ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا حڪومت کي ڪو خطرو آهي؟

Editorial-Article- Shokat Ali Jalbani

ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ جڏهن کان رويو جو اصول اختيار ڪيو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي ميدان ۾ ٿيندڙ غلطين جو ازالو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. امپائر جي آڱر مٿي کڄي به وڃي ته ڪريز تي موجود رانديگر کي استحقاق آهي ته امپائر جي ڪيل فيصلي جو رويو وٺي يا ميدان ۾ موجود رانديگرن کي استحقاق آهي ته اهي امپائر جي ڪيل فيصلي خلاف ٻه ڀيرا رويو وٺي سگهن ٿا، پر ملڪي سياست ۾ آڱر کڄڻ يا نه کڄڻ کانپوءِ امپائر جي ڪيل فيصلي جو رويو نه ٿو وٺي سگهجي، ڇو ته هتي امپائر کي استحقاق آهي ته پنهنجي ڪيل فيصلي تي جيڪڏهن پاڻ نظرثاني ڪري ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ ميدان عمل ۾ موجود سياست جي کيڏارين وٽ ون سائيڊ پلي يعني هڪ پاسي واري راند ڏيکارڻ کانسوا ڪي به ٻيا آپشن ناهن هوندا.
هن وقت ملڪي ميڊيا جي ماحول ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي حڪومت وڃڻ جا چوٻول آهن. عمران خان جنهن کي اقتدار کان اڳ امپائر جي آڱر توڙي امپائر جي فيور تي ناز هو. وزيراعظم عمران خان اقتدار ملڻ کانپوءِ دنيا ۾ هڪ پيج جي ڳالهه ورجائيندو رهيو آهي ۽ ميدان ۾ موجود امپائر به هر ممڪن سندس فيور ڪيو. آخر هن وقت اهڙيون ڪهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن جو دفاعي تجزيه نگار جيڪي ملڪي دفاع تي تجزيو گهٽ ڪندا هئا پر عمران خان جي واکاڻ ۾ گو کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، سي اڄڪلهه ملڪي حالتن جي تباهي جو ذميوار پوئين سياستدانن سان گڏ عمران خان کي به چئي رهيا آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ آمرن خلاف به تحريڪون هليون پر اسٽيبشلمينٽ جو ذڪر جيترو تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيو ويو آهي، ايترو پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو. ملڪي اسٽيبلشمينٽ توڙي حڪومت ۾ آخر ڪهڙا ويڇا پيدا ٿيا آهن جو حڪومت جي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي؟ پڙهندڙ سياڻا آهن سڀ سمجهن ٿا ته حڪومتي اتحادي جيڪي سدائين اسٽيبلشمينٽ حامي رهيا آهن، اهي حڪومت کان عليحدگي جو اظهار ڇو ڪري رهيا آهن. منهنجي نظر ۾ ته اها ئي ته سياست آهي، يعني پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ، مسلم ليگ (ق) ۽ سنڌ ۾ موجود جي ڊي اي حڪومت کان بيزار ۽ ناراض نظر اچي پئي. مسلم ليگ (ق) هجي مسلم ليگ (ف) ٻنهي وٽ 5 ۽ 3 سيٽن جي باوجود 2،2 وزارتون موجود آهن. ايم ڪيو ايم جنهن ٽي ايل پي کان معاهدي کانپوءِ پاڻ تي مڙهيل پابندين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو ته جيڪڏهن ٽي ايل پي کي فورٿ لسٽ مان ڪڍي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم کي ڇو نه؟ ٽي ايل پي جي ڪالعدم ٿيڻ کانپوءِ انهن ڪا ٻئي جماعت ٺاهي رياستي گنگا مان سنان نه ڪيو هو ۽ ٻي جماعت طور پاڻ کي رجسٽرڊ نه ڪرايو هو، پر ايم ڪيو ايم تي ٽي ايل پي جيان “را” ۽ هندستان کان فنڊنگ کان وٺي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻوري بند لاشن جا ثبوت رياستي ادارن وٽ موجود هئا، جيڪي ڪيترين ئي عدالتن ۾ پڻ ثابت ٿي چڪا آهن. تنهنڪري انهن کي رياستي گنگا ۾ سنان ڪري، ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اصطلاح استعمال ڪرڻا پيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف حسين کانسوا باقي سڀئي چهرا اهي آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم لنڊن جي پابندي جي وقت تائين الطاف حسين جو دفاع ڪندا هئا. هن مهل ايم ڪيو ايم وقت جي نزاڪت سمجهندي ماضي واريون حڪمت عمليون استعمال ڪيون آهن ۽ ڪندي اچي پئي. ايم ڪيو ايم جڏهن پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ۾ اتحادي رهي ۽ پ پ پ کي مسلسل حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندي هئي ته نثار کهڙو ۽ ناصر شاهه جڏهن ملاقات ڪندو هو ۽ اها پنهنجو اعلان واپس وٺي ڇڏيندي هئي. ظاهري ڳالهه ته مخالف ڌر هجي يا حڪومتي اتحادي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لا انهن کي ڪو عوام جي مسئلن ۽ عوام جو درد نه ٿو ڳاري جو پنهنجا سياسي مفاد هڪ پاسي ڪري عوامي مفاد جون ڳالهيون ڪن. هن وقت به ساڳي صورتحال آهي چوڌري پرويز الاهي هڪ طرف پنجاب جي وزيراعليٰ عثمان بوزدار مان غيرمطمئن آهي ته ٻئي طرف کيس عمران خان مان اميدون آهن. ڪجهه مهينا اڳ مولانافضل الرحمان بلاول ڀٽو کي بيڪ ڊور رابطن وسيلي رليف وٺڻ جو الزام هنيو هو ته سگهارين ڌرين طرفان مولانا صاحب کي گهڻو ڪجهه ملي رهيو هو پر هن انڪار ڪيو. اهڙي ريت پيپلزپارٽي به مسلم ليگ نواز تي بيڪ ڊور رابطن جو ويجهڙ ۾ ئي الزام هڻي چڪي آهي.
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وارا ٽيليويزن ۽ جلسن جلوسن ۾ ته ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته عمران خان کي هٽائڻ ملڪ لاءِ لازمي آهي پر اندر ۾ اهي سمجهن ٿا ته هن وقت عمران خان کي هٽائڻ انهن جي حق ۾ نه رهندو. جڏهن مولانا فضل الرحمان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عمران خان کي جلد کان جلد هٽائي ٿوري ئي عرصي لاءِ سهي پر اقتدار جا مزا ماڻجن ۽ قوم کي پنهنجي جماعت جي سگهه ڏيکاري سگهجي. يقينن جيڪڏهن هن منظرنامي ۾ عمران خان کي هٽايو ويو ته سڀ کان وڌيڪ سياسي فائدو مولانا فضل الرحمان ۽ سندس جماعت کي ٿيندو. مولانا جي جماعت جي سيٽن کي ملائي ايم ايم اي وٽ 15 سيٽون آهن جنهن ۾ جماعت اسلامي به سياسي طور تي ڄڻ ايم ايم اي کي الوداع چئي چڪي آهي. هاڻ ٿورين سيٽن جي باوجود جيڪڏهن مخالف ڌر جو ڪو حڪومتي سيٽ اپ ٺهي ٿو پوي ته سڀ کان اهم ڪردار مولانا صاحب جو سمجهيو ويندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي سياسي قيادت ايتري اڻلڀ ناهي جو ملڪ جي اهڙين حالتن ۾ اقتدار وٺن، جتي انهن وٽ بدنامي ۽ مسئلن کانسواءِ ڪجهه به نه رهيو هجي. ان ڪري سياسي جملي بازيون ٿينديون رهنديون ۽ شيخ رشيد جي چواڻي ته هي جيڪي مخالف ڌر جا جلسا آهن، اهي ته اڳئين چونڊ جون تياريون آهن. آئون ان ڳالهه سان اتفاق به ڪريان ٿو پر ائين به هرگز ناهي ته مخالف ڌر ماٺ ڪري ويهي رهندي. ان هائوس تبديلي، نو ڪانفيڊنس ووٽ توڙي وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ جون ڳالهيون مخالف ڌر وارا ڪندا رهندا ۽ حڪومت مخالف ڌر کي انگيج ڪرڻ لاءِ باقي رهيل ڪجهه عرصي ۾ مختلف ڪيسن ۾ ٻيهر مصروف ڪندي، جنهن جو عملي مظاهرو آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻو ڪيس جنهن ۾ آصف زرداري کي 2014ع ۾ بريت ملي چڪي هئي ۽ نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي ته اهو ڪيس ٻيهر کوليو ويو آهي.
عمران خان کي ٽي رڪني سپريم ڪورٽ جي بينچ 16 ڊسمبر جي اي پي ايس واري سانحي واري شنوائي ۾ گهرائي ڄڻ سندس مشڪل آسان بڻائي ڇڏي. مهانگائي جي طوفان، آ ايم ايف جي پروگرام ۽ ڊالرن جي بي لغام اڏام جتي عوام ۾ وڃڻ مشڪل بنائي ڇڏيو هو، اتي انهي پيشِي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت کي ِهڪ نئون جيئدان ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت ۾ وزيراعظم عمران خان جو اهو بيان ته ملڪ ڪا به مقدس ڳئون ناهي، ان ڪري عدالت انهن کي حڪم ڪري ته حڪومت عدالت جي حڪم تي عمل يقيني بڻائيندي. ياد رهي ته هي ڪيس ٽي ٽي پي يا القاعده تي ناهي. هن ڪيس جو متن آهي ته سانحي اي پي ايس ۾ جيڪي سيڪيورٽي ليپس ٿيا انهي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هاڻ انتظامي طور جيڪڏهن ليپس ٿيا ته ان وقت جي انٽيليجنس ادارن کان وٺي دفاعي ادارن تي ڳالهه ٿيندي. حڪومت مهيني اندر رپورٽ جمع ڪرائيندي پر ڇا حڪومت لاءِ اهو ممڪن آهي ته ان وقت جي انتظامي اعليٰ اختيارن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي. جيڪڏهن پرويز مشرف خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ته يقينن پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر ائين ممڪن ناهي. ڇو ته ان وقت ملڪ ۾ اهڙا ڪيترائي سانحا ٿيا جن ڪري عوام جي جانين جو نقصان ٿيو پوءِ هڪ نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو ته هاڻ هر هڪ دهشتگرد وارين واقعن جي تحقيق ڪئي وڃي ۽ سيڪيورٽي ليپس جو تعين ڪيو وڃي. ها حڪومت لاءِ آساني ضرور پيدا ٿي ته وري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت هڪ پيج تي اچي وڃن.
نواز شريف توڙي ان وقت جا جيڪي سول ادارن جا سربراهه هئا، انهن خلاف ته ڪارروائي ڪئي ويندي يا معاملي کي اينگهايو ويندو پر مان سمجهان ٿو ته عدالت سڳوري توڙي حڪومت ان طرف نه ويندي، بس والدين کي ڪهنن ريت مطمئن ڪري خاموش ڪرايو ويندو. اهڙي ريت حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر امپائر وٽ پاڻ وڻائڻ جو موقعو ملي ويندو. اهو ئي حڪومت جي اعتماد جو راز آهي جو عمران خان پنهنجن وزيرن مشيرن کي هدايتون ڏيئي ڇڏيون آهن ته اهي به پنهنجن تڪن ۾ وڃن اتي وڃي جلسا ڪري عوام جي اڳيان حڪومتي ڪارڪردگي رکن ۽ ترقياتي ڪمن جي جاچ ڪري انهن کي 2023ع کان اڳ مڪمل ڪرائين ته جيئن ڪجهه فيس سيونگ ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button