سنڌ

گمبٽ ۾ بايو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ سيلولر اينڊ جين ٿراپيز ۽ بايو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته روهڙي ڪئنال جي ٻنهي پاسي صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪري خيرپور ضلعي جي وڏي شهر گمبٽ کي صوبي جو پهريون ميڊيڪل شهر بڻائڻ لاءِ ڪم کي تيز ڪيو وڃي. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز وارو وزير اسماعيل راهو، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ گمبٽ کي هيلٿ سٽي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي اهو واعدو پورو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، جيڪو اسان صوبي جي عوام سان گمبٽ ۾ صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته ليور ٽرانسپلانٽيشن يونٽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جي آءِ ايم ايس) ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت تائين 700 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڪامياب ليور ٽرانسپلانٽ ٿي چڪا آهن. مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو تازو گمبٽ ۾ ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ يونٽ جو افتتاح ڪيو هو ۽ اتي جو برنس يونٽ پڻ شاندار نموني سان ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سبب سڄي پاڪستان مان مريض علاج لاءِ هتي اچي رهيا آهن. GIMS جي ڊاڪٽر شهزاد سرور سنڌ جي وڏي وزير کي هڪ جامع پريزنٽيشن ڏني ۽ چيو ته سيلولر اينڊ جين ٿراپي يونٽ صحت جي سارسنڀال بابت تيز سان ترقي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سيلولر ۽ جين ٿراپي جي عمل ۾ بيمارين جو علاج سيلز ۽ جين جي استعمال سان ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي کي هدايت ڪئي ته گمبٽ ۾ بايو ميڊيڪل انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪيو وڃي. وڏي وزير وي سي اين اي ڊي ۽ ڊائريڪٽر گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز ٻنهن کي صلاح ڏني ته گڏجي ويهي بائيو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪريو. سنڌ جي وڏي وزير GIMS جي ڊاڪٽر ڀٽي پاران GIMS ۾ سيلولر ۽ جين ٿراپي قائم ڪرڻ جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گمبٽ ۾ روهڙي ڪئنال جي ٻنهي ڪنارن تي موجود زمين تي صحت جون مختلف سهولتون قائم جهڙوڪه گهڻ وقتي سارسنڀال ۽ بيسڪ هيلٿ ڪيئر قائم ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ هي شهر ميڊيڪل سياحت بڻجي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيڪريٽري ورڪس کي هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي کان گمبٽ هيلٿ سٽي تائين فلائي اوور جي تعمير ۽ روهڙي ڪئنال جي بندن کي پل ذريعي ڳنڍڻ لاءِ منصوبو تيار ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته گمبٽ کي هيلٿ سٽي بڻائڻ لاءِ صلاحڪار جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button