اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليزلي اسڪينلون ڪالهه اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪئناڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ هن پاڪستان مان افرادي قوت ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button