عمران خان نيازي کي جڏهن اقتدار مليو ۽ هن جيئن حڪومتي معاملا سنڀاليا ته اهو تاثر عام هو ته سندس حڪومت هڪ سال به مشڪل سان هلي سگهندي. ان جا اهڃاڻ ان وقت به نظر آيا، جڏهن سندس ٽيم ۾ معاشي ارسطو طور مشهور اسد عمر حڪومت ٺهڻ جي اٺن مهينن کان پو استعيفى ڏئي ڇڏي هئي. پر حڪومت هن وقت تائين ساڍا ٽي سال ڪڍي وئي آهي. اهو ان ڪري نه ٿيو آهي جو عمران خان نيازي ڪو ذهين سياسي اڳواڻ آهي پر اهو ان ڪري ممڪن ٿي سگهيو جو اپوزيشن پارٽيون هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ رهيون. پيپلز پارٽي جي موقعي پرستي جي حالت اها رهي آهي جو اها پي ڊي ايم جهڙي اتحاد کي به غير فعال ڪرڻ ڪامياب ٿي وئي آهي. آصف زرداري جيڪو ڇرو پي ڊي ايم جي پٺي ۾ هنيو، ان جي ڦٽ مان اڃا به رت ڳڙي رهيو آهي. پر مجال آهي جو پيپلز پارٽي ان ڳالهه کي قبول ڪري ته هن پي ڊي ايم کي غير فعال ڪري حڪومت جا هٿ وڌيڪ مضبوط ڪيا آهن. پي ٽي آ کان وڌيڪ نا اهل ته اپوزيشن نظر اچي ٿي، جيڪا “ڪمپني بهادر” جي اشاري جي منتظر رهندي آهي.
ان کانسوا عمران خان نيازي يا ڪنهن به پارٽي جي حڪومت کي ڊاهڻ ان وقت تائين سولو نه هوندو آهي، جيستائين اسٽيبلشمينٽ نه چاهيندي هجي. اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن ڪابه حڪومت ايترو جلدي گهر ڀيڙو ڪرڻ نه چاهيندي آهي بلڪه اها ڪا نه ڪا رٿا ضرور جوڙيندي آهي، ان جو ٽائيم فريم طئي ڪندي آهي ۽ ان کان پو اها حڪومت ان ڏينهن ۽ ان لمحي گهر ڀيڙي ٿي ويندي آهي، جيڪو طئي ٿيل هوندو آهي. نواز شريف جي حڪومت ان جو تازو مثال آهي. سندس حڪومت خلاف پهرين 2014ع ۾ ڪم شروع ٿيو پو ان کي 2016ع ۾ جاري رکيو ويو ۽ نيٺ 2017ع ۾ نواز شريف نا اهل ٿي ويو. جنهن کان پو عمران خان نيازي کي ان اميد سان اقتدار ۾ آندو ويو ته هو ملڪ ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪندو، انصاف جو مان مٿانهون ڪندو ۽ ان کانسوا ملڪ جي معاشي ترقي ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيندو. پر هو نه رڳو ڪرپٽ وزيرن جو رکوال بڻجي ويو پر هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جيڪو پي ٽي آ ۾ ڪونهي اهو ئي ڪرپٽ آهي ۽ جيڪو پي ٽي آ ۾ آهي، اهو ڪرپٽ ٿي نٿو سگهي.
پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان سڄي عرصي ۾ هڪ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ لا تيار نه هيون. ٻنهي کي اهو لڳندو رهيو ته “ڪمپني بهادر” انهن سان ڊيل نه ڪري وٺي. خير پيپلز پارٽي جا ان حوالي سان امڪان وڌيڪ رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اها هاڻ ڪا مزاحمتي پارٽي ناهي رهي، تنهنڪري اها ڪنهن وقت به هڪ اشاري تي ڊيل ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي، آخر بلاول ڀٽي زرداري کي به ته وزير اعظم ٿيڻ جو شوق آهي. اپوزيشن پارٽيون جيڪڏهن سچي نيت سان چاهين ها ته اهي عمران خان نيازي خلاف ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏين ها پر انهن ائين نه ڪيو. هن وقت جيڪڏهن عمران خان ڪمزور نظر اچي رهيو آهي ته ان جو سبب اپوزيشن پارٽين جو دٻا نه بلڪه اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد هٽي وڃڻ آهي. جيڪڏهن عمران خان نيازي ڊي جي آ ايس آ واري معاملي تي گوٿ ناٿ نه ڪري ها ته هن لا معاملا اڃا به بهتر نموني هلي رهيا هجن ها، پر هن ڀيري هو غلط پتو کيڏي ويو، جنهن جي ڪري وڇوٽيون وڌي ويون آهن. ان کانسوا پي ٽي آ حڪومت ۾ به حال نه هو. گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ ان اهڙو ڪجهه به نه ڪيو آهي، جنهن لا چئي سگهجي ته اها پنهنجي حڪومت بهتر نموني هلائي سگهي آهي يا وري هن عوام لا ڪو اهڙو ڪارنامو ڪيو آهي، جيڪو اڳوڻيون حڪومتون نه ڪري سگهيون. بلڪه پي ٽي آ حڪومت ته اڳوڻو سوجهرو به چٽ ڪري ڇڏيو. ملڪ ۾ مهانگائي وڌي، عوام بيروزگار ٿيو، ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، سي پيڪ جو ڪم بيهي رهيو ۽ ٻاهرين سرمائيڪاري به نه ٿي سگهي.
ڪنهن ماڻهو لا اهو مشهور ڪيو وڃي ته هو ايماندار آهي، ان ڪري سڄي دنيا سندس ايمانداري مان متاثر ٿي پاڪستان لا خزانن جا در کولي ڇڏيندي ته اها بيوقوفي آهي. دنيا کي سياستدانن جي ايمانداري نه پر انهن جي چالاڪي جي ضرورت هوندي. عوام اهڙي ايمانداري کي ڇا ڪندو، جنهن جي ڪري انهن کي ٻن ويلن جي ماني به نصيب نٿي ٿي سگهي. تنهنڪري ايماندار هجڻ ۽ هڪ ڪامياب سياستدان هجڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن. جيڪڏهن عمران خان نيازي جي ايمانداري ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرائي سگهي ها ته پو اها قبول ٿيڻ جوڳي هئي پر هتي ته اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو.
ان کانسوا “ڪمپني بهادر” کي به هاڻ سوچڻ گهرجي ته اها جيڪڏهن اهڙا نا اهل سياستدان تيار ڪندي رهندي ته پو ملڪ ته نه هلي سگهندو پر ان لا به مسئلا پيدا ٿيندا ۽ هر معاملي جي وضاحت ان کي ڏيڻي پوندي. تنهنڪري سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لا سياستدانن کي مٿان ڪٽ ڪرڻ ڏني وڃي. جيئن هڪ سياستدان جنگ جي ميدان ۾ نه وڙهندو آهي، اهڙي ريت هڪ فوجي جو ڪم سياست جي ميدان ۾ نه هوندو آهي. ان ڪري سڀاڻي جڏهن عمران خان نيازي اقتدار ۾ نه رهندو ته ان جو ڪريڊٽ اپوزيشن پارٽين کي نه ويندو پر اهو اسٽيبلشمينٽ جي بيزاري جو نتيجو هوندو.