ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻيءَ لاءِ پريشان بدين واسي

Editorial

سنڌ ۾ لاڙ وارو ضلعو بدين سدائين پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندو رهيو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ سبب بدين واسي ٻٽي عذاب جو شڪار هوندا آهن. هڪ پاسي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڪونه هوندو آهي ته ٻئي پاسي وري سامونڊي چاڙهه انهن کي پريشان ڪندي رهندي آهي، جنهنڪري آباد زمينون غير آباد ٿينديون رهنديون آهن ۽ ان کانسواءِ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو به جاري رهندو آهي. بدين واسي سدائين پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن، پر آبپاشي کاتي کان وٺي ارسا تائين ڪنهن به بدين واسين جي دانهن کي ڪونه ٻڌو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو بدين واسين کي پاڻي نصيب نٿو ٿئي پر انهن جا فصل به وقت سر پوکجي ڪونه سگهبا آهن، ان ڪري انهن کي مالي نقصان پڻ ٿي رهيو آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر اخبار ۾ ڇپي آهي.
بدين ضلعي جي سامونڊي علائقن ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻيءَ جو بحران ختم نه ٿيو آهي، ماڻھو ۽ چوپايو مال پاڻي لپ لا پريشان آهن. سيراڻي، ٻھڊمي، روپا ماڙي، احمد راڄو، شيخ ڪريو ڀانڊاري، سني گوني سميت سموري سامونڊي علائقي ۾ پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آھي، جنھنڪري بدين ضلعي جي سڀني واھن جي پوڇڙيءَ ۾ ھن وقت واري اڏامي رهي آهي. فيبروري مھيني جي پھرين ٻي ھفتي کان آڳاٽي ڦٽين جي پوکائي جي شروعات ٿي وڃي ٿي، جيڪا اڃا تائين پوکجي نه سگھيون آهن، جنھن ڪري ڦٽين جي پوک کي ستر سيڪڙو نقصان پھتو آھي. هوڏانهن بدين جي نان پيرنل واھن کي پڻ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري سخت بحران پيدا ٿي ويو آھي. پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ھنگامي اجلاس گھرايو ويو، جنھن ۾ اڳواڻن اسلم ملاح، ساجن شيخ ۽ ٻين چيو ته سامونڊي علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو آھي، آر او پلانٽ به ناڪارا بنيل آهن، جنھنڪري رھواسي پاڻيءَ لاءِ واجھائي رھيا آھن. ھنن آبپاشي کاتي جي اختيارين کي چتاءُ ڏنو ته ھو بدين جي ساحلي علائقي ۾ پيئڻ ۽ فصلن کي بچائڻ لاءِ فوري طور پاڻي ڏين. بدين واسين کي ان ڪري به پاڻي نٿو ملي جو منڍ جا آبادگار ۽ بااثر گهڻو پاڻي اڳواٽ ئي کڻي ويندا آهن، جڏهن ته بدين واسين جي حصي ۾ رڳو واري ايندي آهي. ظاهر آهي واري تي فصل پوکي نٿا سگهجن، تنهنڪري بدين واسين ڄڻ ته سوڪهڙي کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن ڀيري به انهن وٽ ڦٽيءَ جو فصل ڪونه ٿي سگهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته بدين واسين جو پاڻيءَ تي پهريون حق آهي، ان ڪري هر حال ۾ انهن کي فصلن توڙي پيئڻ لاءِ پاڻي ضرور ملڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ اهي ڦٽيون ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻيا فصل پوکي ڪونه سگهندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آبپاشي کاتو پاڻي واري معاملي ۾ ڪنهن به ريت ڪن لاٽار نه ڪري ۽ بدين واسي کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن اهي مالي پريشانين کان بچي سگهن ۽ انهن جون زمينون به آباد ٿينديون رهن. ٻي صورت ۾ بدين پاڻيءَ جي کوٽ اڃا به وڌي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button