سنڌ

صدر غير آئيني ۽ غير قانوني ڪم ڪري رهيو آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪراچي جي صحافين لاءِ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير محنت سعيد غني، سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (APNS)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (CPNE) ڪراچي پريس جا عهديدار، ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ مختلف اخبارن، ٽيليويزن چينلن، ميگزينن ۽ جرنلز ۽ ميڊيا جي ٻين ادارن جي صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت جي طرفان افطار ۾ موجود سمورن صحافين کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ صحافين جو رشتو اڻٽٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ صحافين هن ملڪ ۾ جمهوريت، قانون جي حڪمراني، اظهار رائي جي آزادي ۽ عوامي حقن جي جدوجهد گڏجي ڪئي آهي ۽ هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۾ صحافين جو ڪردار تمام اهم رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ صحافين جو تعلق هميشه قائم رهندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، اسان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ ڪابينا ۽ اسان جا سمورا ڪارڪن پنهنجن صحافي ڀائرن جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صحافين جي رهائش جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي صحافي ڪالونيون آباد ڪيون. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي نون ميمبرن لاءِ پلاٽ فراهم ڪرڻ ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي گرانٽ وڌائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ صحافين لاءِ پريس ڪلب تائين پيپلز بس سروس هلائڻ جو به اشارو ڏنو. هن چيو ته آئين کي مقدس سمجهڻ وارن لاءِ ڪالهه اهم ڏينهن هو ۽ ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي گولڊن جولي جي تقريب ٿي. هن چيو ته پارليامينٽ سڀ کان مقدس ادارو آهي. رياست جي ٺاهيل قانونن تي مملڪت هلندي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئيني ادارن خلاف مهم هلائيندڙن کي سڃاڻڻ گھرجي. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس ڪابينا ميمبرن ثاقب نثار سان ملاقات ڪندا آهن. هن چيو ته ڊيم فنڊ عوام آڏو اچڻ گهرجي. هن چيو ته ڊيم فنڊ ڪهڙي قانون تحت گڏ ڪيو ويو. هن چيو ته صدر غير آئيني ۽ غير قانوني ڪم ڪري رهيو آهي، صدر گھٽ عمران جو وڌيڪ ٽائيگر فورس جو ڪارڪن وڌيڪ لڳندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ مثالي ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ موذي مرض جي علاج جون اعليٰ معيار ۽ بلڪل مفت سهولتون موجود آهن. NICVD، SIUT گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز، جناح اسپتال ڪراچي جو سائبر نائف يونٽ ۽ صحت جي شعبي جا اهڙا ڪيترائي منصوبا ملڪ جي ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ موجود ناهن ۽ سنڌ حڪومت انهن منصوبن کي وڌائي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button