ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سکر-حيدرآباد موٽروي ۽ مياڻي ٻيلو

سنڌ ٻه هزار ٻاويهه ۾ ڪلائيميٽ چينج جو بي رحم انداز ڏسڻ جي باوجود مياڻي ٻيلي جي حدن مان سکر-حيدرآباد موٽروي ايم 6 جي ماحول مخالف رٿا جوڙي وئي آهي. جتي مياڻي ٻيلي کانسواءِ خان پوٽا ٻيلو، شاه بخاري ٻيلو، گندي ٻيلو ۽ رائلو ٻيلو جي 260 ايڪڙ زمين تي موٽروي ٺهڻو آهي.
حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌ جي صوبائي حڪومت مياڻيءَ جي تاريخي ٻيلي ۽ ٻين ٻيلن جي زمين بچائڻ لاءِ ڪوبه اعتراض نه واريو آهي. جڏهن ته تاريخي ٻيلي کي بچائڻ لاءِ موٽروي رٿا کي درياءَ جي بچاءُ بند واري پاسي پڻ سولائيءَ سان موڙي سگهجي پيو. هوڏانهن هنن سٽن جي لکجڻ تائين ڪنهن به ماحول دوست اداري مياڻي فاريسٽ ۽ ٻين ٻيلن جي زمين کي بچائڻ لاءِ احتجاج طور اعتراض وارڻ به سامهون نه آيو آهي.
سکر-حيدرآباد موٽروي جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ۾ انڊس هاءِ وي واري منصوبي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. جيڪو 1989ع ۾ نوري آباد کان سيوهڻ تائين ٺهڻو هو. ان منصوبي ۾ نيشنل کيرٿر پارڪ وچ ۾ اچڻو هو. ان ڪري نيشنل کيرٿر پارڪ بچائڻ واري مهم جي نتيجي ۾ عالمي بينڪ جو پنج ارب رپين جو منصوبو وڏي عرصي تائين رولڙي جو شڪار ٿي ويو هو. جيڪو پوءِ کيرٿر نيشل پارڪ مان روڊ نه ٺهيو. ان منصوبي بابت ڪلچر کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب “ڏٺم، ٻڌم ۽ پڙهيم” ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. اهو ٻڌائڻ کان اڳ ۾ مون کي پنهنجي يادگيريءَ ۾ اها ڳالهه آئي ته رمپا پلازا ۾ اداري امن انصاف جي هال ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي هڪ گڏجاڻي ۾خدابخش ابڙو هڪ دستخطي مهم هلائي رهيو هو. هن مون کي به اهو دستاويز ڏنو ۽ پڙهي پنهنجي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو. انهيءَ دستخطي مهم ۾ نيشنل کيرٿر پارڪ کي بچائڻ لاءِ انڊس هاءِ وي کي تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪيل هئي. شمس جعفراڻي پنهنجي ڄاڻايل ڪتاب جي صفحي نمبر 113 تي ان منصوبي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته “1988ع ۾ وفاقي سرڪار انڊس هاءِ وي تعمير ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي. اهو رستو موجوده انڊس هاءِ وي جي متبادل طور ڪراچيءَ کان پشاور تائين 1250 ڪلوميٽر ٺهڻو هو. ان منصوبي جي نتيجي ۾ اٽڪل چار سئو ڪلوميٽرن جو مفاصلو گهٽجڻو هو. ان رٿا لاءِ عالمي بئنڪ ساڍا پنج ارب رپيا قسطن تي ڏيڻ جي حامي ڀري هئي. رٿا جو ڪم اين ايڇ اي جي حوالي ڪيو ويو. ان رٿا کي اين 55 جو نالو ڏنو ويو. ان وڏي رٿا جو شروعاتي حصو جيڪو ٺهڻو هو، سو نوري آباد کان سيوهڻ تائين 88 ڪلوميٽرن تي مشتمل هو.” شمس جعفراڻي وڌيڪ لکي ٿو ته “1989ع ۾ جڏهن آئون ٻيو دفعو سيوهڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي آيس ته ان رٿا جي سلسلي ۾ سيوهڻ تعلقي ۾ ايندڙ زمين جي سروي جو ڪم روينيو کاتي ۽ اين ايڇ اي وارن گڏيل طور تي مڪمل ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي علائقي ۾ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر به ٿئي ٿو. کيس قانوني طور تي ڪنهن به عوامي ڀلائي واري ڪم ۾ ايندڙ زمين حاصل ڪرڻ، ان جي قيمت مقرر ڪرڻ ۽ قبضو حاصل ڪرڻ جااختيار حاصل آهن. تجويز ڪيل 88 ڪلوميٽر رستو ٿاڻو بولا خان ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ آيو ٿي. جتي ابتدائي سروي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو. خانگي زمين ان رٿا ۾ آئي ٿي، ان جو قبضو به اين ايڇ اي وٺي ڇڏيو هو. آڪٽوبر 1990ع ۾ ان وقت جي نگران وزير اعظم غلام مصطفيٰ خان جتوئي نوري آباد ويجهو ان عظيم رٿا جي پيڙهه وارو پٿر به رکيو.”
کيرٿر نيشنل پارڪ کي 1974ع ۾ نيشنل پارڪ جي حيثيت ڏني وئي ۽ 44 هزار هيڪٽرز کان مٿي زمين کي جهنگلي جيوت جي افزائش ۽ سنڀال لاءِ محفوظ ۽ مخصوص ڪيو ويو. 1975ع ۾ گڏيل قومن ۽ فطري ماحول جي تحفظ واري عالمي اداري (آءِ يو سي اين) به تسليم ڪيو هو. انڊس هاءِ وي جي رٿا جو نيشنل پارڪ مان گذرڻ جي مختلف ادارن، ساڃاهه وندن ۽ جهنگلي جيوت سان دلچسپي رکندڙن ماڻهن سخت مخالفت ڪئي. عالمي بينڪ پڻ پنهنجي گرانٽ کي ان ڳالهه سان مشروط ڪيو ته وائيلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جي اين او سي جاري ڪرڻ سان ڪيو. انهن سمورين ڳالهين جو نتيجو اهو نڪتو ته پهرين رٿا رولڙي جو شڪار ٿي وئي. پر ٻن سالن کان پوءِ رستي جو دڳ مٽايو ويو.
سکر حيدرآباد موٽروي ۽ مياڻي ٻيلو: هن وقت سکر-حيدرآباد موٽروي وارو منصوبو جنهن کي موٽروي ايم 6 جو نالو ڏنو ويو آهي. سنڌ جي ٻيلي کاتي ۾ مياڻي ٻيلي کي هڪ تاريخي حيثيت حاصل آهي. هن ٻيلي ۾ سيري ڪلچر ۽ سلوي ڪلچر وارا ادارا واقع آهن. ٻيلي سان لاڳاپيل ڪلچر جي فطري صنعت جن ۾ ماکي، کنئور، پلڙو، پن، لاک ۽ ان سان ٻيلي مان ملندڙ ٻين شين بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. هتي پٽ وارا ڪينئان پاليا وڃن ٿا. هتي ماکي پالڻ وارو ادارو ۽ فاريسٽري اسڪول پڻ واقع آهي. جتي ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي عملي کي پڻ تعليم ڏني ويندي آهي. انهيءَ ٻيلي ۾ ڪلهوڙا دور جو تاريخي ريسٽ هائوس واقع آهي. جنهن ۾ انگريز دور ۾ جديد گهرجن واري واڌ ويجهه ڪئي وئي. ان دور کان وٺي اڄ تائين ڪجهه گهڙيون فطري سڪون جي حاصلات لاءِ وڻن جي وچ ۾ پکين جون ٻوليون ٻڌڻ لاءِ سياح مياڻي پهچن ٿا. مياڻي ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي جو ريسرچ سينٽر قائم ڪيل آهي. جتي سنڌ جي قديم وڻن ۽ ٻاهر جي وڻن تي تحقيقي ڪم پڻ ٿئي ٿو. هن ٻيلي جي گيسٽ هائوس جي مين گيٽ تي RETREAT لکيل آهي.(سڪون وارو هنڌ) جتي ماڻهو هن شور ۽ گوڙ واري ماحول کانسواءِ گهڻي ڪم واري دٻاءُ کان بچڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون سڪون حاصل ڪري پنهنجي پاڻ کي ري ٽريٽ (ٻيهر بحال) ڪري سگهي ٿو. ان ٻيلي جي اولهه واري پاسي جتان درياءَ جو بچاءُ بند گذري ٿو، ان طرف کان سکر-حيدرآباد موٽروي گذارڻ جي رٿا تجويز ڪئي وئي آهي. ان تجزير ڪيل رٿا ۾ ٻيلي کاتي جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب 260 ايڪڙ 46 گهنٽا جي ايراضي جي حدن مان موٽروي ايم 6 گذرڻو آهي. جن جا تفصيل هن ريت آهن.
مياڻي ٻيلو 125 ايڪڙ، خان پوٽا ٻيلو 16 ايڪڙ 99 گهنٽا، شاهه بخاري ٻيلو 67 ايڪڙ 15 گهنٽا، گندي ٻيلو 22 ايڪڙ، رائلو ٻيلو 28 ايڪڙ 44 گهنٽا موٽروي ايم 6 ۾ اچن ٿا. مياڻي ٻيلي ۾ گرين پاڪستان واري پروجيڪٽ تحت ٻٻرن جون نيون وسيع هڙيون لڳايل آهن. ان کانسواءِ مياڻي ٻيلي ۾ قديم وڻ پڻ موجود آهن. جن جو ڪاٿو هڪ لک982 وڻ ڳڻيا ويا آهن. جيڪي موٽروي رٿا ۾ تباهه ٿي ويندا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ٻيلي کاتي پاران آفيشل بنياد تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه واريو ويو آهي. جڏهن ته ٻيلي کاتي پاران ٻيلي جي زمين ۽ وڻن جي مد ۾ 887 پوائنٽ 375 ملين رپيا پڪي ۽ ڪچي واري ٻيلي جي مد ۾ معاوضو ڀري ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي انوائرمينٽ پروٽيڪٽ ايجنسي ٻيلي جي زمين جي حدن مان موٽروي جي رٿا تي سخت اعتراض واريو آهي. اين ايڇ اي مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جي سفارش جي روشنيءَ ۾ 83 ايڪڙ پوانٽ 10 گهنٽا ٻيلي جي زمين رٿا ۾ اچڻ مڃيو آهي. جنهن جي مد ۾ 2 ٻه ڪروڙ 93 لک رپيا ٻيلي کاتي کي معاوضي طور ڏيڻا ڪيا آهن. هڪ لک وڻن جي جاءِ تي هڪ ڪروڙ وڻ، هڪ وڻ جي بدران ڏهه وڻ لڳرائي ڏيڻ واري فارمولي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button