سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊيول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته حڪومت عدالت جي اهڙي فيصلي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ پنجاب چونڊن جي سلسلي ۾ ڪارروائي هلائي رهي هئي. ان ڪري هن مهل تائين فيصلو صرف پنجاب جي چونڊ جو ٿيو آهي. تحريڪ انصاف خيبر پختون خوا ۾ چونڊن لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ظاهر آهي ته پنجاب ۾ ٿيل فيصلي جي روشنيءَ ۾ خيبر پختون خوا ۾ چونڊن جي راهه صاف ٿي ويندي. سمجهه ڀري سياست جي تقاضا اها هئي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ حڪومتي ڌر ڪشادي دل جو مظاهرو ڪندي ڪورٽ جو فيصلو اکين تي رکي قبول ڪري ها. پر ان فيصلي کان پوءِ حڪومت موجوده چيف جسٽس جي خلاف جيڪا مهم هلائڻ شروع ڪئي آهي، اها پاڪستان جي اميج کي اڃان وڌيڪ نقصان پهچائي رهي آهي. جيتوڻيڪ حڪومتي ڌر کي اهو معلوم آهي ته هاڻوڪو چيف جسٽس ڪجهه مهينن جو مهمان آهي. هن خلاف شديد مهم هلائڻ مان حڪومت کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ڇا حڪومت اهو سڀ ڪجهه عدليا کي دٻاءَ هيٺ آڻڻ جي لاءِ ڪري رهي آهي؟ حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته هن وقت پاڪستان هڪ شديد ۽ گهڻ طرفي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سياسي بحران گهٽجڻ بدران وڌي ويو آهي. اهو بحران اهڙي واچوڙي جهڙو آهي، جيڪو صرف اقتدار جي غلام گردشن ۾ شور نه ٿو ڪري پر هاڻي اهو بحران عدليا جي اندر به اها هر شيءَ اڏارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا چيف جسٽس جي حڪم کان سواءِ چري پري نه ٿي سگهي.
پاڪستان ۾ پهرين به بحران آيا آهن ۽ تمام گهڻا آيا آهن پر هي پهريون موقعو آهي جو حڪومت ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جي حڪم کي تسليم ڪرڻ بدران نه رڳو سپريم ڪورٽ جي ڪيل فيصلي تي تنقيد ڪري رهي آهي پر اها صاف لفظن ۾ انڪار به ڪري رهي آهي ته اعليٰ عدالت جو اهو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو. ملڪ جي موجوده وزيراعظم ميان شهباز شريف کان وٺي ٽي ڀيرا وزارت اعظميٰ جو قسم کڻندڙ نواز شريف ۽ مريم نواز کان وٺي بلاول تائين هر حڪومتي اڳواڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ان مٿان تنقيد ڪئي آهي. ميان نواز شريف چيو آهي ته اهو معاملو سپريم جيوڊيشل ڪائونسل ۾ کنيو وڃي. جڏهن ته هن مهل تائين ملڪ جي چيف جسٽس پاران هڪ معنيٰ خيز ماٺ اختيار ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هن ملڪ جو هڪ عام لکيل پڙهيل شهري به ڄاڻي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم نه ڪرڻ جي سزا ڪهڙي هوندي آهي؟
عدالتن سان ان قسم جو سلوڪ ته صرف اهي انقلابي ڪندا آهن، جن جي بغاوت ڪنهن خاص سبب جي ڪري ناڪام ٿي ويندي آهي. پر هن وقت جيڪي سياسي اڳواڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، انهن ۾ ته بغاوت جي ”ب“ به ڪونهي. هو سدائين اقتدار پرست رهيا آهن ۽ انهن مٿان جيترا به ڪيس داخل ٿيا آهن، هي سڀ ڪرپشن سان لاڳاپيل آهن. پر هن وقت ملڪ جو سياسي ماحول ڪجهه اهڙو رخ اختيار ڪري چڪو آهي جو ڪرپشن جي ڪيسن ۾ مطلوب ملزم به رياست جي انصاف واري اداري جي سربراهه تي سرعام تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪا پرواهه ڪانهي ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جڏهن ته اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ جو حڪم نه مڃڻ جي سزا توهين عدالت جي صورت ۾ هوندي آهي. پر هيءَ ته سڌي سنئين توهين عدالت آهي ۽ هن مهل تائين سپريم ڪورٽ ان تلخ تماشي کي ڏسي رهي آهي. جڏهن ته ان قسم جي صورتحال ڪو به ملڪ افورڊ ڪري نه ٿو سگهي. ڇو ته اهڙو ماحول ڪنهن ملڪ ۽ ڪنهن رياست جي بنياد کي ڪمزور ڪرڻ جهڙو هوندو آهي. ڇا اهو ڪو تصور به ڪري سگهي ٿو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو منصف هڪ فيصلو ڪري ۽ ان فيصلي کي ڪجهه فرد رد ڪري چون ته هو اهڙي فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندا. جيڪڏهن ملڪ ۾ ان قسم جي رسم هلي پئي ته ان جو نتيجو ڪيترو نه ناڪاري نڪرندو؟ سياستدان ۽ خاص طور تي حڪمران ته پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو رول ماڊل هوندا آهن. ڇا اهي حڪمران هن قوم کي به اها اجازت ڏيندا ته هو به ڪنهن جج يا ڪنهن ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ۽ چون ته اسان کي اهو فيصلو قانون جي مطابق نه ٿو لڳي. ڇا ڪو به ڪامورو اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ته هو پنهنجي مرضيءَ جي فيصلي کي نه مڃيندي ان فيصلي تي عمل درآمد نه ڪري؟ جيڪڏهن اهو ڪجهه ٿيو ته پوءِ ملڪ جو ترو ئي نڪري ويندو. ڇو ته اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته هر ملڪ جو بنياد ڪنهن نه قانون ۽ آئين تي هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ کان قانون کسيو ويندو ته ان جو حشر اهوئي ٿيندو، جيڪو هن وقت پاڪستان جو ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ اها پراڻي بيماري آهي ته جڏهن به ڪنهن پارٽي يا ڪنهن سياستدان جي مرضيءَ مطابق فيصلو نه ايندو آهي ته هو ان فيصلي مان وڏون ڪڍڻ لڳندو آهي. هن وقت عمران خان جيڪو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي دل جي خوشي بيان ڪري رهيو آهي. جيڪو چئي رهيو آهي ته اهو فيصلو قانون ۽ آئين جي فتح آهي. پر اهو ئي عمران خان ان مهل ڇا چئي رهيو هو، جڏهن عمران خان پاران استعفا نه ڏيڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ اڌ رات جو تالا کولي عدالت جي ڪارروائي اڳتي وڌائي هئي. جيڪڏهن ان قسم جو قدم پي ڊي ايم حڪومت جي خلاف کنيو وڃي ته تحريڪ انصاف خوشيءَ ۾ اڏامڻ لڳندي پر جيئن ته اهو فيصلو عمران خان جي سياسي طور تي حق ۾ آهي ۽ ان فيصلي مان حڪومت کي نقصان پئجي رهيو آهي ته اهڙي عمل ۾ هو سپريم ڪورٽ کي نه صرف سلام پيش رهيو آهي ۽ قوم کي وڏي واڪي چئي رهيو آهي ته کيس سپريم ڪورٽ سان گڏ بيهڻ گهرجي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ڪوشش آهي ته هن جو فيصلو سياسي رنگ ۾ نه رنڱجي.
اهو فيصلو به ڪهڙو وڏو فيصلو آهي؟ اهو فيصلو صرف ايترو آهي ته سپريم ڪورٽ آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ بدران حڪم ڪيو آهي ته آئين جي مطابق چونڊون مئي ۾ ڪرايون وڃن. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪل چئن مهينن جو جهيڙو آهي. حڪومت چار مهينا بنا ڪنهن کٽڪي جي اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿي ۽ جيڪي ڪم هن اڃان تائين نه ڪيا آهن، اهي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. جڏهن ته عمران خان به چار مهينا انتظار ڪرڻ کان انڪاري آهي. اهو آهي، ڪل مسئلو! ڇا صرف چئن مهينن جي معاملي تي پنهنجي ملڪ جي اعليٰ ترين اداري سان حڪومت جو اهڙو سلوڪ جائز محسوس ٿي رهيو آهي؟ بلڪل به نه.
هي ته ڪل چئن مهينن جو معاملو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ته جيڪڏهن ملڪ جون پراڻيون ۽ مشهور سياسي پارٽيون سالن جو به انتظار ڪن ته انهن کي ڪرڻ کپي. ڇو ته اهو ملڪي وقار ۽ ملڪ جي بنياد جو مسئلو آهي.
پاڪستان ۾ بحران جي باهه کي دکڻ شرط وسائڻ گهربو هو پر حڪومت ان باهه کي ڀڙڪايو ۽ اڄ معاملو ان هنڌ تي پهچايو، جتي بحران جا اها باهه اقتداري محل کان ٿيندي هن مهل سپريم ڪورٽ جي طرف سري نه آئي آهي، بلڪه اها ان ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اهو ڪنهن به ملڪ جي لاءِ فڪر جو پل نه پر خطري جي گهنٽي وانگر هوندو آهي. اسان کي اهو به ذهن نشيڻ ڪرڻ گهرجي ته ادارا ادارن جو ساٿ ڏيندا آهن. هن وقت جڏهن ملڪ جو انصاف وارو ادارو هڪ بحران ۾ مبتلا آهي ته ان کي اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن به طرح سان دانشمندي ناهي. ڇو ته ڪنهن به ملڪ يا ڪنهن به رياست جا ادارا نه صرف هڪ ٻئي جي سگهه هوندا آهن ته پر هڪ حوالي سان هو هڪ ٻئي جي سهاري سان بيٺل هجن ٿا. جيڪڏهن اڄ ملڪ جو هڪ ادارو بحران جي باهه کي منهن ڏئي رهيو آهي ته اهڙو موقعو ۽ اهڙي مهل سڀاڻي ڪنهن ٻي اداري جي مٿان به اچي سگهي ٿي. ان صورتحال ۾ ملڪ جي ٻين ادارن کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي. اهو به طعه ٿيل آهي ته ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيا ادارا ملڪ جي اهم اداري جي مدد لاءِ ميدان ۾ ايندا. هن وقت جيڪا دير ٿي آهي ۽ دير ٿي رهي آهي، ان سبب نقصان ته وري به هن ملڪ جو ٿي رهيو آهي، جيڪو اڳ ۾ تمام گهڻن نقصانن جي ور چڙهيل آهي. اهو ملڪ جنهن ۾ غربت آهي. اهو ملڪ جنهن ۾ مهانگائي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي. ان ملڪ ۾ جيڪڏهن سياسي ۽ آئيني بحرانن جا تماشا بند نه ٿيا ته ان جو اثر لازمي طور تي ملڪ جي عوام تي پوندو. ملڪ جي عوام جو امير حصو ته ڪنهن حد تائين پنهنجو تحفظ ڪري به وڃي پر اصل ڀوڳنا جو شڪار اهو غريب عوام ٿيندو، جيڪو هن وقت به ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ حيران پريشان آهي. جيڪڏهن هن جي مٿان اڃان وڌيڪ بار پيو ته هن جو حال ڪهڙو ٿيندو؟
پاڪستان جي خيرخواهن ۽ خطري جو احساس ڏياري پنهنجيون ڳالهيون مڃرائيندڙ سياستدان سدائين سريلنڪا جو مثال پيش ڪندا رهيا آهن. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڪجهه ملڪ عوام جو افراتفريءَ ۽ انارڪيءَ ڀريو احتجاج افورڊ ڪري ويندا آهن ۽ ڪجهه ملڪن لاءِ اهو برداشت ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي، جن جي علائقائي صورتحال انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اها اجازت نه ٿي ڏئي ته هو پنهنجي عوام جو احتجاج طاقت جي استعمال سان دٻائي سگهن. پاڪستان جي خارجي توڙي داخلي صورتحال تمام نازڪ آهي. پاڪستان جي ان آزمائش کان بچائڻ ۾ ئي پاڪستان ۽ رياست جي اهم ادارن توڙي هتان جي عوام جي وسيع تر مفاد ۾ آهي.