اسلام آبادپاڪستان

هلندڙ سال مهانگائي جي شرح 27 ڏهائي هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي:آئي ايم ايف

اسلام آباد :عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ايندڙ سال سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح وڌندي ۽ پيداوار گهٽ رهندي. ڪالهه آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ ۽ معاشي ترقي جي رفتار سست رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايندڙ سال پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد به ظاهر ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال اوسر جي شرح ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، حڪومت معاشي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو مقرر ڪيو هو. آءِ ايم ايف گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهانگائي ٻيڻ کان به وڌيڪ 27 ڏهائي هڪ سيڪڙو رهڻ ۽ بيروزگاري جي شرح 7 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. 2024 ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجي 21 ڏهائي 9 سيڪڙو تي پهچي ويندي. عالمي مالياتي فنڊ موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 2 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين محدود رهندو. ايندڙ سال جي ڊي پي گروٿ واضح بهتري سان 3 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ مهانگائي گهٽ ٿي 21 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچي ويندي. جڏهن ته بيروزگاري جي شرح ۾ 0 ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽتائي جي اميد آهي. اهڙي پاڪستان جو مالي خسارو 6 ڏهائي 8 سيڪڙو رهندو، ايندڙ سال اهو وڌي 8 ڏهائي 3 سيڪڙو ٿي ويندو. رپورٽ موجب هلندڙ سال جي ڊي پي جو ڪاٿو 85 ڏهائي 4 ٽريلين رپيا هوندو جيڪو اڳئين سال وڌي 108 ڏهائي 4 ٽريلين رپين تائين پهچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button