ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سڄي دنيا منهنجو گھر آهي-I

Editorial-Article- Rauf Nizamani

Home in the world نوبل انعام يافتا فلاسفر ۽ معيشت دان ڊاڪٽر امرتا سين جي آتم ڪٿا آهي. آتم ڪٿا جي ان عنوان متعلق سندس چوڻ آهي ته هن جي زندگي ڪنهن هڪ علائقي يا شهر تائين محدود ناهي رهي پر سندس واسطو دنيا جي مختلف علائقن ۽ شهرن سان رهيو آهي. هتي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اها عادت آهي ته اوهان ڀلي ڪنهن شهر ۾ سالن کان رهندا هجو ۽ اتي ڄاوا هجو پر اوهان کان اهو سوال ضرور ڪيو ويندو ته اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿان آيا هئا ۽ اوهان جو اصل علائقو ڪهڙو آهي.
سندس چوڻ آهي ته سندس خاندان جو واسطو ڊاڪا جي ويجھو مانڪ گنج جي هڪ ڳوٺ موٽ سان آهي. اهو خاندان پو ڊاڪا اچي ويو پر سندس پيدائش ڊاڪا جي به ناهي. سندس پي ڊاڪا ۾ استاد هو. جڏهين ته سندس ناناڻا شانتي نڪيتن ۾ رهندا هئا. سندس نانا ڪشتي موهن شانتي نڪيتن ۾ پڙهائيندو هو جڏهين ته سندس ما ٽيگور جي لکيل ۽ سندس هدايتڪاري ۾ خاص طور ڊانس ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي. سندس پيدائش شانتي نڪيتن ۾ ٿي. ان جو ڪارڻ هو اهو ٻڌائي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ عام طور اهو تاثر آهي ته ڌي جا گھر وارا اهو سمجھندا آهن ته سندس ساهرا شايد سندس پوري پرگھور نه لهي سگھن ان ڪري اهي ان جو ويم پاڻ وٽ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ٽن سالن کانپو سندس ڀيڻ منجو ڄائي.
ڄمڻ وقت ٽيگور سندس ما کي چيو ته ٻار جو نالو اهڙو رکو جيڪو منفرد هجي. ان جي لا هن امرتا تجويز ڪيو جنهن جو مطلب آهي ڪڏهين فنا نه ٿيندڙ. ٽيگور جو سندس زندگي تي وڏو اثر پيو. سندس چوڻ آهي ته ڪتاب جو عنوان به هن ٽيگور جي ڪتاب The Home and the World کان متاثر ٿي رکيو آهي. اڳتي هلي هن علمي ۽ سماجي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو ان ۾ به ٽيگور جو اثر نمايان آهي. هو ٽن سالن جو هو ته سندس پي کي ٽن سالن لا پڙهائڻ جي لا برما ۾ منڊالي شهر موڪليو ويو. ان شهر ۽ اتان جي ماڻهن جي هو گھڻي تعريف ڪري ٿو. هو پنهنجي تعليم ۽ روزگار وغيره جي سلسلي ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا جي گھڻن شهرن ۾ رهيو ۽ اهڙي ريت هر جا کي پنهنجو گھر سمجھي ٿو. ان ڪري ئي هو سڄي دنيا کي پنهنجو گھر ڪري ليکيندو آهي.
برما جي حوالي سان هو آنگ سان سو ڪوئي جي جمهوريت لا جدوجهد کي ساراهي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته لنڊن ۾ هن جي سندس مڙس سان پڻ ملاقات ٿي هئي. ساڳي وقت هو روهينگا ماڻهن ڏانهن آنگ سان سوڪوئي جو جيڪو رويو ۽ موقف رهيو ان کي پسند نه ٿو ڪري. سندس چوڻ آهي ته اهي پناهگير نه پر برما جي ان علائقي ۾ رهن ٿا جيڪو انگريزن برما ۾ شامل ڪيو هو. برما جا ماڻهو محبت ڪرڻ وارا ۽ امن سان رهڻ وارا آهن. پر هتان جي فوجي حڪومت پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لا روهينگا جو مسئلو اٿاري انهن ۾ مذهبي ۽ نسلي لحاظ کان هڪ ڊپ واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ماڻهن کي ان بنياد تي ورهائي ڇڏيو آهي. آنگ سان سوڪوئي کي فوجي حڪمرانن جي ان چال کي سمجھي ان کي منهن ڏيڻ لا پنهنجو موقف ڏيڻ گھرجي ها. پر هو ائين نه ڪري سگھي ۽ فوجي حڪمرانن جي ان ڄار ۾ ڦاسي پيئي. هن وقت ٻيو موقف اختيار ڪرڻ جو وقت نڪري چڪو آهي. ان مقصد لا فوجي جنتا پاران فيس بڪ جي چينلز جو نهايت موثر استعمال ڪيو ويو. فيس بڪ پروپنگنڊا جي هن گندي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نيويارڪ ٽائمز جي 15 آڪٽوبر 2018 جي شماري سميت ان ڳالهه جي ٻين ذريعن پاران به کوجنا ڪئي ويئي آهي. ڪمپني جي سائبر سيڪيوريٽي جي سربراهه ناٿا نيل گليچر ان ڳالهه تي متفق آهي ته ميانمار جي فوجي حڪومت پاران پروپئگنڊه کي واضح ۽ ڄاڻي ٻجھي ڦهلائڻ جا ثبوت مليا آهن.

اوڀر بنگال پنهنجن دريائن جي ڪري گھڻو مشهور آهي. هڪ ڀيري سندس پي کين چيو ته هو هڪ مهينو ٻيڙي ۾ رهندا. اهو هڪ مهينو انهن مختلف دريائن جو سير ڪندي گذاريو. سندس چوڻ آهي ته دريا جتي بنگالين لا جيوت جو ذريعو آهن اتي اهي انهن لا ٻوڏ جي صورت ۾ ان وقت جڏهين اهي پنهنجو رخ بدلائي گھرن ۽ ٻنين کي ٻوڙين ٿا ماڻهن لا تڪليف ۽ مصيبت جو باعث بڻجن ٿا. اتي ان ماڻهن جي غربت ۽ انهن جي خراب حالت به ڏٺي. پنهنجي پي کان جڏهين ان متعلق پڇيو ته سندس جواب هو ته حڪومت کي ان سلسلي ۾ ڪجھه ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. پر ائين ٿي نه سگھيو. ان سڀڪجھه سندس ذهن تي ديرپا اثر وڌا.
ڊاڪا واپس اچڻ تي کيس شهر جي پراڻي مشنيري اسڪول سينٽ گريگوري ۾ داخل ڪرايو ويو پر ٻين مهاڀاري جنگ ۾ جاپان جي برما ۽ سنگاپور وغيره تي قبضي ۽ ڊاڪا ۽ ڪلڪتي تي امڪاني جپاني بمباري جي خطري جي پيش نظر سندس پي کيس شانتي نڪيتن منتقل ڪري ڇڏيو.
اتي هو پنهنجي نانا جي گھر ۾ رهندو هو. سندس نانا ڪشتي موهن شانتي نڪيتن ۾ پڙهائيندو هو ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ ٽيگور جو ساڄو هٿ هو. هو سنسڪرت جو وڏو عالم هو ۽ ساڳي وقت هن صوفي مت ۽ خاص طور ڪبير تي وڏو ڪم ڪيو هو. ان لا هن گھڻا سفر ڪيا هئا. ڪبير لکت ۾ ڪو ڪلام نه ڇڏيو هو پر اهو سڄو زباني روايتن تي هو. سندس اها تحقيق مروجه روايتن ۽ ڪتابن سان ٺهڪندڙ نه هئي. پر سندس چوڻ هو ته ڪبير کي ڪتابن وسيلي نه پر عام ماڻهن ۾ وڃي ئي سمجھي سگھجي ٿو. سندس چوڻ هو ته هندو ۽ مسلمانن ۾ گھڻيون ڳالهيون مشترڪ آهن ۽ انهن کي ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. مذهبي هم آهنگي جي حوالي سان ليکڪ پنهنجي نانا جو گھڻو اثر قبول ڪيو. ساڳي وقت سندس ماما ۽ چاچا سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽين ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل هئا ۽ گھر ۾ انگريز کان آزادي ۽ طبقاتي مسئلن جي حوالي سان بحث ٿيندا رهندا هئا جن کيس گھڻو متاثر ڪيو. ان سان گڏوگڏ هن جڏهين 1942 جي بنگال جي ڏڪار ۽ فرقي وارانا فسادن جي صورتحال کي ڏٺو ته کيس اها سمجھه آئي ته انهن ۾ گھڻو متاثر غريب ۽ بي پهچ ماڻهو ٿين ٿا جن وٽ پنهنجي بچا جي ڪا واٽ ناهي. ان سندس طبقاتي سوچ کي اڃا تقويت ڏني. اهي اڳتي هلي سندس تحقيق ۽ گھڻن ڪتابن جا موضوع به ٿيا.
بنگال ۾ هندو مسلم تضاد جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان جو مک ڪارڻ انگريز آفيسر ڪارنيوال جو بنگال ۾ لاڳو ڪيل Permanent land System. هو جنهن تحت زمينن جي مالڪي هندو زميندارن کي ملي ويئي ۽ مسلمان انهن زمينن تي ڪم ڪندڙ پورهيت بڻجي ويا جن کي سندن پورا حق نه ملندا هئا. ان اڳتي هلي هندو مسلم تضاد جي صورت ورتي. هو ٻڌائي ٿو ته ڊاڪا ۾ هندو گھڻائي واري علائقي ۾ سندس گھر هو. انهن ڏينهن ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. هڪ ڏينهن هڪ شخص سندن گھر اندر گھڙي آيو جنهن جي سڄي بدن تي چاقو جا وڍ هئا.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button