”اللهه رکيو ٻٽ رڳو لائبرري سائنس شعبي جو چيئرمين نه آهي، ڇو ته ”چيئرمين“ لفظ سان ڳنڍاپيل رعب داٻ، ڌوم ڌڙڪو، بزرگي ۽ ڳاڙهي اک وٺس ڪونهي. هو هڪ عام قسم جو هلڪو ڦلڪو نارمل ۽ ٺيڪ ٺيڪ ماڻهو آهي. جيڪو ڏينهن جي پهرين پهر ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڪڇ ۾ وجهي لائبرري جي وچ ۾ گهلبو لتڙ لتڙ ڪندو نظر ايندو آهي. شام جو ڪتابن جي تعداد جيترا ئي پنهنجا ٻار ڪلهن تي، ڪن کي هٿ ۾ چيچ ڏئي، ڪالوني ۾ ٽلندو نظر ايندو آهي.“
هي مٿيان جملا سائين عبدالقادر جوڻيجي 80 جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪتاب ”سنڌي رسالن جي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. هتي هنن جملن کي ورجائڻ جو مقصد پنهنجي يا پنهنجي والد محترم جي تعريف ڪرڻ بدران رڳو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي ته سائين قادر صاحب سان اسان جو واسطو لڳ ڀڳ چاليهه سال پراڻو آهي. قادر صاحب ڊاڪٽر ٻُٽ جي ڪلهن ۽ سندن چيچ جلهيل جن ٻارن ڏانهن هنن سٽن ۾ اشارو ڪيو آهي انهن مان هڪ مان به آهيان. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت مان ڪنهن ملائڪ جيان ڊاڪٽر ٻُٽ جي ساڄي يا کاٻي ڪلهي تي ويٺل هجان ۽ ان وقت دنيا جي هر ڳالهه کان لاپرواهه ٿي رڳو ان مٺي چوسڻيءَ بابت سوچيندو هجان جيڪا ڊاڪٽر ٻُٽ اڪثر شام جو مونکي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي مارڪيٽ مان وٺي ڏيندو هو. ايئن ته مان هتي سائين قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻ وارو هئس. پر ويٺي ويٺي سائين سان ڪيل انيڪ ملاقاتن مان ڪجهه ملاقاتن جا پڙاڏا ذهن جي واديءَ ۾ واڄٽ ڪري رهيا آهن. هڪ ملاقات ۾ قادر صاحب سان سنڌي ناول جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هئس، قادر صاحب ٻڌايو افسانوي ادب مطلب اسٽوري ٽيلنگ جو آرٽ ۽ اهو آرٽ هي آهي ته ڪهاڻي بيان ڪندي ڪهڙو جملو ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان وري منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ سٺو اسٽوري ٽيلر کي لوڪ قصن سان مزاح واري حس جنهن کي انگريزي ۾”Wit” چئجي ٿو جو هجڻ ضروري آهي ۽ قادر صاحب انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال جي مهارت رکندو هو.
يا وري هڪ ٻي ملاقات ۾ قادر صاحب آمريڪا جي هڪ ليکڪ جي ڪتاب ”دي پاور آف اسٽريٽ پاليٽڪس“ جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته هنن اهو ڪتاب سنڌ جي هڪ وڏي انقلابي اڳواڻ کي پڙهڻ لا ڏنو جنهن بنا ڪتاب پڙهي ئي اها راءِ ڏني ته جيئن ته اهو ڪتاب هڪ سامراجي جو لکيل آهي ان ڪري پنهنجي ڪم جو ناهي. اهڙي ريت هڪ ٻي ملاقات جو پڙاڏو به ذهن ۾ ٿي رهيو آهي، هن ڪچهري ۾ قادر صاحب سان انگريزي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار لي چائيلڊ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. اتفاق اهڙو جو اهو ليکڪ منهنجو به پڙهيل هو. هي صاحب لي چائيلڊ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿرلر ۽ سسپينس ناول لکڻ جي حوالي سان مشهور آهي ۽ برطانيا ۾ شيرلاڪ هومز کان پوءِ لي چائيلڊ جي ڪردار جيڪ ريچر کي ڏاڍي مڃتا ملي ۽ ڪجهه وقت اڳ تائين هو بُڪر پرائيز جي ججن مان هڪ هو. اسان يعنى قادر صاحب ۽ مون هن جي هڪ ناول جي سنائپر واري چٽيل سين تي لڳ ڀڳ ويهه منٽن تائين ڳالهايو هو. اهڙي ريت انهيءَ ڪچهري ۾ انگريزي جي هڪ ٻئي ناول نگار حنيف قريشي جي ناول ”بليڪ البم“ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وري به اتفاق اهڙو جو اهو ناول به منهنجو پڙهيل هو، بليڪ البم ۾ هڪ سين آهي جنهن ۾ مک ڪرادر لنڊن ۾ ڪيل مسلمان جي هڪ احتجاج ۾ ڦاسي پئي ٿو. اهو احتجاج اسلام دشمني ۾ لکيل هڪ ڪتاب خلاف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ڪتاب جو مک ڪردار ان اسلام دشمن ليکڪ جو ويجهو دوست هوندو آهي ۽ ان ڳالهه تي منجهي پوندو آهي ته اتان ڪهڙي نموني جان بچائي نڪري.
جيڪڏهن ذهن تي زور ڏيان ٿو ته ياد اچيم ٿو ته اهڙي ئي هڪ ٻي ڪچهري ۾ مان سنڌي ٻوليءَ جي بيحد خوبصورت ناول نگار سائين اڪبر سومرو صاحب سان گڏ قادر صاحب وٽ ويٺل هئس. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪچهريءَ جو موضوع ناول هئا، جيتري تائين مونکي ياد ٿو پئي ته اڪبر صاحب چيو هو (۽ اهي هن ڳالهه جي تصديق به ڪري سگهن ٿا):
”مون کي لڳندو آهي ته ليکڪ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو ئي ناول لکي سگهندو آهي، جيئن مارڪيز جي سو سالن جي اڪيلائي کي ئي مڪمل ناول سڏي سگهجي ٿو.“
ان تي قادر صاحب اختلافي راءِ ڏيندي روس جي مشهور ناول نگار دوستوسڪي جو حوالو ڏيندي چيو هو هن جو لکيل هر ناول مڪمل ناول آهي.
مان مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته مونکي قادر صاحب جي ناول ”دي ڊيڊ ريور“ تي ڳالهائڻو هو، اهو ناول مون ٻه سال کن اڳ پڙهيو هو. هي ناول هاڪڙي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ناول پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي اهو قادر صاحب جي پنهنجي زندگيءَ جي به عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول سن 2014ع ۾ لاهور جي يونيورسٽي آف مينجمنٽ اينڊ ٽيڪنالاجي ڇپرايو، هي لڳ ڀڳ 290 صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ انيڪ لوڪ داستانن سان گڏ ٿر جي زندگيءَ کي خوبصورت نموني چٽيو ويو آهي، ڪٿي اٺن جي قسم جي ڳالهه پڙهڻ لا ملي ٿي ته ڪٿي وري هڻ کڻ ۽ لنڊي بلا جا قصا پڙهڻ لا ملن ٿا. ناول ۾ هڪ هنڌ ڄاڻيو ويو آهي ته:
”هاڪڙي جي حوالي سان مونکي منهنجي امان قصا ٻڌائيندي هئي، اهي قصا منهنجي لاءِ ڪنهن به لکيل تاريخ کان وڌيڪ اهم ۽ سچا آهن.“ ۽ پوءِ اتان وري هڪ جوڳي جو قصو شروع ٿئي ٿو جيڪو جبلن مان لهي اچي ٿو. اسٽوري ٽيلنگ جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته هي هڪ لاجواب ناول آهي. مونکي هن ناول تي تفصيل سان لکڻو هو، پر ڳالهين جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. هن ناول جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ڪبي ته قادر صاحب ٻڌايو هو هي ناول سندن ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو آهي، ان جو ٻيو حصو ”رسٽڪ“ جي نالي سان مڪمل آهي.“ جيڪو شايد اسڪاٽلينڊ جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ موڪليو ويو، پر اڃا تائين رسٽڪ ناول منهنجي نظرن مان نه گذريو آهي. سچ اهو آهي ته قادر صاحب ادب جو هاڪڙو درياهه هو جيڪو ڪجهه سال اڳ سُڪي ويو.