
آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي لا سريلنڪا پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪپتان اينڊريو بالبرني جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڪولمبو ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد سخت سيڪيورٽي ۾ رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ٿي وئي آهي. هوڏانهن سريلنڪا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ٿيندي، جنهن مان پهرين ٽيسٽ 16 اپريل کان 20 اپريل ۽ ٻي ٽيسٽ 24 اپريل کان 28 اپريل تائين کيڏي ويندي.