ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ ٻارڙيءَ سان ٿيل ڏاڍائي

Editorial

ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال ڪجهه وقت کان وري خراب ٿي رهي آهي، عام ماڻهو هڪ خوف ۾ جيءَ رهيو آهي. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪا ايتري بهتر ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل سنڌ ۾ ڪجهه وقت کان تيزيءَ سان ٿي رهيا آهن پر سوال اهو آهي ته هيتري بد امني هوندي به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انتظاميا ڇو خاموش آهن. ڇا انهن کي اها خبر ناهي ته اهڙن واقعن سان عام ماڻهوءَ تي نفسياتي طور ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن ۽ اهي ڪهڙين پريشانين مان گذري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪوبه شهري بد امني واري ماحول ۾ جيئڻ نٿو چاهي. هو چاهي ٿو ته هو جتي به هجي اتي سڪون سان رهي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا بد امني نه ٿئي پر صورتحال ايتري ته ڳنڀير ٿي وئي آهي جو عام ماڻهو هر پاسي کان ڦوروئن ۽ بدمعاشن جي ور چڙهي ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ به صورتحال بهتر نظر نٿي اچي. ڪجهه ڏينهن اکين جي مشهور ڊاڪٽر کي ڪراچيءَ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان موجب 6 ورهين جي ٻارڙيءَ کي ڏاڍائي کان قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته کوکرا پار ۾ هڪ عورت جو لاش پڻ هٿ آيو آهي.
ڪراچيءَ جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي کان پوءِ ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جا ڊي اين اي نمونا پڻ ورتا ويا آهن. ٻئي طرف ملير کوکرا پار ۾ هڪ گهر مان عورت جو لاش هٿ آيو آهي. هوڏانهن محمود آباد ۾ 3 ماڙ عمارت تان ٽپو ڏيڻ واري عورت جي ٽنگ جي هڏي ڀڄي پئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽپو ڏيندڙ عورت سونيا ذهني طور تي ٺيڪ نه آهي، کيس اهو به ياد ناهي ته هن عمارت تان ٽپو ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ 6 ورهين جي ٻارڙيءَ سان ڏاڍائي ٿئي ٿي ۽ ان کي قتل ڪيو ٿو وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ڪا به ٻارڙي ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ محفوظ ڪونهي. اها ڪڏهن به ڪٿي قتل ٿي سگهي ۽ ان جو ڪو داد فرياد نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ان نوعيت جا واقعا اسان وٽ عام جام ٿيندا رهندا آهن. جيڪي اسان کي سماج جو تعارف بڻجي ويا آهن.

اسين سمجهون ٿا ته ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ جيڪڏهن ٻارڙيءَ سان زيادتي ٿئي ٿي ته اهو سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن واقعن کي هر جاءِ تي روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ۽ ان کان سواءِ انهن ڏوهارين کي سوگهو ڪيو وڃي جيڪي ٻارڙين کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به پرامن سماج ۾ عورت تڏهن ئي سک جو ساهه کڻي سگهي ٿي، جڏهن اتان جون ٻارڙيون به محفوظ هجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button