سوويت يونين ۾ سوشلزم جتي سماجي زندگيءَ جي گوناگون مسئلن کي نبيريو، اتي تعليم تي قابض ظم طبقن جي هڪ هٽي جي خاتمي جهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا. اهڙا ڪارناما جن جو زارشاهي روس ۾ رڳو تصور ئي ٿي پئي سگهيو. پر سوشلزم ڪجهه سالن اندر ئي اهڙن خوابن کي زندهه حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو.
انقلاب کان اڳ روس ۾ تعليم تائين عام ماڻهن جي پهچ نه هئي. تقريبن ٽي ڀاڱي چار آبادي اڻ پڙهيل هئي، 80 سيڪڙو ٻارن ۽ نوجوانن اسڪول جي شڪل نه ڏٺي هئي. 1914ع ۾ هزار مان رڳو 58 ماڻهو مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندا هئا. آڪٽوبر انقلاب کان اڳ روس ۾ عام تعليم جا اهڙا اسڪول نه هئا، جن ۾ هر دور جي ٽريننگ جو انتظام هڪ ئي پروگرام تحت ٿيندو هجي. انهن ڏينهن ۾ ٽيهه پنجٽيهه قسم جا طرح طرح جا اسڪول هئا ۽ اهي به 17 مختلف ادارن هيٺ ڪم ڪندا هئا. اسڪول جي نظام جو بنياد طبقن تي هو. اميرن جا ٻار، فوجي يا قانون جي اسڪولن ۽ اميرن جي ڇوڪرين جي مخصوص اسڪولن ۽ اهڙن ٻين ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا- انهن اسڪولن ۾ فيس ڏني ويندي هئي-ثانوي اسڪولن جا دروازا جن کي جمنيزيا چيو ويندو هو، بظاهر سمورن ٻارن لاءِ کليل هوندا هئا-پر اتي به اڪثر شاگرد رڳو اميرن جا ٻار هئا-بورجوا طبقي جي ٻارن لاءِ حرفتي اسڪول هئا، مذهبي پيشوا پنهنجن ٻارن کي ديني سيمينارن ۽ مذهبي ۽ ڪليسائي اسڪولن ۾ اماڻيندا هئا.
مزدور، هاري ۽ دستڪار پنهنجن ٻارن کي گهڻو ڪري مختلف پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائيندا هئا. انقلاب کان اڳ روس ۾ ٽي ڀاڱي چار کان وڌيڪ آبادي هارين جي هئي پر اسڪولن جي شاگردن ۾ هارين جي ٻارن جو انگ رڳو 15 سيڪڙو هو. اڳوڻي روسي سلطنت جي ڪيترين ئي قوميتن جا پنهنجا اسڪول نه هئا. اهو ئي نه بلڪ انهن کي ڪنهن به قسم جي تعليم به نه ڏني ويندي هئي.
تعليم جو پيچيده نظام، پبلڪ اسڪولن ۾ محدود ابتدائي تعليم ۽ اسڪولن جي وڌندڙ فيس اهي هئا اهي سبب جن پورهيتن جي ٻارن لاءِ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم تقريبن ناممڪن بڻائي ڇڏي هئي. جنوري 1918ع ۾ سوويتن جي ٽين ڪل روس يونين ڪانگريس جي موقعي تي لينن چيو هو: “تعليم جي چئني پاسي اهڙا قلعا جوڙيا ويا آهن، جيڪي عوام جي راهه ۾ رنڊڪ آهن. پر اهي قلعا ڊاٿا ويندا.” آڪٽوبر انقلاب جي فتح واري ڏينهن کان سوويت حڪومت ان رڪاوٽ کي ڊاهيندي رهي. سوويت يونين مختصر عرصي ۾ عام تعليم ۾ واضح ترقي حاصل ڪئي. سوويت يونين ۾ جهالت جي ڀيانڪ ورثي کي بلڪل ختم ڪيو ويو. 48 قوميتن پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تحريري ٻوليءَ جو بنياد وڌو.
سوويت يونين ۾ ستين جماعت تائين لازمي تعليم (وڏن وڏن شهرن ۾ ڏهين جماعت تائين) عام ڪئي وئي. هر شهر ۽ هر ديهي آباديءَ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ ثانوي تعليم جو رواج آهستي آهستي عام ڪيو ويو. اسڪولن ۾ سوويت يونين جي قوميتن جي 59 مختلف ٻولين ۾ تعليم ڏني وئي. عام تعليم جي اسڪولن ۾ پوليٽيڪنيڪي ٽريننگ جو رواج عام ڪيو ويو.
خاص تعليم جي ثانوي ادارن ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن ۾ شاگردن جو انگ انقلاب کان پهرين واري انگ جي ڀيٽ ۾ 22 ڀيرا وڌي ويو.
زارشاهي تعليم واري وزارت جي هڪ رسالي 1916ع ۾ ڪاٿو هنيو هو ته يورپي روس جي عام خواندگيءَ لاءِ 120 سال، سائيبيريا ۽ قفقاز لاءِ 430 سال ۽ وچ ايشيا لاءِ 4 هزار 6 سئو سال درڪار هوندا. پر سوويت يونين رڳو ڪجهه ڏهاڪن ۾ ان گهڻ قومي ملڪ مان ناخواندگيءَ جو نالو نشان ميساري ڇڏيو. ناخواندگيءَ سان وڙهڻ لاءِ 1920ع ۾ جڏهن هڪ خاص ڪل روس ڪميشن قائم ڪئي وئي ته هزار 20 ٻارن لاءِ رڳو هڪ قلم، هڪ پينسل، ۽ هڪ ڪاپي هئي. ٻن تباهه ڪن جنگين 18-1914ع جي پهرين عالمي جنگ ۽ 20-1918ع جي گهرو ويڙهه ۽ ان سان گڏوگڏ هٿياربند سامراجي مداخلت ملڪ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو هو. نئين سوويت ريپبلڪ جو دشمن قوتن گهيراءُ ڪري ورتو هو ۽ سياسي بائيڪاٽ ڪري ان جي معاشي ناڪابندي ڪئي وئي هئي. سمورين ڏکيائين باوجود 1923ع کان 1939ع جي وچ واري عرصي دوران 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ناخوانده ۽ تقريبن 4 ڪروڙ نيم ناخوانده ماڻهن کي تعليم يافتا ڪيو ويو. ملڪ جي اوڀرندي حصي ۾ جتي ڪجهه هنڌن تي جاگيرداراڻي ۽ ايتري تائين جو ابتدائي دور جا قبائلي لاڳاپا رائج هئا، صديون پراڻي ناخواندگيءَ سان وڙهڻ خاص طور ڏکيو هو.
(هلندڙ)