ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ واسين جو آواز

Editorial-Article- Aslam Jatoi

تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ڪڏهن به غلامي قبول نه ڪئي آهي. سنڌ هزارن سالن کان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندي پئي اچي، سنڌ سان جيڪي ڪلور ڪيا ويا سي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو ويو، جنهن سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ريگستان جي روپ ۾ بدلجي وئي، ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس هنيا ويا، محصول وصولي خاطر وڏا وڏا ادارا قبضي هيٺ آڻي سنڌ واسين جو روزگار تنگ ڪيو ويو. ننڍا ننڍا بئراج بند ٿي ويا، باقي اهي بچيا جن تي وقت جي حڪمرانن ۽ سندن پيارن جون زمينون سيراب ٿينديون هيون. تن کي ڳنڍا ڏئي پوڇڙي جي ننڍن زميندارن جو پاڻي نه هئڻ جي برابر ڇڏيو، جنهنڪري انهن جون زمينون برپٽ بڻجي ويون.
سر چارلس نيپئر 1843ع ۾ ڪرنل والرڪٽ اسڪاٽ جي ماتحت واهن جو ڊپارٽمينٽ عمل هيٺ آندو پر اهو کاتو 1848ع تائين بشمڪل هلي سگهيو، بعد ۾ جنرل فائف 1858ع ۾ بئراجن جي باري ۾ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون سي به پنجاب جي فوقيت سبب سرد خاني جي نظر ٿي ويون. فائف جي اندازي موجب سنڌ کي 31 لک روپيا آبياني جو نقصان هو، اهو فقط غلط آبپاشي سبب ٿيو، ان وقت سنڌ جي زمين پنجاب کان وڌيڪ هئي.
2019ع ۾ هڪ عالمي رپورٽ ميان نواز شريف کي ڏکڻ ايشيا جو ڪرپٽ ترين انسان جي لقب سان نوازيو، رپورٽ موجب انڊونيشيا جي صدر محمد سهارتو جا 35 ارب جا اثاثا مغربي دنيا ۾ جمع سندس خاندان 13 ارب 74 ڪروڙ واپس جمع ڪرايا. فلپائن جي صدر مارڪوس 110 ارب ڊالر نڪارا گووا جي آرنولڊ جا 100 ملين ڊالر جي ڪرپشن، پيرو جي صدر البرٽو فيوجي 60 ڪروڙ ڊالر، تيونس جو صدر 250 ارب ڊالر کڻي فرار، نائيجريا جو صدر ثاني اباجا 15 ارب، ڪانگو جو صدر 5 ملين ڊالر ۽ ميان نواز شريف 800 ارب جا اثاثا فقط لنڊن ۾ ته اهڙي ريت نواز شريف سڀني کان گو کڻڻ ۾ ڪامياب رهيو پر اهو 2017ع تائين سو به فقط لنڊن ۾ ڪم بارڪر جي چوڻ موجب ميان صاحب ڪرپٽ سان گڏ انتهائي بدڪردار به آهي. برطانيا جي صحافي ڪم بارڪر ڪشمير تي لکڻ لا ته کيس نواز شريف دعوت ڏني ۽ دوستي رکڻ لا چيو.
برطانيا جي هيٿرو ايئرپورٽ تي مريم نواز صحافين کي سوالن جا جواب ڏيندي سامهون ايندڙ قيمتي گاڏي ۾ نوجوان کي ڏسندي چيو ته جنهن جا اهڙا دوست هجن انهن کي ڪرپشن يا ڪاروبار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. آئون ليگي خواتين کي به اهڙي صلاحيت پيدا ڪرڻ جو مشورو ڏيان ٿي. ميان گروپ وري به پنهنجي ۽ پنهنجي ماڻهن سان سچا رهيا آهن، سنڌ واسي ته سدائين سورن جي گهاڻي ۾ رهيا. سنڌ جي پ پ پ هجي يا ايم ڪيو ايم وفا ڪنهن نه ڪئي، ايم ڪيو ايم، (ن) ليگ جي مخالفت ڪندي ڪندي ووٽ ليگي خاقان عباسي جي حق ۾ ڏنا، گورنر سنڌ ايم ڪيو ايم جي ذميوار عهديدارن کي راضي ڪري اسلام آباد جي هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ خاقان عباسيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي سيٽ لا اربين رپين جي عيوض ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڏياري. ان کانسوا ايم ڪيو ايم جا بند دفتر کولڻ جو به معاهدو ٿيو. خاقان عباسي ته وزيراعظم ٿي ويو پر ڳالهه ليڪ ٿيڻ ڪري پئسا نه ملي سگهيا. چيني مفڪر ۽ دانشور ڪنفيوشيس جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪرڻ جو فقط ان کي حق آهي، جيڪو عوام جو احساس رکندڙ هجي، حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت جو مالڪ هجي، امير طبقو پنهنجي من ماني ڪندو، عوام جي حوصلا شنڪي ڪندو ۽ عوام ۾ عدم تحفظ پيدا ٿيندو ۽ عوام ۾ بغاوت جو خيال اڀرندو، جيڪو ملڪ لا هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ٻي قوت ۽ سنڌ جي عوام جي انداز فڪر ۾ فرق آهي، سنڌ جي عوام کي اڻڄاڻائي ۾ سدائين استعمال ڪيو ويو آهي. ڪڏهن مذهبي جنون ۾ ته ڪڏهن انقلاب ڪوڙي دلاسن جي سوريءَ تي لڙڪايو ويو آهي.
نوڪرين جو مسئلو هجي طبي مسئلو هجي، روزگار جو يا وري قدرتي آفتن جو قهر هجي، سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو بحران ڇو آهي. ترقي ڏانهن ڊوڙندڙ دور ۾ عوام پنهنجن حقن کان محروم ڇو آهي؟ عوام ڇڙوڇڙ ٿي ڪجهه خودغرض مفاد پرستن جي ور چڙهيل آهي. سنڌ جي عوام کي پنهنجي آواز ۾ اها سگهه پيدا ڪرڻي پوندي جو هڪ آواز تي جبل به ڏار ڏار ٿي وڃي. اهڙي سگهه پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي جو حڪمرانن جون ڪرسيون به لڏندي نظر اچن. پيپلزپارٽي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڪروڙين رپيا ورهائي عوام کي فقير بڻائي ڇڏيو آهي، ان کان ته بهتر هو ته پٺتي پيل علائقن ۾ ننڍيون ننڍيون فيڪٽريون لڳرائي غريبن کي عزت وارو روزگار مهيا ڪيو وڃي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button