار جو کاڄ بڻجي ويو. اهڙن واقعن سان مقامي آباديءَ ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. اهو عدم تحفظ جو احساس اڳتي هلي ٻين قبيلن سان تڪرار ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جتي ماڻهن کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اسان ٻئي قبيلي وارن کي نه ماريو ته هو اسان کي ماري ڇڏيندا ۽ اهڙي ريت اهو تشدد ۽ بربريت جو چرخو هلندو رهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button